پتي جي پٿرين جا قسم

'صحت سرير جي' فورم ۾ ارسلان علي ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2016۔

  1. ارسلان علي ملڪاڻي

    ارسلان علي ملڪاڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 مارچ 2016
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    18
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    پتي جون پٿريون ٻن قسمن جون هونديون آهن۔
    1۔ڪوليسٽيرول مان ٺهيل پٿريون:
    پتي ۾ پٿري ٺهڻ جو عمل گهڻو ڪري ڪوليسٽيرول جي ذريعي ٿيندو آهي۔ اها ڪوليسٽيرول اسان جي بائيل(Bile) جو هڪ اهم جزو آهي۔ جڏهن پتو کاڌو کائڻ کانپو به مڪمل خالي نه ٿئي ته ان ۾ پٿري ٺهڻ جو عمل شروع ٿي ويندو آهي۔پتي ۾ 80 سيڪڙو پٿريون ڪوليسٽيرول مان ئي ٺهنديون آهن۔
    2۔پگمنٽ (Pigment) جون ٺهيل پٿريون:
    پگمنٽ اسان جي جسم ۾موجود رنگين ڪيميڪل آهي۔ پگمنٽ ڪنهن به رنگ جو ٿي سگهي ٿو۔ اسان جي جسم ۾ وار، اکيون يا اسان جي کل جو رنگ انهن مختلف پگمنٽس جي موجودگي جي ڪري ئي آهي۔ بليريوبن (Bilirubin) به هڪ قسم جو پگمنٽ ئي آهي۔ جنهن جي گهڻائي سان اسان جو جسم پيلو ٿي ويندو آهي۔جنهن کي عام زبان ۾ سائي (Jaundice) چوندا آهن۔ اها بليريوبن جگر ۾ ٺهندي آهي ۽ هڪ نالي جي ذريعي پتي ۾ گڏ ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ اسان جي ننڍي آنڊي ۾ پهچي هاضمي جي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي۔ پتي ۾ ٺهندڙ پگمنٽ جون پٿريون اصل ۾ بليريوبن جون ٺهيل هونديون آهن۔
    پتي جون پٿريون مختلف ماپ جون ٿي سگهن ٿيون۔
    مثال طور: واري جي ذرن جيتريون، ٻج جيتريون يا وري ننڍن وڏن پٿرن جيتريون۔۔
    اڪثر ڪري پتي جون پٿريون بيماري جو ڪارڻ نه بڻجنديون آهن۔ انڪري انهن جو علاج به نه ڪيو ويندو آهي پر جيڪڏهن اُهي پتي ۾ يا پتي مان نڪرندڙ نالين ۾ انفيڪشن ڪرڻ لڳن يا انهن نالين کي بند ڪرڻ لڳن ته پو علاج ڪرائڻ ضروري هوندو آهي۔

    پتي جي پٿري جون علامتون۔۔۔۔
    اڪثر ماڻهن کي پتي ۾ پٿري هجڻ باوجود ڪا به علامت نه هوندي آهي۔ انهن کي خاموش پٿريون (Silent stones) چوندا آهن۔
    جڏهن پتي جون پٿريون تڪليف ڪرائڻ لڳن ته مريضن کي هيٺيون علامتون ٿي سگهن ٿيون۔
    پتي جي پٿري جو سُور عام طور تي پيٽ جي مٿئين ساڄي حصي ۾ ٿيندو آهي جيڪو وچ کان وٺي ساڄي پاسراٽين تائين ٿي سگهي ٿو۔
    سُور ساڄي ڪلهي ۾ يا ساڄي پاسي واري پُٺي ۾ به ٿي سگهي ٿو۔
    پتي جو سُور مسلسل يا وري وقفي وقفي سان پئجي سگهي ٿو۔
    ماني کائڻ کانپو پتو پنهنجو هاضمي جو ڪم شروع ڪندو آهي انڪري پتي ۾ پٿري جي موجودگي جيڪري ماني جي فورن بعد تڪليف ٿيڻ به ممڪن آهي۔
    بد هضمي، گيس ۽ پيٽ ۾ ڀرتي ٿيڻ۔
    جڏهن پٿري پتي مان ٻاهر نڪري پتي جي نالي ۾ ڦاسي پوي ته علامتون وڌيڪ تڪليفده ٿي وينديون آهن۔مريض کي الٽي يا الٽي محسوس ٿيڻ سان گڏوگڏ بخار ۽ ڏڪڻي به ٿي سگهي ٿي۔
    پتي مان نڪرندڙ پٿري جڏهن پتي جي نالي ۾ ڦاسي پوي يا ان کي مڪمل بند ڪري ڇڏي ته مريض کي سائي به ٿي سگهي ٿي۔اهڙي صورتحال ۾ جلد از جلد ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ ضروري هوندو آهي۔
    پتي مان نڪرندڙ پٿري هڪ تمام خطرناڪ بيماري جو ڪارڻ به ٿي سگهي ٿي جنهن کي پينڪرياٽائيٽس (Pancreatitis) چوندا آهن۔ هي لبلبي جي هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا وقت سر علاج نه ڪرائڻ سان جان ليوا به ٿي سگھي ٿي.
    انڪري پتي جي پٿري واري مريض کي جڏھن به شديد سور پوي ته بنا دير جي ڪنھن مستند سرجن وٽ پھچڻ گھرجي.

    مھرباني...
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. اسد الله لغاري

    اسد الله لغاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2015
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    52
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف بدين
    زبردست معلومات
     
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد

هن صفحي کي مشهور ڪريو