سنڌ سلامت جي اٺين سال جي خرچن ۾ تعاون ڪرڻ جي اپيل

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2016۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    گذريل سال دوستن اڳيان وضاحت رکي وئي هئي ته سنڌ سلامت لاءِ الڳ سرور وٺڻ جي گهرج کي اضافي خرچو سمجهندي موجوده ڊيڊيڪٽيڊ آئي پي تي رکندي گذارو ڪيو وڃي... ان فيصلي سان خرچ کي گهٽايو ته ويو پر ان جو نقصان اندازي کان گهڻو ٿيو .. سنڌ سلامت جو ڊيٽابيس گوگل سرچ انجڻ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ الڳ ٽيبل جوڙي ٿو اهو ئي سبب آهي ته ڊيٽا بيس جي سائيز ڊيٽا جي مقابلي ۾ ٻيڻي ٿيو پوي مٿان وري رڪنن جي سهولت لاءِ اضافي پلگ انس کي رکڻ ڪري موجوده ڊيٽابيس موجوده هوسٽنگ جي حد به گذاري چڪو آهي.. جنهن کي سنڀالڻ لاءِ هلندڙ سال زين فورو جي اسپيشل انحاسڊ سرچ ايڊان وٺڻ کانسواءِ ڪلائوڊ هوسٽنگ سرور خريد ڪرڻ پڻ ضروري ٿي پيو آهي.. ان حساب کي سولو ڪري جيڪڏهن دوستن اڳيان رکجي ته هن سال گهٽ ۾ گهٽ 35000 گهربل هوندا.. جنهن جو تفصيل ڪجهه هن طرح آهي..
    • ڪلائوڊ سرور هوسٽنگ: 240 ڊالر سالانه
    • زين فورو ايڪسٽينشن: 40 ڊالر سالانه
    • زين فورو انحينسڊ سرچ: 50 ڊالر سالانه
    • ڊومين رنيول: 13 ڊالر سالانه
    ان طرح اڳ واري دستور مطابق هڪ دفعو وري اهڙو موقعو آيو آهي جڏهن سنڌ سلامت طرفان سنڌي ٻوليءَ جي خدمتن کي جاري رکڻ لاءِ ۽ وڌيڪ سنڌي پروجيڪٽس کي عام ڪرڻ لاءِ تمام سنڌين کي عام طرح ۽ خاص طور سنڌ سلامت جي رڪنن کي سالانه خرچ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي.. ته جيئن مستقبل جي جاکوڙ ۾ اهي به ٻانهن ٻيلي ٿي سگهن..
    گذريل ٻن سالن ۾ دوستن جي موٽ کي ڏسي خوشي ٿي هئي ته دوست سنڌيت ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پرچارڪ ۾ سنڌ سلامت جي ڪردار کي بهتر انداز سان ڏسي رهيا آهن.. ۽ ان کي جاري رکڻ چاهين ٿا.. سندن ان چاهت جو دل سان قدر ڪجي ٿو..
    ياد رهي ته گڏ ٿيل رقم رڳو سنڌ سلامت جي هوسٽنگ، ڊومين ۽ اسڪرپٽ اپگريڊنگ تي خرچ ڪئي ويندي.. ۽ رضاڪارانه تعاون سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جي نالي تي گهريو پيو وڃي .. ان جي عيوض رڪنن کي سنڌ سلامت تي ڪا برتري يا امتياز جي سهولت حاصل نه هوندي بلڪل ان طرح تعاون نه ڪندڙ ساٿين جي حيثيت ۾ به ڪو فرق نه رکيو ويندو...
    پهريون قدم کڻندي گذريل سال جي بچت رقم مبلغ 1700 ۾ پنهنجي طرفان 1000 روپيه شامل ڪندي ٽوٽل کي 2700 تائين پهچايان ٿو... گڏ اميد ڪريان ٿو ته هن سال به ساٿي پنهنجي طرفان ڪجهه نه ڪجهه حصو ڳنڍيندي سنڌ سلامت کي موڪلڻ جو واعدو ڪندا ان طرح روپيو روپيو گڏجندو ته رقم پوري ٿي ويندي.

    دوست پنهنجي رقم موڪلڻ لاءِ هوئن ته ڪنهن به انتظامي رڪن کي ذاتي ڪچهري موڪلي سگهن ٿا۔ پر مهمانن ۽ پاڪستان کان ٻاهر ملڪ رهندڙ سنڌين لاءِ رقم موڪلڻ جا تفصيل هن صفحي تي موجود آهن۔

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جيئن ته اڄ سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي ۽ ڪارائتي ويبسائيٽ سنڌ سلامت جي سالگره پڻ آهي ۽ اڄ ئي ان ويب سائيٽ تي مدد جي اپيل پڻ ٿيل آهي، پاڻ ته ان ويبسائيٽ جي ڄمڻ کان وٺي حال ڀائي رهيا آهيون ۽ پنهنجي وس آهر سنڌي ٻوليءَ لاءِ پتوڙيندڙ هن ويبسائيٽ جي پرورش ۾ هڙان وڙان خرچ به ڪيو آهي ... انڪري سڀ کان پهريان ته سڀني دوستن کي واڌايون جن هن ويبسائيٽ جي وڌڻ ويجهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، انکانپوءِ حال حبيبان پيش پريان .... آءُ پنهنجي طرفان 2000 روپين جي مدد جي حامي به ڀريان ٿو، جلد ئي دوستن تائين اهي پئسه پهتا ٿيندا ...
    سنڌ سدا سلامت رهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هي ويبسائيٽ سدا سلامت رهي ...



     
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    الله ، ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،

    ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي...!!

    دوستو...هن سال به ساٿ نڀائبو.انشاالله.

    رقم موڪلڻ جي آخري تاريخ ته ٻڌايو ۽ اهو به ته سنڌ سلامت جي الڳ سرور وٺڻ لاء ڪيترو اضافي خرچو ڀرڻو پوندو...؟؟

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ساٿ نڀائڻ لاءِ لک قرب..
    رقم موڪلڻ جي ڪا آخري تاريخ ناهي.. جڏهن به ٽارگيٽ پورو ٿيو.. موضوع کي بند ڪبو.. توهان چاهيو ته رقم ۽ موڪلڻ جي تاريخ ان باڪس پڻ ڪري سگهو ٿا.. تعاون ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو وري مهرباني
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هميشه وانگر هن ڀيري به حوصلا وڌائڻ لاءِ لک لائق
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين نثار ابڙو صاحب چواڻي ته سڀ کان پهريان ته سڀني دوستن کي واڌايون جن هن ويبسائيٽ جي وڌڻ ويجهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، انکانپوءِ حال حبيبان پيش پريان .... آءُ پنهنجي طرفان 1000 روپين جي مدد جي حامي به ڀريان ٿو، جلد ئي دوستن تائين اهي پئسه پهتا ٿيندا ...
    سنڌ سدا سلامت رهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هي ويبسائيٽ سدا سلامت رهي ...

    فقير
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پيارا اڳ وانگر هاڻي به ساٿ نڀائڻ لاءِ لک لائق.. !!
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لا۽ توهان جو محنتون تمام گهڻيون آهن ان جي مقابلي ۾ هي تعاون ڪجهه به نه آهي

    اميد ته اهڙي نموني سان توهان پنهنجون ڪوششون جاري رکندا


    فقير
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    اڄ ڪافي عرصي کانپوءِ سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀريوسين..... جيئن جو منهنجي نظر سنڌ سلامت جي اٺين سال جي خرچن ۾ تعاون ڪرڻ جي اپيل تي پئي ته ڪجهه پل جي لاءِ سڪت تاري ٿي وئي.... اهو ڪالهو ڪو ئي ڏينهن هيو بس ائين محسوس ٿيڻ لڳو، جنهن وقت ادا رشيد سمون ۽ مان سنڌ سلامت جي آغاز جي لاءِ ڪوششن ۾ هوندا هئاسين... جس آهي ادا رشيد سمون کي جنهن ڏينهن رات جي اڻ ٿڪ محنت سان هن فورم جو آغاز ڪيو.... ۽ الله جي فضل و ڪرم سنڌ سلامت فورم کي انٽرنيت جي دنيا ۾ ڪافي پذيرائي ملي... روايتي سلسلي کي برقرار رکڻ جي لاءِ هي فقير سنڌ سلامت جي سٿ جي هر سهائتا جي لاءِ هردم تيار آهي... مون مسڪين جي طرف کان 2000 روپين جي مدد جي حامي ڀريان ٿو... جلد ئي ڄاڻايل رقم ادا رشيد سمون تائين پهتي ٿيندي....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پيارا پسنديدگي لاءِ لک لائق..
    اصل ۾ سنڌ سلامت لاءِ ايندڙ چيلينجز ڪافي اهم ۽ ڏکيا آهن.. جنهن ۾ سنڌ سلامت کي سوشل ۽ مارڪيٽنگ ڪرڻو پوندو ته جيئن ساٿي هڪ ٻئي سان هر خوشي غم سولائي سان ونڊي سگهن.. اهڙن اپڊيٽس ۾ رڪن هڪ ٻئي سان وڌيڪ لهه وچڙ ۾ ايندي تعليم هجي يا ڪاروبار هڪ ٻئي کي بهتر طريقي سان رهنمائي ڪري سگهندا.. اهڙن چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ بنيادي پليٽ فارم کي تبديل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي..
    توهان جي اهڙي امداد هر دفعي وانگر اسان جا حوصلا وڌائيندي .. هڪ دفعو ٻيهر لک لائق..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستن کي شاباش هجي جيڪي سڏ ۾ سڏ ڏين ٿا ۽ سنڌ سلامت جي سٿ ۾ شامل آهن. سنڌ سلامت فورم پنهنجي خدمتن جي اٺين سال ۾ داخل ٿيو آهي. گذريل ستن سالن ۾ فورم گهڻيون ڪاميابيون ماڻيون آهن، گهڻي مڃتا به ملي آهي ۽ سلسلو پيو هلي. هي ڪم اهڙو آهي جنهن ۾ عزت ۽ محبت سان گڏ نفرتن ۽ تنقيد مان به گذرڻو پيو آهي. پر ٻوليءَ جي وسيع مفاد ۾ سڀ ڪجهه عزيز آهي.
    مان هن سال به پنهنجي پاران ٻه هزار روپيا ٽوڪن طور پيش ڪيان ٿو ۽ گهاٽي واڌي ۾ اڳ وانگر ٻڌل رهندس.

    سدا خوش هجو دوستو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سنڌ سلامت ۽ سنڌي ٻولي جي ترويج لاء هن دفعي به هڪ هزار روپيا منهنجي طرفان جيڪي گذريل دفعي جيان محترم سليمان وساڻ تائين پهچايا ويندا . سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک مهربانيون

    اوهان پنهنجي فورم سنڌ سلامت جي سٿ ۾ سدائين گڏ بيٺا رهيا آهيو. اوهان جا قرب آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت جي خدمتن کي ساراهڻ جا لک لائق.. پر حقيقت پسندگي جي ڳالهه ڪجي ته اڃان به ڳڻپ مطمعن جوڳي ناهي.. ها البته سنڌ سلامت طرفان همٿائڻ ۽ سهائتا ڪرڻ سان عام سنڌين سميت سنڌ سلامت جي رڪنن کي پڻ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ تي ڪم ڪرڻ جو جذبو وڌيو آهي.. اهو سٺو سنوڻ آهي..
    توهان جو ساٿ هميشه جيان همت افزائي ڏيڻ سان گڏو گڏ سنڌ سلامت جي سونهن وڌائيندو رهيو آهي.. لک لائق
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هميشه وانگر ساٿ نڀائڻ لاءِ لک قرب.. ساٿ سلامت رهي..!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته سائين تاج محمد قريشي، عمر فاروق مهر صاحب ۽ سائين عتيق الرحمان ٽڳي صاحب پڻ سهائتا جي پڪ ڏني آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لڳي ٿو هن دفعي پاڻ کي ئي خرچن کي منهن ڏيڻو پوندو ... اڪثر دوست خاموش آهن، يا مالي مسئلن ۾ منجهيل آهن.

    خير آ ٻوليءَ جي هن ڪم ۾ پاڻ اهڙي خرچن کان ڪونه ڪيٻائينداسين.
     
  18. PIR TAJ MUHAMMAD

    PIR TAJ MUHAMMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جنوري 2014
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    نا سائين ائين وري ڪئين ٿيندو. مهنجي طرف کان پڪ سمجھو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. PIR TAJ MUHAMMAD

    PIR TAJ MUHAMMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جنوري 2014
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    گھربل رقم مان باقي ڪيترا کٽن ٿا؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين عبد الغني لوهار جا قرب
    سندس 1000 مون تائين پهتو آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو