مائي سنڌو پاتڻي جو پتڻ، لڄان جتڻ جا عزيز، وڻجارا ۽ مياڻين جا مالڪ ميربحر

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مائي سنڌو پاتڻي جو پتڻ، لڄان جتڻ جا عزيز، وڻجارا ۽ مياڻين جا مالڪ ميربحر

    تحرير ۽ تصويرون : عثمان راهوڪڙو

    [​IMG]

    ڪوٽڙي کان هيٺ هن وقت سنڌو درياءُ جي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو گھربل مقدار به نٿو ڇڏيو وڃي، اهو سنڌو جنهن سان ويڌن کان وٺي سهڻي جي ٻڏڻ تائين جا انوکا داستان ۽ مٿس لکيل ويدن جا اشلوڪ گواهه آهن، جڏهن کان ڪوٽڙي تي هٿراڌو بئراج ذريعي سندس وهڪرو بند ڪري ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي گھربل مقدار کان گھٽايو ويو آهي ته سوين مياڻيون تباه ۽ برباد ٿيون آهن، اتي جيڪا انساني لڏپلاڻ ٿي ، جھنگلي ۽ آبي جيوت جي حياتين کي خطرا پيدا ٿيا، تن سميت ٻيلو تباهه ٿيو، پلي جو نسل ختم ٿي ويو، هيچريون، تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا ۽ سمنڊ مست هاٿي جيان ڌرتي پائي اڳتي وڌڻ لڳو، اها ڪهاڻي صدين جي نه بلڪه 1994ع کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪوٽڙي وٽان سنڌو درياءُ تي بئراج 1956ع ڌاري اڏيو ويو هو، ۽ پوءِ 1994ع کان پاڻي جي کوٽ سبب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ هر سال گھربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ کان پوءِ هاڻي ته هر سال ڏهه مهينا ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامندي رهندي آهي، جنهن ڪري ڪوٽڙي کان هيٺ آبي ۽ جھنگلي جيوت سميت ماڻهو دربدر ٿي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ويا ۽ رهيا آهن،درياءُ جي ڇولين ڇُلڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڪُنن جا ڪڙڪاٽ به نه رهيا آهن، انڊس ڊيلٽا تباهه ۽ برباد ٿي وئي آهي ، سمنڊ جون ڇوليون آهن، جيڪي ڌرتي جو سينو چيري هاڻي سنڌو جي دولهه درياءُ خان پل تائين اچي ويون آهن، سنڌو درياءُ جي سنگم جا اهي به ڏينهن هئا، جڏهن درياءُ مها ساگر ۾ سمائبو هو، هاڻي ته درياءُ جو مها ساگر کان اهو رشتو به ڇنو ويو آهي،جنهن جو ڏک ڪنارن کان وڌيڪ مير بحرن کي آهي، اهو به وقت جو سنڌو جي ڊيلٽا ۾ سنڌو درياءُ يارنهن ڦاڪن ۾ وهندو هو جن ۾ پراڻ ، نار ، نيرو يا ساڱرو، ريڻ ، ڳٺو، پٽيهل ، گونگڙو ۽ سمنڊ سان لاڳو لاتعداد ڇاڙون ، ڍورا ۽ ڦاڪ موجود آهن جن مان گهڻا ته سنڌو درياءُ جا ڇوڙ آهن ،1796ع تائين بڳهاڙ شاخ ٻن حصن ۾ وهندي هئي، هڪ کي بگهاڙ ۽ ٻي کي شاهه شاخ سڏبو هو، جن مان جهاز راني پڻ ٿيندي هئي.1837ع کان بعد پٽي،جوڻا، ڪڪي ، کڏي، رچيل مل ۽ حجامڙو ڏسڻ آيا.مل شاخ تي شاهه بندر اڏيل هو جيڪو 1889ع واري زلزلي کان پوءِ ويران ٿيو، درياءُ جا اهي وهڪرا جڏهن مها ساگر ۾ سمائبا هئا ۽ انهن سنگم واري ماڳن تي جڏهن ديبل بندر ، اورنگا بندر ، علي بندر،سنڌڙي بندر،شاهه بندر، لاهري بندر يا لاڙي بندر اڏيل هئا جيڪي گھڻي ڀاڱي سنڌو جي ڇوڙ ۽ سمنڊ تي قائم هئا.انهن مان صرف لاڙي بندر بابت ابن بطوطه هن طرح ذڪر ڪيو آهي هي بندر مکيه بندر هوندو هو ،جتي يمن ، فارس ۽ ٻين هنڌن جا ماڻهو ايندا هئا ۽ منجهانئس سٺ لکن جو محصول ڪٺو ٿيندو هو.هن وقت اهو بندر به تباهه ٿي ويو آهي،ان جيان ٻين بندرن جي پڻ هاڪ هئي ، جتان ڏيساورن ڏانهن ٻيڙياتا ايندا ۽ ويندا هئا، ڏسي ڏياري سامونڊي سڙهه سنڀائيندا هئا ۽ پوءِ مختلف پتڻ تي جن ۾ سوکي پتڻ، ونگائي پتڻ، پالڪي پتڻ ، باگا پتڻ ، پاريڙي پتڻ ، سيد پور پتڻ، ٺٽو پتڻ، سورجاڻي پتڻ، مولچند پتڻ، جھرڪ پتڻ ۽ تڙن تي سندن وهون انتظار جي بتيلن ۾ درياءُ شاه تي آکا ڀاسينديون هيون.جڏهن سامونڊي تڙن تي ايندا هئا ته سندن انتظار ڪندڙ ناريون فانوس ٻاري آکا ارپنا ڪنديون هيون.۽ انهن تڙن تي مون مرکان بڻجي تنهنجا لاڏا ڳايا جي لوڪ گيت وانگر سڄڻ جي سار جا گيت ڳائينديون هيون. هاڻي اتي سمنڊ جون ڇوليون مستيون ڪري رهيون آهن. اهڙي پس منظر تي شاعر حسن درس هئين چيو ته؛

    ”جاڳ جي ٻيڙي ته پرزا ٿي چڪي
    شاهبنـــــــدر ڇـــو ڀلا سمهين نــٿو.!“

    شاعري واري صدا جڏهن مون ٻڌي ته منهنجي اڳيان شاهبندر ڀرسان ابن شاهه جي ٽڪري وٽان سنڌو درياءُ جو وهڪرو ۽ مائي سنڌو پاتڻي جو پتڻ ياد اچي ويا، جتي ڪڏهن خوشين جا گيت گونجندا هئا ۽ مائي سنڌو پاتڻي پنهنجي پتڻ سان انهن کي جڏهن ٻي پار پهچائيندي هئي تڏهن هتي رنگ ئي نرالا هوندا هئا.آڏاڻن تي سُٽ ڪتبو هو، ڳاڙهن چانورن جا کراڙن جا کراڙ پيل هوندا هئا، سنڌي گيهه ۽ چانورن سان ڀريل اٺن جون قطارون پيون لڏبيون هيون، اتان کان سنڌو جي وهڪري جي منهن موڙڻ بعد ابن شاهه جي ٽڪر ۾ ڪڪرالي جي والي ڪيهرن واري مشهور قبرستان ۾ مائي سنڌو پاتڻي جي وفات تي کيس دفن ڪري سندس قبر مٿان يادگار طور ڇٽڙي اڏي ان تي نادر نموني جي چٽسالي ڪئي وئي.زلزلن ، طوفانن،برساتن سبب اها ڇٽڙي ڀُرندي رهي. هن وقت مائي سنڌو پاتڻي جي ڇٽڙي جي جيڪڏهن مرمت نه ٿي ته اها تاريخ جي اهم ڇٽڙي به ڊهي ويندي. درياءُ بادشاهه جا رخ بدلبا رهيا ، انگريز ليکڪ ٽي ايس پوسٽرن،ابن بطوط، ايڇ ايم پنهور،ڊاڪٽر غلام علي الانا ، مرزا قليچ بيگ، ڪمانڊر ڪاليس، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، شيخ محمد سومار، رسول بخش تميمي، سميت ٻين تاريخدانن سنڌو درياءُ جا جيڪي وهڪرا بيان ڪيا آهن تن جي رخ تبديل ڪرڻ تي جيڪا تباهي ٿي ان جو درد صدين کان انڊس ڊيلٽا جا رهواسي ڀوڳيندا رهيا آهن. شاه سائين جي بيت جي هي سٽ تاريخ جي گواهي هن طرح ڏي ٿي ته

    نه سي تڙ هوڙاڪ نه سي وايون وڻجارن جون

    سو هن پٽ اهم ماڳ ، رڙي،محمد تر،پير پٺو، ڪيٽي بندر، شاه بندر،ڀنڀور،روپا ماڙي، نند ڪوٽ،احمد راڄو،علي بندر، سنڌڙي بندر، لاهري بندر، ڪينجهر جون سنڌو واريون ڪنڌيون. مڪلي، سونڊا ،ولاسو ، ونگو به ويران ٿي ويا. اتي خشڪي وارا اهي رستا جتان ڪڏهن اٺن تي ڳاڙها چانور ۽ سنڌي گيهه جون قطارون لڏبيون هيون اهي به 1947ع ۾ هند ۽ پاڪ ٻه جدا وطن ٿيڻ سبب به ويران واٽون ٿي ويا آهن. موکي جا مٽ به نه رهيا آهن. ۽ ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي به الاجي ته ڪيڏانهن ويا، رامڪلي ڪنهن نه جھلي جا ڪن ڪٽ ڪاپڙي ڪنوٽيا ڪن چير به پنهنجي ماڳ تي موجود ڪونه آهن ته جوڳيئڙا پتڻ به ويران ٿي ويو آهي. انهن لاءِ به اهي واٽون ۽ هي پٽ واجھائين پيا، شاه سائين سر ڏهر ۾ اهڙي پس منظر کي هئين بيان ڪيو آهي ته ” سر سڪا سونگي ڪيا “ وانگر روپا ماڙي کان وٺي سسئي جي ڀنڀور تائين انڊس ڊيلٽا جو نقشو ئي تبديل ويو آهي، لڄان جتڻ جا عزيز جت هن ويران پٽي تي موجود آهن پر وٽن اٺن جا وڳ نه رهيا آهن، اهي هاڻي کاري مان سانا جھلي پيٽ گذر ڪن ٿا، مير بحرن جون مياڻون ۽ وڻجھارن جا تڙ ويران ٿي ويا آهن،ان درد تي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاه سميت سنڌ جا گھڻگھرا سالن کان انڊس ڊيلٽا جي بحالي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ ۽ سمونڊ جي بي لغام ڇولين کي روڪڻ لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن.فشر فوڪ جي چيئرمين محمد علي شاهه جي شريڪ حيات سيد طاهره شاهه انڊس ڊيلٽا جي بحالي واري تحريڪ دوران روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي وئي. پر اقتداري ايوانن ۾ اهو آواز ٻڌو اڻ ٻڌو ٿيندو رهيو آهي، هاڻي هتي ويرانن اهڙو واسو ڪيو آهي جو هي پت ڏسڻ سان هيئن لڳي ٿو ته

    نه سي وونئڻ وڻن ۾ ، نه سي ڪاتاريون
    پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو