پيرن جي کڙين ۾ سوُر

'صحت سرير جي' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2016۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    گذريل 6 مهينن کان پيرن جي کڙين ۾ سوُر محسوس ڪري رهيو آهيان.. خاص طور صبح جو اٿڻ وقت.. پهريان عارضي سمجهي پين ڪلر دوائون واپرايون پر سُور ۾ هميشه عارضي فائدو ٿي مليو.. چپل ۽ جوتا به تبديل ڪندي ڪجهه نرم کُڙيل وارا پائڻ شروع ڪيا اٿم پر فرق نه ٿيو آهي.. ۽ سُور هاڻي ته هر وقت رهي ٿو... ڪنهن دوست جي مشوري سان شگر ٽيسٽ ڪرايم جيڪا پڻ 122 تائين ٻڌائي وئي...
    حڪيم احسن سنڌي ، حڪيم عبدالقادر ، حڪيم محمد يوسف کتري سميت محترم ڊاڪٽر ممتاز قريشي جن کي مشوري سميت اعلاج جي ڏس پتي لاءِ واهر ڪجي ٿي..!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا انهي سلسلي ۾ جيسيتائين حڪيم صاحبان ۽ ڊاڪٽرن جا مفيد ۽ ڪارائتا مشورا اچن ، تيسين هڪ ڪمتر نسخو عرض ڪري رهيو آهيان توهان ڪجھ ڏينهن حُرٻو کائڻ شروع ڪيو جنهنکي اردو ۾ ميٿِي به چيو ويندو آهي ، سدا سلامت هجو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    کڙي جو سُور (Heel Pain)

    [​IMG] [​IMG]

    پيرن جي تڪليفن ۾ سڀ کان اهم کڙيء جو سُور (Heel Pain) آهي. عام طور تي اهو سُور پير جي کڙي واري هڏي (Calcaneus) جي بلڪل هيٺ ٿيندو آهي. جنهن کي پلانٽر فيشائيٽس (Plantar Fascitis) چوندا آهن.

    ڪن ماڻهن کي وري کڙي جي بلڪل پويان گوشت ۾ اهو سُور پوندو آهي. جنهن کي (Achilles tendinitis) چوندا آهن.


    [​IMG]

    کڙي جو سُور عام طور تي هلڪو يعني برداشت جي سهپ وارو هوندو آهي. اڪثر مريضن ۾ پاڻ مرادو ختم به ٿي ويندو پر ڪجهه مريضن ۾ سُور جي شدت وڌيڪ ٿيو وڃي ۽ ڪافي عرصي تائين اهو سُور مسلسل پوندو رهندو آهي.

    کڙي جي سُور جا ڪارڻ

    • لاڳيتو پيرن جي کڙي تي زور پوڻ.
    • سخت زمين تي گهڻو وقت وزن کڻي بيهڻ.
    • روزاني ڪم ڪار دوران گهڻو وقت هلڻ.
    • جسم جي ٿولهه.
    • جبلن، ٽڪرين مٿان ناهموار سطح تي هلڻ.
    • جسم جي سهپ کان وڌيڪ ڊوڙڻ.
    • نامناسب جوتن جو استمال وغيره.
    پلانٽر فيشائيٽس ۾ کُڙي جي هڏي ۾ تيز سُور محسوس ٿيندو آهي. خاص طور تي صبح جو اُٿڻ کان پوء شروعاتي چند قدم کڻڻ دوران اهو سُور پوندو آهي.
    ڪجهه مريضن ۾ آرام دوران سُور جي شدت ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ٿي ويندو آهي پر سمهڻ وقت سُور جي شدت گهٽ ٿي ويندي آهي.

    کڙي جي سُور کان بچاء جون احتياطي تدبيرون

    • گهڻو ڊوڙڻ ، لاڳيتو بيهڻ ۽ سخت زمين تي هلڻ کان مڪمل پرهيز.
    • گهڻو وزن کڻي هلڻ کان پرهيز.
    • پير اُگهاڙا ڪري سخت زمين تي هلڻ کان پرهيز.

    کڙي جي سُور جو علاج:

    • سُور ختم ڪندڙ دوائن (Pain Killers) جو استعمال.
    • ڪم ڪار دوران آرام جو وقت ڪڍڻ.
    [​IMG] [​IMG][​IMG]
    برف جو استعمال : برف جا ٽڪڙا ڪپڙي جي ڳوٿري ۾ وجهي سُور واري جاء تي 10 کان 15 منٽ لڳائڻ سان ڪافي آرام ملندو آهي.
    نوٽ: برف کي سڌوسنئون کڙي تي لڳائڻ کان پرهيز ڪجي.

    مناسب جوتن جو استعمال: پير جي ماپ مطابق آرامده جوتن جو استعمال ڪرڻ گهرجي.


    رات جو کڙي کي آرام پهچائيندڙ خاص قسم جا جُراب پائڻ گهرجن.


    [​IMG] [​IMG] [​IMG]

    جيڪڏهن جسم جو وزن وڌندڙ هوندو ته ان جو سڌو اثر کڙي تي به پوندو آهي انهيڪري کڙي جي سُور جي علاج دوران وزن گهٽ ڪرڻ گهرجي.

    اهڙن جوتن جو استعمال ڪرڻ گهرجي جن ۾ کُڙي لاء نرم ڪپڙن جا تهه موجود هجن. ڪڏهن به اهڙا جوتا استعمال نه ڪجن جن جون کڙيون هيٺ (دٻيل) هجن.


    [​IMG]
    انهن احتياطي تدبيرن ۽ آسان ٽوٽڪن سان عام طور تي کڙي جو سُور ختم ٿي ويندو آهي پر جيڪڏهن فائيدو نه ٿئي ته پوء هڏين جي ماهر ڊاڪٽر (آرٿو پيڊڪ اسپيشلسٽ) کان معائنو ڪرائڻ ضروري آهي. ان کان علاوه ڪنهن ماهر فزيوٿراپسٽ کان پيرن جون ورزشون ۽ مساج جا طريقا سکڻ به فائيدمند ٿيندا آهن.

    کڙي جو سُور هڪ عام تڪليف آهي. وقت ڪڍي ان بابت وڌيڪ تفصيل عام پڙهندڙن تائين پهچائي ويندي. انشاالله.
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    لک لائق سائين... توهان جي ايتري معلومات به اهم آهي... ڏسيل ڏانوَن تي عمل ڪبو .. ۽ وڌيڪ آگاهي ڏبي.. مهربانيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڇا هي وجه واضع ناهي ذيشان رشيد
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو