• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، افسانه نگار، ڊراما نگار، شاعر ۽ ناول نويس آغا سليم لاڏاڻو ڪري ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ZglAub6.jpg



ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، افسانه نگار، ڊراما نگار، شاعر ۽ ناول نويس آغا سليم لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

انا لله و انا اليه راجعون

___

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ ناول نگار آغا سليم جو اصل نالو آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان آهي. هن 7 اپريل 1935ع تي شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو. بي. اي. تائين تعليم ورتائين. ريڊيو پاڪستان مان اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. سندس سڃاڻ بهترين افسانه نگار، ڊراما نگار، شاعر ۽ ناول نويس طور هئي. رٽائرمينٽ کان پوءِ صحافت جي ميدان ۾ گهڙيو. پهرين روزاني ”جاڳو“ ۽ پوءِ روزاني ”سچ“ اخبار جو ايڊيٽر رهيو. سندس تصنيفون هيٺين ريت آهن: ’روشنيءَ جي تلاش‘ (ناولٽ: 1964ع)، ’چنڊ جا تمنائي‘ (ڪهاڻيون: 1967ع)، ’لذت گناهه‘ (ڪهاڻيون)، ’اونداهي ڌرتي، روشن هٿ‘ (ناول)، ’درد جو شهر‘ (ڪهاڻيون)، ’همه اوست‘ (ناول)، ’پٺاڻ‘ (ذاتيون)، ’ڌرتي روشن آهي‘ (افسانا)، ’اڻپورو انسان‘ (ناول)، ’ڍولا مارو‘ (تحقيق)، ’لالن لال لطيف ڪهي‘ (لطيف جي ڪلام جو منظوم اردو ترجمو)، ’باب فريد‘ (ترجمو ۽ تحقيق) صدين جي صدا (شيخ اياز متعلق مضمون)، سندهه ڪي موسيقي (اردو) ’بابا فريد جا دوها‘ وغيره. آغا سليم شاهه لطيف جي انهن پارکن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن شاهه جي رسالي جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، سندس ان گرانقدر ڪم تي مشتمل رساله ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (منظوم ترجمه) Mourning Melody (سر سورٺ جو انگريزي ترجمو) Melodies of Shah Abdul Latif Vol. I, II, III انگريزي ترجمو) ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن، کيس ”شاهه لطيف اوارڊ“ سان پڻ ٻه دفعا نوازيو ويو. 2005ع ۾ کيس صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي پڻ ڏنو ويو.

آغا سليم 12 اپريل 2016ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
 
محترم آغا سليم جون سنڌي ادب لاءِ، وسارڻ نه جوڳيون خدمتون آهن ـ سندس نالو سنڌي ادب ۾ سدائين روشن رهندو ـ اسان جي دعا آهي ته الله تعالى کيس جنت ۾ جايون ڏئي ـ
 
Back
Top