اڪبر لغاري جو انٽرويو

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    دوستن جي بيحد اسرار تي محترم ”اڪبر لغاري“ صاحب جو ”نئين آس“ مئگزين کي ڏنل انٽرويو مرتضا لغاري جي ٿورن سان ادب دوستن لاءِ پيش ڪجي ٿو.
    ****************************************************************************
    سوال : اوهان صحتمند ۽ معياري ادب جي واڌاري لاءِ هميشه متحرڪ رهيا آهيو، اڄ جي سنڌي ادب کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ سنڌي ادب ۾ تنقيد جو ڪارج پنهنجي معنى ڇو وڃائي ويٺو آهي؟

    مان ايئن چوندس ته هاڻي، سنڌي ادب ۾ هڪڙو نئون Revival شروع ٿيو آهي، ڇو جو 1990ع ۾ سوويت يونين ٽٽڻ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ ماٺار واري ڪيفيت شروع ٿي وئي هئي. ادب لکيو ۽ ڇپيو پئي پر ان ۾ اهو رس چسُ ۽ اهو بلند آهنگ، انداز نه هو جيڪو، سوويت يونين ٽٽڻ کان پهرين هيو. پوءِ اهو مايوسيءَ وارو ۽ Dull Period رهيو، جيڪو ڏهن پندرنهن سالن تائين رهيو. ان کان پوءِ نئين ٽهي آئي، جنهن سوويت يونين جو دؤر نه ڏٺو هو، جن سوويت يونين جو خواب يا سوويت يونين جو هڪڙو Intellectual Pleasure نه ڏٺو هو. انهن نئون ادب شروع ڪيو آهي. سنڌي ادب 1990ع تائين جيڪو رهيو آهي، انهيءَ تي حقيقت نگاري ۽ سماجي حقيقت نگاري جو تمام گهڻو اثر رهيو آهي، مارڪسي (Marxist) فڪر ۽ ترقي پسند تحريڪ جي تحت سنڌي ادب انهيءَ انقلاب ۽ سماجي حقيقت واري رُخ ۾ گهڻو رهيو آهي. هاڻي جيڪو Revival ٿيو آهي، يا ايئن کڻي چئجي نئين شئي جي شروعات ٿي آهي، اُها اِها آهي ته هاڻي ادب اسان جو جديديت پسندي ڏانهن گهڻو وڌي ويو آهي ۽ جيڪا جديديت پسندي واري تحريڪ يورپ ۾ ويهين صدي جي شروعات کان وٺي، ويهين صدي جي اڌ مني Period تائين هلي هئي، يورپ تي تمام گهڻو ان جو اثر رهيو. ان تحريڪ جا اثرات اسان تائين پهتا آهن، هاڻي اسان جا اديب ۽ شاعر ان تحت گهڻو لکي رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن پهرين ’نئين ڪويتا‘ جو به هڪڙو بحث شروع ٿيو هو، جيڪو اهو ئي هيو ’نثري نظم‘ جي حوالي سان ته: ’نظم اسان وٽ گهڻي عرصي کان لکيو ويو آهي، ان جو جيڪو فارم هو، اهو واقعي جديديت پسندي وارو هو پر ان جو جيڪوContent هو, جيڪو مواد هو، اهو سماجي حقيقت نگاري وارو هو. پر هاڻي ڪجهه وقت پهرين کان اسان وٽ فارم به جديديت پسندي وارو آهي ۽ هاڻ ان ۾ Content به جديديت پسندي وارو اچي ويو آهي، تنهن جي ڪري آئون اهو چوندس ته سنڌي ادب ۾ هاڻي جديديت پسندي تيزيءَ سان داخل ٿي رهي آهي ۽ هي هڪ Transitional Period آهي، عبوري دؤر آهي، عبوري دؤر ۾ وري ٻئي خوبيون هونديون آهن، پراڻيون به، نيون به! عبوري دؤر ختم ٿيندي ئي ان ۾ مڪمل طور تي يا گهڻي ڀاڱي ادب جديديت پسندي ڏانهن راغب ٿي ويندو آهي. انقلاب اسان جي نوجوان شاعر يا Writer ڏٺو ڪونهي، نه ڪو انهن جي دؤر ۾ ڪو انقلاب آيو آهي. انقلابن جي صدي ويهه صديءَ جي اڌ ڌاري صدي هئي. 1990ع کان پوءِ انقلاب بند ٿي ويا، ڇو جو سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ جيڪي به دنيا جون انقلابي تحريڪون، آفريڪا، ايشيا، يورپ ۽ سائوٿ آمريڪا ۾ هيون ذري گهٽ سڀ ختم ٿي ويون، ڪٿي ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ هلندي هوندي، تنهن ڪري انقلاب ڏانهن جيڪو رومانس هو ختم ٿي ويو آهي. اهو رومانس جيئن ختم ٿي ويو آهي ته ان قسم جو ادب به نه پيو سرجيو وڃي. تنهن جي ڪري اسان جو ادب هاڻي مڪمل هڪ تبديلي جي مرحلي مان گذري رهيو آهي.
    جيتري قدر تنقيد جي ڳالهه آهي ته آئون تنقيد ۾ ٻه رويا ڏسندو آهيان، اسان جڏهن بحيثيت نقاد، يا ڪجهه نقاد دوست ڪنهن شاعر جي شاعري تي ڪو تعريفي نوٽ لکندا آهن يا هن جي ڪو تفهيمي، تشريهي نوٽ لکندا آهن ته چوندا آهن واهه واهه! زبردست نقاد آ هي، هن ته ڪمال ڪري ڇڏيو. هي ته واهه جو نقاد آهي! پر انهن چئن يا پنجن صفحن جي مضمون ۾ اگر چار جملا تنقيدي اچي وڃن يا ڪنهن نقص ڏانهن اشارو ڪيو وڃي ته پوءِ نه صرف اهو نقاد ڏچي ۾ هوندو آهي، پر پوري تنقيد جو جيڪو شعبو آهي، اهو شديد لپيٽ ۾ اچي ويندو آهي ته ’تنقيد ٿيندي ڪير آهي؟ يا تنقيد ته ڪا شئي آهي ئي ڪو نه! يا نقاد اسان وٽ ڪو آهي ئي ڪو نه!‘ ان حوالي سان اسان ۾ اڻ سهپ گهڻي آهي. اسان جي اديب ۽ نقاد ۾ سهپ جو رويو گهٽ آهي. هڪ ته نقاد اسان وٽ ايترا آهن ڪو نه، نقاد گهٽ هجڻ جي ڪري هو ڪجهه کُلي ڪري لکي نه ٿا سگهن يا ته صفا اهڙو لکن ٿا جو دشمني جي حد تائين لکن ٿا، اها به خراب شئي آهي. Objective انداز ۾ اسان وٽ تنقيد گهٽ پئي ٿئي، پر پوءِ به جيئن ادب ۾ هڪڙيون نيون روايتون اچن پيون تيئن تنقيد ۾ به اهڙيون روايتون اچن پيون، تنقيد به ڪافي سگهاري ٿئي پئي. اڳي تنقيد جو ڪو نظريو ڪو نه هوندو هيو. اڳي تنقيد صرف اها هوندي هئي ته جيئن ’ترقي پسند آهن ته انهن تي رڳو رجعت پرستن جو مذهبي نقطه نگاهه کان حملو هوندو هو، ۽ انهن کي ترقي پسندن جو جواب رڳو مارڪسي نقطه نگاهه کان هوندو هو بس!‘ اهو هڪڙو جهيڙو هو.
    تنقيد هڪڙو مڪمل الڳ شعبو آهي ۽ ان شعبي ڏانهن اسان جو ڌيان صحيح طريقي سان ويو ڪو نه هو. هاڻي ماڻهو متوجهه ٿيا آهن. منهنجو به تنقيد جو ڪتاب اچي پيو، انشاءَالله ٻن ٽن مهينن جي اندر مارڪيٽ ۾ اچي ويندو. اهڙي ريت ’علي آڪاش‘، ’خليق ٻگهيو‘، ’مبارڪ لاشاري‘ ۽ اهڙا ٻيا به ڪجهه نقاد دوست آهن جيڪي اڻڌري تنقيد ڪن پيا، جيڪي نيوٽرل آهن. ڇو ته علم ۽ عقل جي تقاضا اها آهي ته نقاد کي اڻڌريو هجڻ کپي ۽ ان جو مقصد ادب، تهذيب ۽ اخلاق جو واڌارو هجي.
    **********************

    سوال : صحتمند ادب لاءِ تنقيد ڪيتري اهميت رکي ٿي. ڪجهه ان تي روشني وجهو؟

    آئون ’ٽي ايس ايلٽ‘ جو هڪڙو جملو چوندس، سندس چوڻ آهي ته: ’تنقيد ادب لاءِ ايئن ضروري آهي جيئن انسان جي لاءِ آڪسيجن!‘ آڪسيجن نه ڏيڻ سان جسم جي ڇا حالت ٿيندي اهو توهان پاڻ اندازو ڪري سگهو ٿا، تنقيد هڪ آڪسيجن هوندي آهي. نقاد مالهي وانگر هوندو آهي، اهو ٻُوٽي کي پاڙ کان ڪو نه ڪٽيندو آهي، ان جي ڇانگ ڪندو آهي، ته جيئن ان ۾ وڌيڪ خوبصورتي اچي، جيڪڏهن ان جي ڇانگ نه ٿيندي ته اهو جهنگ بڻجي ويندو. تنقيد به ايئن ضروري آهي، ڇو ته تنقيد هڪڙي جهنگ کي باغيچي جي شڪل ڏئي ٿي.
    پر تنقيد آهي ڇا؟ تنقيد جي ڪجهه وصف بيان ڪيو؟
    گهڻو ڪري ماڻهو ايئن ڪندا آهن ته هڪڙو فريم ٺاهيندا آهن ۽ پوءِ اهو ادب تي رکندا آهن، جيڪو ادب ان فريم ۾ سمائجي وڃي، چوندا واهه واهه! ۽ جيڪو ادب ان تنقيدي فريم ۾ نه سمائجي ته ان مان خاميون ڪڍندا! جيڪڏهن ڪنهن ادب کي پراڻي ڪنهن فريم ۾ فِٽ ٿيڻو ئي آهي ته پوءِ اهو ادب ته ڪو نه ٿيو، اهو ته هُنر ٿيو! اهو ورجاءُ ٿيو، ان ۾ ڪا نواڻ آهي ئي ڪو نه! ڪنهن به تنقيدي فريم ۾ اگر ڪو ادب سمائجي وڃي اهو نئون ناهي، اهو پڪ پراڻو آهي! اهو ورجاءُ آهي، اهو هنر آهي. اهو آرٽ ڪونهي! آئون چوندو آهيان نقاد جڏهن پنهنجو فريم کڻي ادب تي رکي، ته اهو ادب ان فريم کان وڏو هجي. ان فريم ۾ نه سمائجي ۽ وڏو ادب اهو هجي ٿو جيڪو نقاد جو فريم ئي ٽوڙي ڇڏي!! وڏو ادب اهو ڪو نه هوندو آهي ته جيڪي ادب جا مروج اصول هجن، مروج قانون هجن، جيڪي مروج ۽ لتاڙيل رستا هجن، انهن تي هلي پئجي ۽ ادب ٿي پوي، اهو ادب نه آهي. اهو هنر آهي، اها پيروي آهي، اهو ڏانءُ آهي پر ڏات ڪانهي! ڏات هميشه پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندي آهي، ننڍو اديب وڏن اديبن ۽ نقادن جي رستي تي هلندو آهي ۽ وڏو اديب پنهنجا رستا پاڻ ٺاهيندو آهي، پنهنجون شيون پاڻ آڻيندو آهي. رڳو روايت تي اگر هلجي، ته هي بيت جي روايت آهي، هي غزل جي روايت آهي، هي ڪهاڻي جي روايت آهي ته پو ورجاءُ ٿيندو، جيڪي شيون اچي چڪيون آهن، اهڙي ٻي شئي اچي ويئي بس! جيئن ڪنهن فيڪٽري مان ڪارون نڪرن ٿيون، ڪرولا ڪارون هزار نڪرن، سڀ هڪجهڙيون، پنج سئو موٽر سائيڪلون نڪرن سڀ هڪجهڙيون! اهڙي طرح ادب ۾ به اگر نيون شيون نه اچن ته هڪجهڙائي ٿيندي، ورجاءُ ٿيندو. ادب اهو آهي، جنهن جو بنياد روايت تي هجي پر ان جون شيون نيون هجن، ادب اهو وڻ آهي جنهن جون پاڙون بيشڪ روايت جي پاتال ۾ کتل هجن پر ان جا گُل ٻوٽا پنهنجا هجن. جي نه، ته هو به اڳ جيان لکين ڇپيل ڪتابن جهڙو هڪڙو ٻيو ڪتاب هوندو. لکين لکيل پراڻن غزلن جهڙو هڪڙو ٻيو غزل ٿيندو، يعني هڪ ٻي غزل جو اضافو! ادب کي فائدو ڪو نه ٿيو. ڪتاب جو اضافو ٿيو، پني جو زيان ٿيو، ادب جو اضافو نه ٿيو. آئون چوندو آهيان، اسان جا شاعر، اسان جا اديب، ادب جي روح کي سمجهي وڃن ته اسان وٽ سال ۾ سڄي سنڌ مان ٻه چار ڪتاب مس ايندا پر اهي اهڙا هوندا، جيڪي صدين تائين هلندا.
    **********************

    سوال: اوهان عالمي ادب کي پڙهيو آهي، عالمي ادب ۾ ناول، افساني ۽ ڊرامي جي معيار تائين تنقيد کي ڪيترو لاڀائتو سمجهيو وڃي ٿو؟

    عالمي ادب ۾ جيڪي وڏيون تحريڪون آيون آهن، انهن جا وڏا اديب وڏا نقاد به هئا. انهن ادب ۽ تنقيد کي گڏ هلايو، تڏهن اهي تحريڪون ڪامياب ويون.
    مثال طور: جنهن وقت ۾ نو ڪلاسيڪي دؤر ادب ۾ شروع ٿيو، نيو ڪلاسيڪل جنهن کي چوندا آهن. هي اهو زمانو هوBolton، Johnson، Alexander Pop، John Rider وارو ته، انهن ادب کي مڪمل طور تي چئينج ڪرڻ لاءِ هڪڙو نئون نظريو ڏنو ته ادب کي هيئن هجڻ کپي، جيئن يونانين ۽ رومين لکيو. پوءِ ان دؤر جا ٽي وڏا شاعر جيڪي ٽي وڏا نقاد به آهن Alexander Pop جيڪو ان دؤر جو تمام وڏو شاعر به هو ۽ وڏو نقاد به هو، هن جو جيڪو تنقيدي مقالو آهي اهو سڄي جو سڄو شعر ۾ آهي. ان جو نالو آهي Defense Of Poetry، ٻيو Dryden پنهنجي دؤر جو وڏو شاعر ۽ وڏو نقاد، ان کان پوءِ Johnson جنهن انگلش Oxford ڊڪشنري لکي. ان کان پوءِ اها ڊڪشنري هن مهل تائين چار سئو سالن کان رپيٽ ٿيندي پئي اچي، ان ۾ نوان لفظ به ايندا ٿا وڃن. Johnson اهو ماڻهو هو جنهن اٺن سالن ۾ اها ڊڪشنري لکي هئي ۽ ساڳي طرز جي ڊڪشنري جڏهن فرانس وارن لکڻ شروع ڪئي ته چاليهن ماڻهن پنجٽيهن سالن ۾ اها ڊڪشنري لکي. پاڻ وڏو نقاد هو. انهن ٽنهي نقادن جي ڪري ان وقت نيو ڪلاسيڪل تحريڪ ڪامياب ٿي هئي. يعنى ادب کي ان وقت به تنقيد جو سهارو وٺڻو پيو. ان کان پوءِ وري انهيءَ School Of Thought جي رد ۾ رومانوي تحريڪ آئي. رومانوي تحريڪ جا وڏا شاعرWilliam Wordsworth، Keats،Shelley، Byron،William Blake ۽ Samuel Taylor Coleridge. انهن ڇهن وڏن شاعرن پنهنجي شاعري ۽ تنقيد وسيلي رومانوي تحريڪ کي عروج تي پهچايو. انهن ۾ ٽي وڏا نقاد. William Wordsworth، جو مشهور تنقيدي مقالو آهي Lyrical Ballads‘ Samuel Taylor Coleridge جو تنقيد تي تمام گهڻو ڪم ٿيل آهي. Shelley جيترو وڏو شاعر آهي اوترو وڏو نقاد آهي.A Defense Of Poetry ان لکيو. يعنى ان وقت جي جيڪا رومانوي تحريڪ هئي، اها پنهنجي شاعري، ادب ۽ تنقيد جي ڪري ڪامياب ٿي. ويجهڙائي يعنى گذريل صدي ۾ جديديت اسان جي وڏي ادبي تحريڪ آهي. جديديت ادبي تحريڪ جا وڏا رائيٽر T.S. Eliot، Ezra Pound،Eugene O’Neill ، ۽ ٻيا به کوڙ سارا نالا آهن، پر انهيءَ ۾ گذريل صديءَ جا ٻه وڏا شاعر وڏا نقاد به آهن، ’ونيٽي ايس اليٽ‘، جيترو وڏو شاعر آهي اوترو وڏو نقاد آهي، ان کي ادب جو نوبل انعام مليو ۽ Ezra Pound. هنن پنهنجي تحريڪ کي شاعري ۽ ناول سان ڪامياب ڪيو ۽ انهن تنقيد جو به سهارو ورتو. ان ڪري آئون ايئن چوندس ته ڪوبه ادب، پاپولر تيسيتائين نه ٿي سگندو آهي جيسيتائين ان کي ان ليول جي تنقيد نه ملي سگهندي. ڇو جو شاعر جيڪڏهن کلي ڳالهه ڪري ته ان شاعري مان مزو ۽ رس چسُ ختم ٿي ويندو. هر ڳالهه کولي رکندو آهي سُگهڙ! سُگهڙ ۽ شاعر ۾ فرق آهي. سُگهڙ جي ڳالهه کي ننڍڙو ٻار به سمجهي ويندو آهي. شاعر هر ڳالهه کولي نه ڏيندو آهي، ايئن کڻي چئجي ته شاعر گودڙي ڏيندو آهي لعل نه ڏيندو آهي، لعل ان گودڙي ۾ پيل هوندو آهي. نقاد جو ڪم آهي جيڪڏهن اهو صحيح نقاد آهي ته ان گودڙيءَ مان لعل ڪڍي اچي نه ته اهو لعل ان گودڙيءَ ۾ دفن ٿي ويندو. اهو ادب ان گودڙيءَ ۾ دفن ٿي ويندو، جي انهيءَ کي سُٺو نقاد نه ٿو ملي. اهڙي طريقي سان نقاد جو ڪم آهي کاڻ کوٽڻ. اديب شاعر هڪڙي پهاڙ جيترو ڪم ڏئي ٿو. ان پهاڙ ۾ هيرا موتي اندر لڪل آهن. کاڻ کوٽيندڙ 28 مڻ مٽيءَ جڏهن ڇاڻيدا آهن ته تولي جو ڏهون حصو سون نڪرندو آهي. 28 کي ڏهن سان Multiply ڪيو ته 280 مڻ جڏهن مٽي يا پٿر ڪڍندا آهن ته ان مان هڪ تولو سون جو نڪرندو آهي. نقاد به جڏهن 280 صفحا پڙهندو تڏهن ان تي هڪ صفحو تنقيدي نوٽ لکي سگهندو. نقاد ڪنهن به شاعر جو وڏي ۾ وڏو مداح هوندو آهي ڇو جو جيترو غور سان توهان جي شاعري نقاد پڙهي ٿو ايترو توهان پاڻ به ڪو نه ٿا پڙهو. ان ڪري جيڪڏهن هو تنقيد ڪري ٿو ته ان کي گهرائي سان پڙهڻو پوندو. باقي نقاد جيڪڏهن اهو سوچي ته آئون هن کي پڙهان پيو ته پڙهندي پڙهندي جيڪي منهنجي پسند واري نظريي سان ٺهڪندڙ شيون آهن، رڳو اهي کڻي اچان ته اهو اڻڌريو نه آهي. نقاد تنقيد ڪرڻ وقت پنهنجي شخصيت کي سائيڊ تي ڪري رکي، ان جو جيڪو نظرياتي ذهن آهي ان کي ٿوري دير جي لاءِ بند ڪري ڇڏي ۽ پوءِ اڳيان آڻي تجزياتي ۽ جمالياتي ذهن. آئون مثال طور تي ڪنهن بهSchool Of Thought سان تعلق رکان ٿو، آئون مارڪسسٽ آهيان، جيڪڏهن آئون مارڪسس ٿي ڪنهن ڪتاب جو جائزو وٺندس ته آئون ان ۾ رڳو مارڪسي شيون ڏسندس ۽ جيڪڏهن ان ۾ مارڪسي شيون نه هونديون ته چوندس ڪلاس اسٽرگل ڪٿي آهي؟ هن ۾ طبقاتي جدوجهد ۽ انقلاب ته آهي ڪونه! پر آئون نظرياتي ذهن پاسي تي رکي تجزيو ڪريان ته هن ڇا لکيو آهي؟ هتي ڇا چوڻ کپي؟ ڇا لکڻ کپي، ان کي ڇڏي اهو ڏسان ته هن هتي ڇا چيو آهي؟ ان کي آئون ڏسان ۽ پوءِ جمالياتي ذهن کي ڪم آڻيندي ان مان پاڻ به مزو وٺان ۽ ان کي ٻين تائين به پهچايان، نقاد جي پنهنجي ٽيسٽ اها آهي، ادب پڙهندي جيڪڏهن هن کي مزو اچي ته ان جو مطلب هو ان وقت ۾ پنهنجي شخصيت کي ڇڏي ڪري هو خالص نقاد آهي، ڇو جو ان کي مزو به اچي ٿو پر جيڪڏهن ادب ۾ ان کي مزو نه اچي، ان جو مطلب ته هن جي پنهنجي شخصيت ويٺي آهي ڪو نظريو کنيو ويٺو آهي ان نظريي سان ٺهڪندڙ شئي نه پئي مليس تڏهن مزو نه پيو اچيس.
    **********************

    سوال: سنڌي ادب ۾ ناول جي کوٽ بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟

    هن وقت ناول جي ايتري کوٽ به ناهي جيتري اڳي هئي، هاڻي ناول لکجن پيا، سُٺا ناول لکجن پيا اوهان جا پنهنجا ناول به آهن، ٻين دوستن جا به ناول اچن پيا. هاڻي ايندڙ دؤر ناول جو آهي، جيئن يورپ، آمريڪا ۽ پوري دنيا ۾ هينئر افسانو ۽ شاعري ڪافي حد تائين پسِ پرده هليا ويا آهن، هينئر ناول اڳتي آهي، ڇو جو ناول ۾ توهان معاشري جون گهڻيون شيون ڏئي سگهو ٿا، افساني ۾ صرف هڪڙو Aspect ڏئي سگهو ٿا، شاعري ۾ به محدود Aspect آهن، پر ناول ۾ توهان زندگيءَ جي سڀني رُخن تي لکي سگهو ٿا. انهيءَ ڪري توهان ڏسو ته يورپ جو ذهن Objective ٿي ويو آهي ۽ Objectivity هن کي ناول ۾ ملي ٿي. شاعري Subjective آهي تنهن ڪري هنن گهڻو وقت پهرين Romanticismکي الوداع چيو ۽ هو اچي ويا ناول واري دؤر ۾. توهان ڏسو ته جنهن وقت سوا سئو سال رومانوي شاعري جو دؤر هو، ان کان پوءِ فرانس وارن موپاسان، رشيا ۾ چيخوف Dostoyevsky، Tolstoy، Gogol، انهن حقيقت نگاري ۽ ناول نگاري ڏانهن توجهه ڏنو. هنن چيو ته گهڻو ئي Emotional ٿياسين، گهڻو ئي شاعري ڪئيسين، ٻُڌيسين، هاڻي اچو ته دنياداري جو ڪم به ڪيون. ان ڪري هو ناول ڏانهن راغب ٿيا. Objectivity ڏانهن راغب ٿيا. ان کان پوءِ جديديت پسندي آئي، انهن شاعري به ڪئي پر انهن جو گهڻو زور ناول تي هيو. رومانوي تحريڪ کان پوءِ لڳاتار ناول لکبو پيو اچي. تنهن ڪري هاڻي مان ايئن چوندس ته اڳيون دؤر ناول جو آهي ۽ هاڻي اسان جا رائيٽر ناول لکن پيا.
    **********************

    سوال : هن وقت سنڌي جا ڪهڙا ناول معياري چئي سگهجن ٿا؟

    جيڪڏهن آئون 50 سالن جي ناول تي مختصر ڳالهه ڪيان ته آغا سليم جو سُٺو ناول آهي’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ ان کان پوءِ ان دؤر ۾ ايم آر ڊي تحريڪ هئي ۽ ون يونٽ ٽٽي چڪو هو، قومپرستي عروج تي هئي ان وقت سراج جا ٻه ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ ۽ ’پڙاڏو سو ئي سڏ‘. حالانڪه انهن ۾ فني طور تي ڪچايون هيون پر اهي Thematic هئا، ان جي ڪري اهي ناول ڏاڍا ڪامياب ٿيا. غلام نبي مغل ڪافي ناول لکيا آهن، مهتاب محبوب صاحبه ناول لکيا آهن، پر ويجهڙائي ۾ جيڪي ناول اچن پيا يا آيا آهن، انهن ۾ مون کي سڀ کان وڌيڪ طاقت ور ناول رسول ميمڻ جو ناول ’نجومي‘ لڳي ٿو، ان جا ٽي ناول آهن’اڻويهه عورتون‘، ’نجومي‘ ۽ ’ڪالوبلا‘. ڪالوبلا ۽ نجومي، اهي ٻئي ناول مون کي تمام بهترين لڳا. بلڪه آئون ايئن چوندس ته نجومي جي ليول جو ناول اڃان تائين سنڌي ۾ نه لکيو ويو آهي. هي مختلف ۽ شاندار ناول آهي. ج ع منگهاڻي صاحبه جو ناول ’رُڃ‘ تمام سُٺو ناول آهي. انور شيخ جو ناول به سُٺو آيو آهي. انهن سڀني ناولن ۾ تنقيدي نگاهه سان ڏسجي ته ڪجهه نه ڪجهه خاميون به آهن، پر انهن چند خامين جي ڪري ڪنهن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. ان شئي جي اهميت پنهنجي جڳهه تي تمام گهڻي آهي. تنهن ڪري آئون ايئن چوندس ته ويجهڙائي ۾ ناول لکيو وڃي پيو ۽ اڃان به اميد آهي ته سُٺو لکبو.
    **********************

    سوال : سنڌي ڪهاڻي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته جمال ابڙي ۽ نسيم کرل کان پوءِ زوال جو شڪار ٿي وئي آهي، ان بابت اوهان ڪهڙي راءِ رکو ٿا؟

    ڪهاڻي زوال جو شڪار هئي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي، سنڌي ڪهاڻي ۾ اسان وٽ ٻه ٽي ڌارائون آهن. جمال ابڙو هڪ ظالم حقيقت نگار آهي ۽ حقيقت نگاريءَ ۾ جمال ابڙي جهڙي ڪهاڻي اڄ تائين نه لکي وئي آهي. سنڌي ادب جمال ابڙي کان پهرين يا جمال ابڙي کان پوءِ، (جنهن ۾ Pathways هجي) پيٿاز ليول جي ڪهاڻي ۾ جمال ابڙي جي ڪهاڻي جو هڪڙو رڪارڊ آهي، اهو اڃان تائين ڪنهن نه ٽوڙيو آهي، نسيم کرل بلڪل ٻي School Of Thought جو ماڻهو آهي، نسيم کرل جي ڪهاڻي، سماجي تنقيد آهي، پر ان ۾Pathways ناهي اها انٽرٽينمينٽ واري انداز ۾ آهي اها satire واري انداز ۾ آهي. ٻئي سماجي تنقيد واري انداز جا ڪهاڻيڪار آهن، پر نسيم کرل جي جيڪا ڪهاڻي آهي اها پڙهندي پڙهندي توهان کي کل به ايندي، انجواءِ به ڪندؤ ان ڪهاڻي ۾ جيڪا طنز هوندي آهي ان طنز کي به انجواءِ ڪندؤ، جمال ابڙي جي ڪهاڻي پڙهي اگر اوهان جي اکين ۾ ڳوڙها نه اچن ته جمال ابڙو ٿيو ڇا! ان کان پوءِ ڪهاڻي گهڻي لکي وئي، پر اهي جيڪي ٻه Standard ڪيا ويا هئا، ڪهاڻي ان اسٽينڊرڊ تي نه پهچي سگهي. پر هاڻي ايئن به ڪونهي ته ادب ۾ ٻه Standard ٿي ويا ته هاڻي بس! شاعري ڪو نه ڪندو؟ شيخ اياز تمام گهڻوStandard مقرر ڪري ويو، تنهن جي ڪري هاڻي شاعري نه ڪجي؟ ايئن ڪونهي. شاعري لکجي پئي ۽ لکي ويندي افسانو به لکجي پيو. وري به آئون رسول ميمڻ جو نالو کڻندس، منور سراج جو نالو کڻندس، انور شيخ جو نالو کڻندس. منور ۽ رسول ميمڻ ٻئي جديديت پسند آهن ۽ انور شيخ حقيقت نگار آهي. اهڙي نموني سان حقيقت نگاري ۽ جديديت پسندي ٻنهي پاسي لکندڙ ممتاز بخاري آهي، ان جا به افسانا تمام سُٺا آهن. ان جو ناول به ڏاڍو سُٺو آهي. ٻيا به افسانا لکن پيا پر گهڻا افسانا ڀراءَ ۽ ورجاءُ آهن. ڪا نئين شئي نه ٿي ملي، يا ته ڀلا ٻوليءَ جي نواڻ هجي، ٻوليءَ جو رسُ چس هجي، ڪي فڪري شيون نيون هجن، اسلوب نئون هجي، ڪردارن جي نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ هجي، اهڙي شئي نه ٿي ملي يا گهٽ ٿي ملي.
    **********************

    سوال : ڪهاڻي ۽ ناول ۾ ڪهڙو فرق هجڻ گهرجي ؟ توڙي جو تمام گهڻيون ڪهاڻيون طويل به لکيو ويون آهن؟

    ڪهاڻي هجي يا مختصر ناول، فرق ٻنهي ۾ برقرار رهندو، ڪهاڻي پنجاهه صفحن جي به ٿي سگهي ٿي، ناول پنجٽيهن صفحن جو به ٿي سگهي ٿو. پر ٻنهي ۾ فني طور تي فرق آهي. ڪهاڻي جو جيڪو Theme هوندو آهي، اهو سنگل هوندو آهي، Singular هوندو آهي ناول جا ٿيمPlural هوندا آهن. ناول ۾ هڪ کان وڌيڪ ٿيم به ٿي سگهن ٿا، زندگيءَ جا مختلف رُخ به اچي سگهن ٿا. ڪهاڻي ۾ هڪڙو ئي رُخ اچي ٿو، تنهن جي ڪري ڪهاڻي کي ايترو طويل به نه هجڻ کپي جو ڪنهن هڪڙي ڳالهه کي بار بار ورجائجي. ڪهاڻي جو هڪڙو مخصوص سٽاءُ آهي، ڪهاڻيون وڏيون به آهن، انگريزي ادب جون به ٽيهن چاليهن صفحن جون ڊگهيون ڪهاڻيون مون پڙهيون آهن پر اها ساڳي شئي جيڪڏهن چئن صفحن ۾ به ٿي سگهي ٿي، جنهن جو نالو ئي شارٽ اسٽوري آ ته ان تي چاليهه صفحا لکڻ جي ضرورت ڪونهي. پر ناول کي منهنجي حساب سان گهٽ ۾ گهٽ ٻه سئو صفحا هجڻ گهرجن، ٻه سئو صفحن کان گهٽ ناول کي پڙهڻ ۾ ڪجهه تشنگي رهجي وڃي ٿي. ڇو جو ناول ۾ گهڻيو شيون هجڻ گهرجن.
    **********************

    سوال : سنڌي ادب ۾ شارٽ اسٽوري جي ڪيتري اهميت آهي؟

    اهي تجربا آهن! فرق اهو آهي ته جيڪا شارٽ اسٽوري آهي يا مائڪرو ڪهاڻي آهي، ان جا ڪردار کنيا ويندا آهن هونئن ناول لاءِ توهان کي ڪردار Develop ڪرڻا پوندا آهن نه! ناول ۾ ڪردار کي ڊولپ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن 50 صفحا خرچ ڪرڻا پوندا آهن، پنجن صفحن جي ڪهاڻي آهي ته ان ۾ توهان کي هڪ صفحو ڪردار کيDevelop ڪرڻ لاءِ ڏيڻو پوندوآهي. جيئن ان ڪردار جا Trades اوهان واضع ڪري سگهو، پر مائڪرو ڪهاڻي ۾ ڪردار اهڙو کڻبو آهي، جنهن جي توهان کي اڳي خبر آهي. مثال طور:’صوبيدار هيئن ڪيو‘ لفظ صوبيدار اچڻ شرط توهان جي سامهون سڄو ڪردار اچي ويو. توهان کي ڪردار Develop ڪرڻو نه پوندو. توهان ڊاڪٽر جو ذڪر ڪيو، ته توهان جي سامهو هڪڙو ڊاڪٽر اچي ويو. مائڪرو ڪهاڻي ۾ ڪردار Develop ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي پوي. مائڪرو ڪهاڻي ۾ ڪردار نگاري نه ٿيندي آ. ان ۾ صرف ۽ صرف Theme هوندو آهي. ڪردار ڪو به کنيو ويندو آهي ان کي Develop نه ڪبو آهي. تنهن ڪري مائڪرو ڪهاڻي پڙهندي پڙهندڙ کي اطمينان نه ٿو ملي. پڙهندڙ کي اطمينان ملي ٿو ڪردار سازيءَ ۾، جڏهن ڪردار کي Develop ڪيو وڃي ٿو ته ان ۾ پڙهندڙ کي مزو ۽ لطُف اچي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته مائڪرو ڪهاڻي جيڪا آهي اها توهان جي جمالياتي رُخ لاءِ ته نامڪمل ۽ تشنگي رکندڙ آهي، وڌ ۾ وڌ توهان جو جيڪو Objective ذهن آهي يا توهان کي ڪو Theme کپي، ان Theme کي رڳو هو ظاهر ڪري ٿي.
    **********************

    سوال : مائڪرو ڪهاڻي وارو ٽرينڊ اسان جي سنڌي ڪهاڻي لاءِ نقصان ڪار آهي يا فائدي مند آهي؟

    ڏسو، ٽرينڊ ڪو به نقصان ڪار يا فائدي مند نه ٿيندو آهي، اهو وقت ٻڌائيندو آهي، تجربا ٿيندا رهندا آهن، شاعري ۾ افساني ۾، ناول ۾ ۽ آئون تجربن کي ويلڪم ڪريان ٿو. ننڍا ٻار هوندا آهن ته سمجهدار مائٽ هنن کي ڌڪ کائڻ ڏيندا آهن، چوندا آهن ڪِري ننڍو ڌڪ کائي ته سڀاڻي وڏي ڌڪ کان بچي. تنهن جي ڪري اهڙا تجربا ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن اهي سُٺا ثابت ٿيا ته فرسٽ ڪلاس! جي سُٺا ثابت نه ٿيا ته اهي پاڻ ئي ختم ٿي ويندا آهن، اهڙا اسان جي شاعري ۾ به ڪيئي تجربا ٿيا پرنه هلي سگهيا. ’سانيٽ‘ اسان وٽ نه هلي سگهيو، ’پنج ڪڙا‘، ’ڇهه ڪڙا‘ اسان وٽ نه هلي سگهيا. ‘ٽيڙو يا هائيڪو‘ به اسان وٽ پير نه ڄمائي سگهيو. اسان وٽ ڪلاسيڪل ۾ بيت، وائي ۽ ڪافي هلي، يا اسان وٽ عروضي شاعري ۾ غزل ۽ نظم هليو. يا پو۽ بغير عروض جي هليو ته جديد نثري نظم. اهڙي ريت ٻيون شيون به تجربي جي طور لکيون ويون آهن، وڏن شاعرن لکيون آهن، اڃان به ڪو ڪو لکي پيو، اهڙيون ادب ۾ ڪيتريون ئي شيون آيون جيڪي غملي ۾ رهيون، انهن جي پاڙ سنڌي ادب ۾ نه لڳي سگهي.
    سنڌي شاعريءَ جون نج ڪلاسيڪل صنفون ڪهڙيون چئي سگهجن ٿيون.
    اسان وٽ نج ته ٻه ٽي صنفون آهن، جن ۾ ’بيت‘ آهي، ’ڪافي‘ ۽ ’وائي‘ آهي، اهي اسان جون ڪلاسيڪل صنفون آهن، ’دوهو‘ به هڪ بيت جي ٻي شڪل آهي، يا بيت آهي جيڪو دوهي جي هڪڙي سڌريل شڪل آهي، وائي به بيت جي ئي هڪڙي شڪل آهي، توهان وائي جي وراڻي ڪڍي ڇڏيو ته ڊگهو بيت ٿي ويندو. تنهن جي ڪري اهو ان جو ئي هڪڙو فارم آهي، پر ان جوContent ٿورو مختلف آهي جو ان ۾ درد ڪجهه وڌيڪ ڏيکاريو ويندو آهي. اڄ جيڪا جديد وائي لکي وڃي پئي، ان ۾ اهو Content به تبديل ٿي چڪو آهي. Content۽ فارم پاڻ ۾ رليٽيڊ هوندا آهن. پو ماڻهو ڇا ڪندا آهن ته فارم ساڳيو رکي ۽ ان جوContent تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. ايئن اسان وٽ اهڙا به ڪي تجربا ٿين پيا، جنهن ۾ فارم هڪڙو Content ٻيو.
    **********************

    سوال : سنڌي ادب جي شاعرن ڪلاسيڪل صنفن تي ڪيترو لکيوآهي؟ اسان وٽ نظم ۽ غزل وڌيڪ لکيو ويو، انهن صنفن جي حد درجي جي مخالفت به ٿئي پئي، پوءِ به انهن صنفن کي ڇو ترجيح ڏني وئي؟

    ڪلاسيڪيت لکڻ ڏُکي هوندي آهي، ڪلاسيڪل راڳ ڳائڻ ڏکيو هوندو آ، ڪلاسيڪل صنف رڳو گهاڙيٽو نه هوندو آهي، بيت رڳو گهاڙيٽو نه هوندو آهي، اهڙا بيت مان تُڪبندي ۾ هتي اوهان کي الائي ڪيترا لکي ڏيان، ايئن نه آهي، ان بيت ۾ جيڪوContent هوندو آهي، اهو وڌيڪ اهميت وارو هوندو آهي ۽ ڏکيو هوندو آهي. تنهن ڪري ان طرف ماڻهو راغب گهٽ ٿيندا آهن. نظم ۽ غزل ڪلاسيڪل صنفن جي مقابلي ۾ نيون شيون هيون، ان وقت ۾ ڏهه ويهه شيون آيون قبول صرف ٻه پيون، غزل ۽ نظم. هاڻي جڏهن اسان جو مطالعو وڌيو اسان ڏٺو ته غزل ته تمام ڏُکي شئي آهي اهو ته اسان لکيو ئي ڪو نه هو، غالب جهڙو غزل ته اسان لکيو ئي ڪو نه هو. ايران جهڙو غزل ته اسان لکيو ئي ڪو نه هو. تڏهن چيوسين ته ڇڏيو غزل کي به، هاڻي نظم ڏي هلو، وري نظم پابند ڏي هلياسين، وري نظم پابند به ان ليول جو هجي، هاڻي ان کي به ڇڏيو. هاڻي اچو نثري نظم ڏي، اهڙي نموني سهل پسندي انسان جي فطرت ۾ شامل آهي.
    **********************

    سوال : اوهان نوجوانن جي مستقبل کي نظر ۾ رکي، سنڌي ’ادب جو مختصر جائزو‘ نالي ڪتاب لکيو، اهڙا سنڌي ادب ۾ ڪيترائي ڪتاب آيا آهن، انهن ڪتابن ۾ سينيئر اديبن جون لکڻيون نظر ۾ رکي لکيو ويو، جونيئر جيڪو ٽرينڊ ٿئي ٿو، جيڪو ويهن پنجويهن سالن جو سفر آهي، ان ۾ نئين ٽهي کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، انهن کي آخر ڪير منظرِ عام تي آڻيندو؟

    اها بلڪل صحيح ڳالهه آهي، مون اهو ڪتاب لکيو هو 1992ع ۾، ان کان پوءِ 2010ع ۾ مان ان کي Revise ڪيو هو، ان وقت ۾ مون وٽ ٽائيم تمام گهٽ هو، نه ته منهنجو اهو ئي خيال هو ته جيڪي 2010ع تائين جا اديب آهن جيڪي جونيئر ليکڪ پاپولر ٿيا آهن، انهن جو به آئون ان ۾ ذڪر ڪيان، پر ٽائيم گهٽ هجڻ ڪري گهڻو اپڊيٽ نه ڪري سگهيس. ان کان پوءِ خيال هو ته وري 2015ع تائين ڪجهه ڪندس پر هي 2015ع وارو سال به گذري ويو ٽائيم نه ملي سگهيو ۽ نه ڪري سگهيس. آئون Revise ڪندس ان ۾ گهڻيون شيون هاڻي آئون اهڙيون آڻيندس، 1992ع کان پوءِ ناول آهي، افسانو آهي ۽ شاعري آهي، ان کي آئون اڳيان کڻي ايندس.
    **********************

    سوال : اوهان هڪ ئي وقت اديب به آهيو ته بالا آفيسر به! اوهان سنڌ جي سياسي صورتِحال کان ويندي، سنڌ جي جاگيرداري ڪلچر ۽ سرداري نظام کي به اکين سان ڏٺو آهي، اوهان ڇا ٿا سمجهو ته ويجهڙائي ۾ سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو سُک جو ساهه کڻي آجپي جي منزل ماڻي سگهندا؟

    ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ جاگيرداري نظام، يا جاگيرداري سسٽم رهيو ڪونهي پر جاگيرداري سوچ آ اصل ۾_ اها سوچ اڃان رهي ٿي ۽ رهندي، ان سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪو پلان ڪونهي، اسان ڪا جدوجهد نه پيا ڪريون، ها البته ڪي شيون اهڙيون آهن جيڪي خود به خود ٿين پيون، جنهن ۾ وڏو ڪردار ميڊيا جو آهي، اليڪٽرونڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا، اهي اهڙيون شيون آهن، جيڪي غير محسوس طريقي سان دنيا کي جاگيرداري نظام کان ڪڍي ڪري Post Modern World ڏانهن وٺي وڃن پيون. شاهه لطيف چيو هيو ته:
    ’پاڻهي ايندو هوت، پر ڪجهه آئون به اڳڀري ٿيان!‘
    اسين اڳڀرا ڪو نه پيا ٿيون پر هوت هڪ ڏينهن اچڻو آ.
    معاشري مان ڪرپشن، رشوت ۽ سفارشي ڪلچر جو خاتمو ڪڏهن ايندو؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي؟
    اهو ويجهي مستقبل ۾ ته ممڪن ڪونهي، باقي ايندڙ وقت جي ڊگهي سفر ۾ خاتمو ٿي سگهي ٿو، اُهي بيماريون آهن، جيڪي ٿوريون يا گهڻيون هر جڳهه تي موجود آهن، اهي شيون دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ به آهن پر تعداد تمام گهٽ، اتي احتساب جو عمل تمام گهڻو آهي، اسان گهڻين بيمارين ۾ وڪوڙيل آهيون، انهن بيمارين جو آئون هتي ذڪر نه ٿو ڪري سگهان، اسان جي پيرن ۾ ڪئي Pend پيل آهن، اسان زنجيرن ۾ ڏاڍا جڪڙيل آهيون، اسان کي ان ڇرڪ جي ضرورت آهي جيڪو لطيف چيو هيو نه:
    ’نوَ نيئر، ڏهه ڏانوڻ، پندرنهن پيند پياس،
    بگل ۾ بگاڙيون لکين لوهه لڳاس،
    جڏهن سڄڻ ياد پياس، ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي.
    اهو ڇرڪ اسان کي اڃان مليو ڪونهي. اهو هڪڙو ڇرڪ مليو ته اسان سڀ زنجير ٽوڙي وينداسين. اهو ڇرڪ الاءِ ڪڏهن ملندو اسان کي.!
    **********************

    سوال : شيخ اياز کي ثاني لطيف چيو ويندو آهي، ان حوالي سان اوهان جي راءِ ڪهڙي آهي؟

    ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته شيخ اياز تمام وڏو شاعر آهي، ۽ سچي ڳالهه اِها آهي ته لطيف کان پوءِ شيخ اياز جي ليول جو شاعر، ٻيو ڪو به پيدا ڪو نه ٿيو آهي. ٻين سڀني سُٺي شاعري ڪئي آهي. پر ان شاعري جا، رُخ محدود هئا. يعنى ڪلاسيڪل جيڪو دؤر هيو ان ۾ رڳو ڪلاسيڪي شاعري هئي، ان کان پوءِ جيڪو دؤر آيو ته انهن مان ڪنهن هڪڙي رُخ تي شاعري ڪئي، ڪنهن ٻن رُخن تي شاعري ڪئي، پر اياز اهو شاعر آهي جنهن زندگي جي هر رُخ تي شاعري ڪئي آهي. هن رومانس تي شاعري ڪئي، انقلاب ۽ تاريخ تي ڪئي، ڌرتيءَ سان محبت ۽ انسان ذات تي شاعري ڪئي، اياز روحِ اول ۽ ازل جي شاعري ڪئي ۽ ڏسو ته فارم سڀ جيڪي Available آهن، انگريزي، فارسي، هندي، شاعري جا اهي سڀ فارم استعمال ڪيائين. فڪر هن مختلف استعمال ڪيا آهن، ان جون پنهنجون تبديليون اينديون رهيون آهن. هو ڪڏهن يونان جي Epicurious کان متاثر آهي، ته ڪڏهن هو Marxism کان متاثر آهي، ڪڏهن وري انهن سڀني کان باغي آهي. اياز ۾ ورائٽي تمام گهڻي آهي. مطلب ايڏي گهڻي ورائٽي ڪنهن به وڏي شاعر ۾ نه آهي. نه اها فني پُختگي آهي، نه اها فڪري گهرائي آهي، نه اها خيالن جي بلندي آهي، ته انهي حوالي سان اگر شيخ اياز کي ثاني لطيف چئجي ته غلط ڪونهي. توڻي جو آئون شيخ اياز جو نقاد به آهيان، مون شيخ اياز تي تنقيد به ڪئي آهي، پر تنقيد ڪڏهن به ڪنهن کي ان منصب کان ڪيرائڻ جي ڳالهه نه هوندي آهي، تنقيد ان منصب کي وڌائڻ جي ڳالهه هوندي آهي. تنقيد خامين جي نشاندهي جو نالو آهي. باقي’ثاني‘ فارسي ٻولي جو لفظ آهي، اوهان فارسي ۾ وڃو ته ’ثاني‘ معنى ’ٻيو‘ ان ڪري اول ۽ ٻئي ۾ فرق ته هوندو آهي نه؟ ثاني لطيف معنى لطيف کان ٻيو نمبر شاعر ۽ اسان وٽ شيخ اياز، شاهه لطيف کان ٻئي نمبر جو شاعر آهي.
    **********************

    سوال : سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جي حيثيت ڏيارڻ لاءِ ڪافي عرصي کان لڳاتار جدوجهد هلي رهي آهي، تعليمي ادارن ۾ سنڌي نه پڙهائڻ جو ڪهڙو نقصان ٿيندو؟

    انهيءَ جو اسان کي تمام گهڻو نقصان پوندو ۽ پوي پيو، اها اسان جي هڪڙي Negligence آهي، اسان سڀ ان ۾ شامل آهيون، سڀ ذميوار آهيون، Criminal Negligence آهي، اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڀلي انگريزي پڙهائن، اردو پڙهائن، ڀلي فارسي پڙهائن، پر سنڌي ضرور پڙهائن. ايئن نه ڪري اسان هڪ Criminal Negligence جو شڪار آهيون. اسان سڀ Fashion Able آهيون، سنڌين ۾ سنڌي ختم ٿيندي پئي وڃي، ٻارن کي اهڙي اسڪول ۾ داخل ڪرائين ٿا جتي سنڌي سبجيڪٽ نه آهي، منهنجا خود ٻار هڪ اهڙي اسڪول ۾ پڙهيا جتي سنڌي نه هئي، مجبوري هئي ڇو جو آئون ڪراچي جي اهڙي علائقي ۾ هيس جتي سنڌي سبجيڪٽ هيو ئي ڪو نه! پر اسان کي ڪير روڪي ڪو نه ٿو ته اسان گهر ۾ به ٻارن سان سنڌي نه ڳالهايون يا سنڌي نه پڙهايون. ڪراچي ته ڇا پر هاڻي لاڙڪاڻي ۾ به ڪجهه اسڪول اهڙا آهن جتي سنڌي نه ٿي پڙهائي وڃي. انهي ۾ اسان سڀ چپ ڇو آهيون؟ انهيءَ ۾ اسان جا اديب ڇو چُپ آهن؟ ان ۾ اسان جي سنڌي ادبي سنگت سميت ٻيا ادارا اهي الاءِ ڇو چُپ آهن؟ ان ۾ اوهان ۽ اسان ڇو چُپ آهيون؟ مان حيران آهيان. ان ڳالهه تي ڀڀڙ ٻارڻ گهرجي، سخت احتجاج ڪرڻ گهرجي.
    **********************

    سوال : ان حوالي سان سنڌ حڪومت، ۽ ايجوڪيشن انتظاميان جو ڪهڙو ڪردار هجڻ گهرجي؟

    آئون اهو ئي چوان ٿو ته اسان سڀ جا سڀ ان Negligence جو شڪار آهيون، انتظاميا کي پنهنجن مسئلن کان فرست ڪونهي، سچي ڳالهه اها آهي ته انتظاميا کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اهو نه پئي ڪري، انهن جو ان پاسي توجهه ئي ناهي، انهن کي اها ڳڻتي ئي ڪونهي.
    سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ اسان جو سياسي ليڊر ڪن لاٽار ڇو ٿو ڪري؟
    قومي ٻوليءَ لاءِ هڪ ٻن ماڻهن ڪوشش ڪئي، نواب يوسف ٽالپر قومي اسيمبليءَ ۾ بل کڻي ويو، پر بل رد ٿي ويو. هڪ اڌ ٻي ماڻهو به ايئن ڪيو پر اها ڳالهه اتي جو اتي ئي ختم ٿي وئي. اهڙي طريقي سان ٻيهر وري سياستدانن کي ڪرڻ کپي ۽ مان ايئن چوندس ته اديبن کي ٿورڙو اڳيان اچي پنهنجي پنهنجي علائقي جي ساستدانن سان لهه وچڙ ۾ اچي انهن کي هڪڙي Presentation ڏين ته سائين مهرباني ڪري اوهان سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ جدوجهد ڪريو، ايئن سنڌي ادبي سنگت جون ايتريون شاخون آهن، جيڪڏهن هر ضلعي ۾ ڪنهن هڪ ايم اين اي، يا ايم پي اي کي Convince ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. ايئن Brigade تيار ٿي ويندي، جيڪا ٻوليءَ جي لاءِ ڪم ڪندي، پر ان لاءِ ڪم اسان سنڌي اديبن ۽ سنڌي ادبي سنگت کي به ڪرڻو پوندو.
    **********************

    سوال : موجوده دؤر ۾ سنڌ جي تعليم عام نه ٿيڻ جو زميوار فقط استاد کي سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته ان جا سبب ٻيا به گهڻا ئي آهن، اسڪول ويران آهن، ٻارن کي والدين اسڪول نه ٿا موڪلين، توهان ڇا ٿا سمجهو؟

    ان ۾ گهڻي ذميواري گورنمينٽ جي آهي، ان کان پوءِ استاد ۽ والدين به ذميوار آهن، اسان جو سڄو سماج ئي ذميوار آهي. اسان Tolerate ڇو ٿا ڪيون؟ اسان جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٽيچر نه ٿو اچي ته اتان جا ماڻهو، اتان جا ڳوٺاڻا خاموش ڇو آهن؟ انهن جي ٻار جو حق مارجي رهيو آهي. اهي اکيون ڇو نه ٿا کولين؟ خود استاد پنهنجي ذميواري قبول ڇو نه ٿو ڪري؟ هو اهو انتظار ڇو ٿو ڪري ته جڏهن هن کي ڪو چوي ته پو پڙهايان؟ اڳي ته استاد چوندا هيا ته انهن کي پگهار گهٽ ٿي ملي، ڪالهه ئي مان اهو بحث ڪري رهيو هيس ۽ اتفاق سان ان بحث ۾ هڪ ايڇ ايس ٽي به ويٺو هو ۽ هڪ ڊپٽي ڪمشنر به ويٺو هو، مون چيو اوهان ٻئي پنهنجي پگهار ٻڌايو، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان ايڇ ايس ٽي جي پگهار ڊپٽي ڪمشنر کان مٿي هئي، معنى اڄ جو ايڇ ايس ٽي ڊپٽي ڪمشنر کان مٿي پگهار کڻي ٿو پوءِ به جي هو نه ٿو پڙهائي، پنهنجي ذميواري محسوس نه ٿو ڪري ته ڪهڙي ڀت سان مٿو ٽڪرائجي؟ اڃا هو ويٺو چئي ته مون کي فلاڻي Increment ڪو نه ملي آهي، فلاڻي ڪو نه ملي آهي. بابا توکي جيڪو ڪجهه مليو آهي، تو ايترو حق ادا ڪيو آهي؟؟
    تعليم کاتي ۾ به ڪرپشن تمام گهڻي ٿي رهي آهي، پر هاڻي شيون ڪجهه بهتري ڏانهن وڃن پيون، Bio Metric سسٽم اچي ويو آهي، مانيٽرنگ سيل مختلف جڳهن تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهيءَ ۾Trainings هلن پيون، انتظاميا ۽ استاد تنظيمن جا جهڳڙا گهٽائجن ۽ ٿورڙو ٻئي ڌريون گڏجي ڪري سنڌ جي تعليم ڏي ڌيان ڏين ته اهو وڌيڪ بهتر آ بنسبت پنهنجي انا ۾ رهڻ جي، هر ڳالهه ۾ ضد ۽ انا کي ڇڏي ڪري جيڪڏهن هو تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪن ته ڏاڍو سُٺو ٿي ويندو.
    **********************

    سوال : ٻوليءَ جي حوالي سان سنڌي ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

    سنڌي چئنل پنهنجي دائري ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، اها تنقيد ٿيندي رهي آهي ته سنڌي چئنل ٻوليءَ کي بگاڙين پيا، پر آئون ان تنقيد کي جائز نه پيو سمجهان، ٻوليءَ جو بگاڙ ٻي پاسي ٻوليءَ جو واڌارو آهي، ٻولي بگڙندي نه، ٻولي وڌندي. ٻولي ڪڏهن به شُد نه ٿيندي آ، ٻولي ڪڏهن به خالص نه ٿيندي آ، ٻولي ۾ هميشه ملاوٽ ٿيندي رهندي آ، هي اهو وکر آ جنهن ۾ جيتري ملاوٽ ڪندؤ اوترو ئي وڌندو. تنهن جي ڪري سنڌي چئنلز جيڪو ڪجهه ڪن پيا، اهو ٺيڪ آهي هاڻ اسان کي ڏکيو لڳندو هوندو، پر سڀاڻي واري نسل کي ڏکيو نه لڳندو.
    **********************

    سوال : سنڌي چئنلز ٻوليءَ ۽ ثقافت تي ڪهڙا اثر وڌا آهن؟

    ٻولي هجي يا تهذيب هجي ان جي واڌاري لاءِ جيستائين ڪمرشل دخل نه هوندو اها ٻولي Static ٿيندي تنهن جي ڪري چئنلز ۾ ڪمرشل Aspect آهي ان جي ڪري ان ۾ اهي شيون آهن، ڪجهه اسان جي ڪلچر کان ٻاهر به شيون اچي وڃن ٿيون، پر اهو هڪ Process جو حصو آهي، اها هڪ ڇاڻي آهي، ان ۾ اها شئي ڇڻندي رهندي. پوءِ جيڪڏهن ٻاهرين ڪا شئي اسان جي ڪلچر جو حصو ٿي وئي ته ڏاڍو سُٺو.
    هاڻ هڪڙي دلچسپ ڳالهه مان توهان کي ٻُڌايان ته اردو وارن تي ڪيئن اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو اثر ٿي ويو آهي ان جو هڪڙو جملو آيو ته: ’فلان پارٽي اس لئي گورنمينٽ سي لڙي اس ڪي يهي وجهه ٿي، هرو ڀرو اس ڪو لڙني ڪا شوق نهين هئي.‘
    ”هرو ڀرو“ لفظ سنڌي جو آهي اردو جو ڪونهي مون ڏٺو ته لکڻ وارو رائيٽر به اردو جو هو، لکيو به اردو وڃي پيو پر اهو لفظ سنڌي جو هو”هرو ڀرو“ مون چيو واهه واهه. رڳو اسان تي اثر نه پيو ٿئي پر اسان جو اثر به اردو تي ٿئي پيو. ايئن اسان جي ڪلچر ۾ اسان جي ٻوليءَ ۾ ٻي ڪلچر ۽ ٻي ٻوليءَ جو شيون جيڪڏهن قبول ٿي ويون ته واهه، اسان جو نقصان ڪهڙو آهي؟ اسان کي ڪو به نقصان ڪونهي، هي ٻي ڪلچر جا گُل آهن جيڪي اسان جي زمين ۾ لڳي ويا ته واهه! بيد مشڪ اسان جي ملڪ جو وڻ ڪو نه هو ٻاهران آيو ۽ هتي اسان جي زمين ۾ لڳي ويو ته اسان جي ڌرتي جي سونهن بڻيو اسان جو ڪهڙو نقصان؟ تنهن جي ڪري اهو Process آهي.
    **********************

    سوال : تصوف ڇا آهي؟

    تصوف جا ٽي Aspect آهن، هڪڙو فڪري Aspect، ٻيو آهي سماجي Aspect، ٽيون آهي رسمي Aspect . پهرين آئون ’رسمي Aspect ٻڌائيندس ته هي جيڪي سلسلا آهن جن ۾ رسمون ڪيون وڃن ٿيون. ذڪر هيئن ڪجي، فڪر هيئن ڪجي، ڪپڙا هيئن پائجن، ٽوپي هيئن پائجي، اهو آهي رسمي Aspect. ٻيو فڪري Aspect فڪري Aspect اهو ته هي ڪائنات ڇا آهي؟ خدا ڇا آهي؟ انسان ڇا آهي؟ خدا ۽ هن ڪائنات جو تعلق ڪهڙو آهي؟ مذهب چون ٿا ته هي ڪائنات خدا جي خلقيل آهي، خلقيل انهي Sense ۾ آهي ته هي خدا کان الڳ وجود رکي ٿي. صوفي چون ٿا ته جيڪڏهن خدا کان الڳ وجود کي اسان مڃي وٺون ته پوءِ وجود ٻه ٿا ٿي وڃن. Temporary ئي صحيح پر ٻه وجود ٿي ويندا. يعنى هڪ خدا ٻي خدا کان علاوه ٻاهر ڪا شئي. خدا ايترو وسيع آ جو خدا کان ٻاهر ڪا به شئي ٿي نه ٿي سگهي. اگر خدا کان ٻاهر ڪا شئي ٿي ته معنى خدا جي حد بندي ٿي وئي. خدا پنهنجو پاڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن شئي جي باري ۾ سوچي نه ٿو سگهي. جي پاڻ کان ٻي ڪنهن شئي جي باري ۾ سوچيائين ته خدا جي وجود کان ٻاهر ڪا شئي آهي. تنهن جي ڪري اها ٻيائي ٿي وئي، معنى اهو شرڪ ٿيو. تنهن جي ڪري هو چون ٿا ته هر شئي خدا، هر شئي خدا جو حصو آ، هر شئي ان جي وجود جو هڪڙو مظهر آ، هڪڙي اها شئي جيڪا نظر نه ٿي اچي، ٻي اها شئي جيڪا نظر ٿي اچي، اها خدا جي وصف آ، مادو جيڪو آ خدا جي وصف آ، جيئن هي خدا جون وصفون آهن رحيم آ، ڪريم آ، رحمان آ، غفار آ، غفور آ، ايئن چون ٿا ته مادو يا ڪائنات جيڪا آهي اها خدا جي وصف آ، اهو صوفين جو چوڻ آهي ۽ ٽيون جيڪو ان جو Aspect آهي اهو آهي، سماجي Aspect، سماجي Aspect آهي ته انسان سڀ برابر آهن. تصوف ۾ انسان سڀ برابر آهن، ڪو ڪنهن جو غلام نه آهي، ڪو ڪنهن کان بهتر ناهي، ڪو ڪنهن کان ڪمتر ناهي، مذهب جيڪو وڻي سو رکو خدا کي پهچڻ جي لاءِ سوَ طريقا آهن، هزارين رستا خدا ڏانهن وڃن ٿا، جيڪو به رستو اختيار ڪيو پر ٻئي جو احترام ڪيو، ٻئي سان محبت ڪيو، نه ظلم ڪيو نه ظلم سهو. اهو آهي ان جو سماجي Aspect برابري وارو. اهي ٽي Aspectآهن تصوف جا. پر تصوف جو بنيادي پهلو برابري جو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو