آدرش آدرش نوٽ بڪ جا ورق - اياز ته اياز آهي ني ! -04

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نوٽ بڪ جا ورق - اياز ته اياز آهي ني ! -04

    آدرش

    گاڏي اچي ريسٽ هائوس جي مُک دروازي تي بيٺي. اُهو ايڏو وڏو هو جو اسان جي بادشاهه نما جمهوريت پسندن جا گهوڙا گڏھ ته ڇا مغل بادشاھن جا هاٿي ٽپي وڃن. ڊرائيور هارن وڄائڻ سان گڏوگڏ هيڊ لائيٽس به ٻاريندو ۽ بند ڪندو رهيو، ته جيئن چوڪيدار وغيره کي خبر پئجي وڃي ته جوان اچي ويا آهن. ٻه ٽي پل پڄاڻان ريسـٽ هائوس جو رکوالو اچي ويو. دروازي جا ٻئي تاڪ کوليائين ته گاڏي اندر اچي، رهائش گاھ جي در اڳيان بيٺي.
    چوڪيدار جوان هو. ڏنڊو لڳو پيو هو. مفت جا مال کائي متو هو. هو اسانجو سونهون ٿي، مٿي وٺي آيو. جتي ڪمرا ٺهيل هيا. اسان چار يار هڪ ئي ڪمري ۾ حالي ويٺاسون. اداڪار ارباز خان وانگر لڳندڙ اياز جاني به رَهلو ڪرڻ لاءِ اسان سان رهي پيو ۽ نئين ديري ۾ گهر هوندي به نه ويو. هونئن به سور سجهنس پيا، ته اڌ رات جو گهر ويندم، ته در نه کلندو، کليو ته دڙڪا ملندا ته ننڊ ئي نه ايندي.
    چوڪيدار وري آيو. ٽوال ۽ صابڻ جون چڪيون رکي ويو. لڪس پراڻو، مشهور ۽ سٺو صابڻ آهي. ٽيهه سال کن اڳ سٺن رسالن ۽ ڊائجيسٽن جو سنهري دور هو. ڏاڍا خوبصورت رسالا ۽ ڊائجيسٽ نڪرندا هيا. گهر گهر ويندا هيا. دليون وندرائيندا هيا. پنن تي فوٽن ۽ فلظن جي جادوئي دنيا هئي.
    چوڪيدار صابڻ ٽوال رکي وڃي پيو ته اياز جانيءَ ، نرڙ تان وارن کي ساڄي هٿ سان مٿي ڪندي، کانئس پڇيو :” ادا! ڏي خبر، ڪا چانهن وغيره ملندي؟“ هن رکائي مئون ٺپ جواب ڏنس: ” نه سائين! کير ئي ڪونهي.“ هن جي کُتي جواب تي اسان چئني يارن جا منهن ئي لهي ويا. چانهن بنا شاعرن جي زندگيءَ ۾ ٻيو رکيو به ڇاهي؟ چانهن جا ڍڪ ۽ سگريٽن جا ڪش ليکڪن جي لکڻين جو سينگار آهن.

    ***

    چوڪيدار کي کڙڪ پئجي وئي هئي، ته ايندڙ مهمان، نه ڪو اسيمبلي جا ميمبر اٿئي، نه ئي ڪميشن ڏيندڙ ڀِڀَ نڪتل بالاعملدار اٿئي، نه ڪو شڪار لاءِ ايندڙ ڪي عرب اٿئي، نه ڪو صاحب جي گهوڙن جا سئيس اٿئي ۽ نه ئي پارٽيءَ جا اهي ڪارڪن قلعي نوٽن سان دلا ڀريندڙ جيالا اٿئي. هنن ۾ ڪو سڻڀ ڪونه اٿئي. وار به اڻڀا اٿني. تڙئي رڳو 12 ربيع الاول تي ڪندا ٿي. شاعر سڳورا ٿي. ويندي مهل خرچي بدران، سگريٽ جي خالي پاڪيٽ تي غزل جا بند لکي، هٿ ۾ ڏئي ويندءِ، سو هروڀرو هٿ ڪارا نه ڪجانءِ هنن کي سينڍ ئي نه ڏجاءِ. چوڪيدار انهن ڳالهين کي ساھ ۾ سانڍيو هو. سو دروازي ٻاهران پتل جو وڏو ڪلف هڻي، وڃي جوءِ سان سُتو.
    اسان کي ائين لڳو ڄڻ ڀٽي صاحب جي لاڙڪاڻي واري بنگلي جي سامهون واري جيل ۾ ڀارتي جنگي قيدي هجون. نه ڀٽو رهيو نه اندرا گانڌي، ڪير ڳالهيون ۽ مذاڪرات ڪري، جو اسان کي ڇڏرائي؟

    ***

    هي شاهي ريسٽ هائوس ڪروڙن جي لاڳت سان اڏايو ويو. مانواريءَ هٿن کي ميندي هڻي، آڱرين ۾ سونيون منڊيون پائي. اکين ۾ سرمو وجهي عينڪ پائي، زربخت جو شاهي وڳو پائي، چمڪدار وڏي کڙيءَ وارو سئنڊل پائي، نئين ديري ۾ اسان جي درزي دين محمد سولنگيءَ جي درزڪي دڪان تان، جيالي جي کڻي آيل قئنچيءَ سان ربن ڪاٽي خير سان افتتاح ڪيو هو. ان تقريب تي هاءِ ويز کاتي جي انجنيئر صاحب، ڪلاڪ اندر ٿيل پروگرام تي ڏھ لک روپيا خرچ ڪيا هيا.
    افتتاح واري ڏينهن نئين ديري جي سرڪاري اسپتال ۾، نانگ ڏنگيل معصوم ٻارُ عليءَ ڏنو ناريجو، ڪجهه رپين واري وئڪسين نه هئڻ ڪري. ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڌڻي حوالي ڪيو هو. هن جي غريب امڙ زليخان جي رڙ نڪرڻ تي، سندس مٺ ۾ ڀيڪوڙيل پنجن رپين جي سڪو پٽ تي ڪري، ايمرجنسي وارڊ جي در تي بيٺل ڊاڪٽر ميمڻ جي پيرن ۾ وڃي پيو هو. هن اُهو کڻي پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌو هو. تڪڙو تڪڙو وارڊ کان نڪري ويو هو.
    کپي پاڪستان کپي، ڇو نه کپي؟ مڙس باقي نوٽن جا ٿليها کڻي سمنڊ ڪيئن ٽپي؟

    ***

    ريسٽ هائوس ڏاڍو سٺو تعمير ٿيل آهي. سڄو سال ڪانو لنويندا آهن. ورسي يا سالگرھ جي موقعي تي ڪو جيالا اچي رهن، يا ڇٺي ڇماهيءَ ڪو حرام خور عياش عملدار، ڪا ٻلي ڦاسائي اچي ته آباد ٿئي، نه ته ويراني راڄ ڪندي آهي. وڏن ماڻهن جا پنهنجا چونچلا آهن. ڪهڙي پئي هئي ريسٽ هائوس ٺهرائڻ جي؟ غريب عوام لاءِ ٻه ڊسپرين جون گوريون ڪونه آهن ۽ هيڏي وري ڪروڙين رپيا پاڻيءَ ۾!

    ***

    اسان چئن يارن پاڻ ۾ ڪلاڪ کن ڪچهري ڪئي ۽ پوءِ سمهڻ لاءِ اُٿي ڪري، مان پنهنجي ڪمري ۾ آيم، سجاد پنهنجي ڪمري ۾ ويو. عديل مهر ۽ اياز جاني وڏو هجڻ ڪري ساڳئي ڪمري ۾ سُمهيا، اتي بيڊ به ٻه هيا.
    مان ڪمري ۾ اچي بتيون وسائي، بيڊ تي سمهي، مٿان چادر پائي، اکيون ٻوٽي، خيالن ئي خيالن ۾ رات رنگين ڪرڻ لاءِ ڪنهن ماهه جبين جا لٽا لاهڻ شروع ڪيم. چولو لاهڻ لاءِ هٿ مس وڌايم ته ڪمري ۾ سجاد ٺينگ ٽپا ڏيندي، اچي ڪري بتي ٻاري، خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي ۽ تڪڙو تڪڙو چوڻ لڳو:
    ”اڙي! اُٿُ ارشاد! مان هيٺ بورچي خاني ۾ ويم، فرج کوليم ته کير پيو هو. چوڪيدار حراميءَ ڪوڙ پئي ڳالهايو.“
    سجاد مهر کائڻ جو سُچر آهي. بک جو صفا ڀاڙي، رات جو کاڌل برياني هضم ٿي وئي هيس. بک پاسا ورتس. پيٽ ۾ ڄڻ ڪوئا ڊڪڻ لڳس، ته سڌو وڃي بورچي خاني ڏانهن منهن ڪيائين. ٻاٽين جا ڍڪ لاهي ڏسڻ لڳو، پر اُتي ڪاريءَ وارا ڪک هيا. فرج کوليائين ته ڀاڳ ۾ کير جي بوتل ڀريل پئي هئي. ڏٺائين ته سڌو مون ڏي ڀڄندو آيو.
    مان چادر لاهي پري ڪيم. اسان ٻئي خوشيءَ ۾ ورانڊي ۽ ڏاڪڻ ۾ ڀنگڙا ڊانس ڪندا بورچي خاني ۾ آياسين، ڪڙڪ چانهن پيئندي اسان چئن يارن جي ڪچهريءَ جو لطف دوبالا ٿي ويو ” ڪڙڪ چانهن جو مزو، روبي ڊسٽ جو مزو“
    ڏينهن کي شينهن ٿيڻ ۾ ڪي ٻه اڍائي ڪلاڪ هيا ته محفل برخاست ڪئيسون. مان مئڊم نورجهان جو گانو گنگائيندو لت ڏئي سمهي پيم.
    ”جا ! اپني حسرتون په، آنسو بها ڪي سوجا،
    ڪهين سُن نه لي زمانه ، اي دل! خموش هوجا“

    ***

    پرھ ڦٽيءَ جو اک کُلي، بتي ٻاريم، ڪمري ۾ رکيل هڪ ڊگهي سينگار ميز اڳيان اچي بيٺم. مرشد بدران پنهنجو ئي ديدار ڪيم، ته سور سنڌا ڪيون هليا ويا.
    پنهنجو سهڻو مک ڏسندي، سوچڻ لڳم: ” مان ته من! جلد ئي اڌڙوٽ ٿي ويم! ڇا ڪيان؟ دل گهرئي نه ملي ته، مون کي هُن بنا، عمر جي رفتار کي وڌائي تيز ڪرڻو پيو.“

    ***

    صبح جو ٺهي سنبري، مساڳ پائوڊر هڻي، چارئي يار هيٺ لٿاسون. گاڏيءَ جي چنتا هئي. اچي ته چڙهي پئون لاڙڪاڻي وڃون. اڃا ٻه ڏينهن ٽڪڻا آهن جو ”جشن اياز“ ٽن ڏينهن جو هو. هڪ ڏينهن خير سان گذريو هو. اسان اياز جي شهر جا، اسان کي ئي ته هن جي جشن ۾ جهمريون پائڻيون آهن نه. ٻيو ڪير پائيندو؟ ميزبانن به دل سان گهرايو آهي، ته دل سان ئي نڀائڻو آهي ني!
    مان پنهنجي ميزبان، قدردان،مهربان، رضوان کي فون ڪئي. نمبر ملايم ته ڪن تي سريلي مائي ٿڦَ وهائي ڪڍي“ مطلوبه نمبر سي جواب موصول نهين هور ها هي.“
    سنگت سان صلاح ٿي. جيڪا اها بيٺي ته هاڻي ڪاٺ ڪلهي تي پاڻ کي ئي کڻڻو پوندو. اسان رهائش گاھ مان نڪري، باغ ۾ اچي جهٽ گهڙي لاءِ ويٺاسون ته سامهون مک دروازي مان چوڪيدار آيو. چوڻ لڳو : ” سائين! ائين نه وڃجو، ناشتو تيار ٿو ٿئي. کڻي ٿو اچان.“
    اسان صبح لاڪون چانهن لاءِ ٻاٿان پئي ڏنيونسين، ڪو بندو بشر ظاهر ئي نه هو. هي ته ڄڻ معجزو ٿي ويو. ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ملازمن کي ڄڻ ڇهن مهينن جون بند پگهارون ملي ويون.
    اسان چار يار اندر اچي، ڊائننگ روم ۾ ويٺاسون. مان هڪ ڀيرو ٻيهر رضوان صاحب جو نمبر ملايو. خوشيءَ ۾ اکيون کُلي ويون جو گهنٽي وڄي رهي هئي. مائي سڳوريءَ جي سريلي آواز بدران بي سرو آواز آيو. مون گاڏي لاءِ پڇيومانس : ”ادا! فقير ويهن يا وڃن؟“ هن وراڻيو ” سڄڻ ٽُردي ڀلي“ ” گاڏي ڪونهي وئگن به نه ٿي مليو ته هڪ ٻئي جي ڪلهن تي چڙهي اچو“ درويش اکين-ٻُوٽُ نڪتو.
    اسان ماني کائي پوري ڪئي. چانهن پيا پيئون ته فون اچي وئي“ اوهان اتي ئي ويهجو، مخيارڪار گاڏي موڪليوَ ٿو.“ اها ڳالهه ٻڌي هانوَ تي ڪجهه ڇنڊا پيا.
    اسان ريسٽ هائوس جي مک دروازي تي اچي بيهي رهياسون. عديل مهر صاحب کي پنهنجي آفيس وڃڻو هو. اهو سکر ويندڙ وئگن لاءِ ۽ اياز جانيءَ کي، پنهنجي ڪاليج پهچڻو هو. اُهو رتيديري جي وئگن لاءِ، اسان کان ٻئي موڪلائي، بس اسٽاپ طرف روانا ٿي ويا.
    سجاد مهر ۽ مان، گاڏي جي انتظار ۾ بيٺي بيٺي، چپٽيون وڄائيندي، مخدوم طالب الموليٰ جو، رونا ليليٰ جو ڳايل ڪلام ڳائڻ لڳاسون: ” اڱڻ ٻُهاريان، تنهنجون واٽون نهاريان.“
    مون سگريٽ دکايو. سگريٽ جو دونهون، شاعر دوست سائين عبدالغفار ”تبسم“ جي گهر جي ڇت ڏانهن اڏامي ويو. ڇت تي نيري دونهين جهڙو ڪبوتر اکيون ٻوٽِي ويٺل هو.
    مون سگريٽ پورو ڪري، پٽ تي اُڇلائي سگريٽ کي بوٽ جي کڙيءَ سان ائين گهَڪو ڏنو، ڄڻ ڪنهن ڪرپٽ وزير جي مُنڍي مروڙيندو هجان.

    ***

    انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. گاڏي اچي وئي. مان ۽ سجاد پوئين سيٽ تي ويٺاسون، ٽڪر پنڌ هلي ته حوال شروع ٿيا.
    ”اُستاد! گاڏي سرڪاري آهي؟،
    ” نه سائين! منهنجي آهي. ٽئڪسي ڪري هلائيندو آهيان.“
    ”ڪنهن موڪليو ٿي؟ مختيارڪار؟“
    ”نه بابل! ڪوٽوال موڪليو آهي“
    ڇپَ ڪوٽوال مٿان ڪري. ڪمشنر بهادر، ڊپٽي ڪمشنر کي چيو ، ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر کي چيو، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار کي چيو، مختيارڪار، سپروائيزنگ تپيدار کي چيو، سپروائيزنگ تپيدار، تپي دار کي چيو، تپي دار، ڪوٽوال کي چيو : ” هلُ پنهل ڏي مُنهن“

    ***
    مون کي ان ڳالهه تي اسيءَ وارو ڏهاڪو ياد آيو. سڄي ملڪ ۾ پاڪستان ٽيلي ويزن اڪيلو هڪ چئنل هو. ڏاڍن سٺن پروگرامن جو سنهري دور هو. ڄاڻو ۽ ذهين پروڊيوسر، سگهارا ليکڪ ۽ سٺن اداڪارن ۽ اداڪارائن جي هڪ وڏي کيپ هئي. هر شيءَ تي ڌيان ڏنو ويندو هو. پروڊيوسر ته پنهنجي جاءِ، مٿيان عملدار، ڊائريڪٽرس آف پروگرامس ۽ سينٽرس جا جنرل مئنيجر به وڏي نظر رکندا هيا. هاڻي ته ڪل پيران داخير لڳو پيو آهي.
    پاڪستان ٽيلي ويزن لاهور سينٽر تان ماهوار طويل ڊرامن جو سلسلو ” ڊراما 84“ ۽ ”ڊراما85“ جي عنوان سان هلندو هو. گهڻي ڀاڱي پروڊيوسر محمد نثار حسين صاحب ڊراما پيش ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن نصرت ٺاڪر، ياور حيات صاحب ۽ راشد ڊار صاحب جن جي پروڊڪشن به پيش ٿيندي هئي. ليکڪن ۾ اشفاق احمد، بانو قدسيه، ۽ انور سجاد صاحب جهڙا سگهارا ڊراما لکندڙ هوندا هيا.
    اشفاق احمد، محمد نثار حسين ۽ نصرت ٺاڪر الله کي پيارا ٿي چڪا آهن. ياور حيات ۽ راشد ڊار رٽائر ٿيل آهن. انور سجاد جيو گرووپ جي ڪراچي جي اسڪرپٽ سيڪشن ۾ لڳل آهي ۽ آپا بانو قدسيا ماڊل ٽائون واري پراڻي گهر ۾ لکڻ پڙهڻ ۾ رُڌل آهي.

    ***

    اهي طويل ڊراما، هفتي جي آخري ڏهاڙي ڇنڇر تي، نائين وارين ”خبرنامي“ کانپوءِ نشر ٿيندا هيا. نائين واري ”خبرنامي“ جو بارُ گهڻي ڀاڱي نيوز پروڊيوسر عارف محمود ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ جو ڀاءُ سينئر نيوز پروڊيوسر مجدد شيخ جي ڪلهن تي هوندو هو.
    هڪ رات ڊرامو ”رگون مين انڌيرا“ هليو. ليکڪ يونس جاويد صاحب جو لکيل هو. پروڊيوسر محمد نثار حسين جي هدايتن تي ٺهندڙ هڪ منفرد ڊرامو هو. پوليس ۽ هيروئن جي واپارين جي چوڌاري ڦرندڙ ڪهاڻي نئين طرز جي هئي. تيز رفتار اسڪرپٽ هو. ٽيلي ويزن تان ڏسندڙن جو اکيون تڏهن پري ٿيون، جڏهن ڊرامو پورو ٿيو. چوڌاري واھُ واھُ ٿي وئي.

    ***

    يونس جاويد اردو جو ليکڪ آهي. ٻن ڪهاڻي ڪتابن کان سواءِ هڪ ناول ”ڪنجري ڪا پُل“ ڇپيل اٿس. خاڪا به لکيا اٿائين. هڪ ٺيڪ ٺاڪ ليکڪ آهي.
    ناٽڪ ۾ پوليس اي.ايس.پي جو مک ڪردار راحمت ڪاظميءَ ادا ڪيو هو. هن سي.ايس.ايس. ۾ ڪاميابي ماڻي هئي پر اداڪاريءَ جي شوق ۾ نوڪري نه ڪيائين. اداڪاريءَ ۾ به وري ڪو خاص ٻوٽو ٻاري نه سگهيو. هونئن به فن (Art) ۽ امتحان ۾ ڪاميابي الڳ شيون آهن.
    انسپيڪٽر جي ڪردار ۾ جميل فخري ۽ وڏي منشي جي ڪردار ۾ عرفان کوسٽ لاجواب اداڪاري ڪئي، پر راحمت ڪاظميءَ ماڻهن جو من ڪونه موهيو.
    ننڍي کنڊ ۾ ڪا شئيءَ مشهوري ماڻيندڙ آهي ته اسان ان جي پويان پير ڌوئي پئجي ويندا آهيون. ان نقل ۾ ڪٿي ڪاميابي قدم چمندي آهي ته ڪٿي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.
    ڊرامو ”رگون مين انڌيرا“ ٻڙڌڪ مچايو ته ان پئٽرن تي سيريز ٺاهي، ساڳين ڪردارن تي مختلف ڪهاڻيون پيش ڪرڻ جو آئيڊيا ٽي وي جي بالا عملدارن وٽ آيو. ڊائريڪٽر آف پروگرامز خوشيءَ سان منظوري ڏني. ڊرامي جو پائلٽ پروگرام ٺاهڻ جي ذميواري پروڊيوسر راشد ڊار کي سونپي وئي.
    راشد ڊار هڪ پارکو پروڊيوسر هو. يونس صاحب کان ڊرامو لکرائي، پائلٽ ٺاهڻ جي بسم الله ڪئي. هن جي اک جهاڙي ورتو ته مک ڪردار اي.ايس.پي راحمت ڪاظمي موزون ناهي. هن کيس آئوٽ ڪري، اداڪار قوي خان کي آندو، جنهن ڀرپور نموني پنهنجي ڪردار سان نڀائي، سٺي اداڪاري ڪئي. اها سيريز ”انڌيرا اُجالا“ جي عنوان سان هلي. پنهنجي وقت جي سٺي ڊراما سيريز هئي.

    ***

    ڊرامي ۾ ڇا ٿيندو هو، جو اي.ايس.پي ڪنهن اڻ وڻندڙ ڳالهه تي، انسپيڪٽر کي دڙڪا ڏيندو هو. انسپيڪٽر اچي ڪري، وڏي منشيءَ کي ڇنڊ پٽيندو هو. وڏو منشي وري اها ڪسر، هڪ سڙيل سپاهيءَ کي رهڙان ڏئي ڪڍندو هو. سپاهي اها توائي هڪ لاوارث قيدي کي چنبا هڻي لاهيندو هو.
    جڏهن ٽئڪسي هلائيندڙ اُستاد اهو ٻڌايو ته : ” ڪوٽوال موڪليو آهي.“ منهنجي نظرن اڳيان ڊرامي جو لاوارث قيدي ڦري آيو.
    جڏهن گاڏي ماهوٽا اسٽيشن ٽپي ته ڦاٽڪ وارو نظر آيو. مون سوچيو الله خير ڪري، ريل سان ڪو حادثو ٿي پئي ته ريلوي جو وزير نوٽيس وٺندو. ريلوي جو ڊويزنل سپرينٽينڊنٽ اچي معائنو ڪندو، پر سسپينڊ ڦاٽڪ وارو ٿيندو. ان ڪري ئي چوندا آهيون ” هل ڙي هل، ڪو ڦاٽڪ وارو به سڃاڻيندو ٿي.“

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 17 اپريل 2016ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو