هڪ ته سمجهيو نه مون ٻيو ٻڌايو نه تو

'استاد بخاري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    استاد بخاريءَ جي ڪافي

    هڪ ته سمجهيو نه مون ٻيو ٻڌايو نه تو،
    دل پڪي وئين ڪري، دير سان پيو پتو.

    تنهنجي پاسي منجهان مان نه اٿندس مٺا،
    ھي پهاڪو ڪڏھن ڪو نه مڃندس مٺا،
    راند ڇڏجي رتي ميلو ڇڏجي متو،
    دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو.

    وار پنهنجا وکيري ڪڪر ڇانوَ ڪر،
    چار بوسا وسائي ٿڌا ساھَ ڪر،
    پياس ڏاڍي لڳي ڏينهن ڏاڍو تتو،
    دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو.

    ڪو جي ٻيڙو ڪُنن ۾ اچي ٿو ڏسو،
    تيز اوٿر ۾ ٻُوڙو لُڇي ٿو ڏسو،
    اھڙو مونکي بُخاري وڇوڙي وتو،
    دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو.


     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    واه لاجواب
     
    شوڪت خاصخيلي هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دل خوش ٿي وئي... اسان واقعي به نا سمجهه آهيون... :)
    ايڊيٽنگ گهڻي ڀلي ناهي پر آڊيو شاندار (صادق فقير)
     
    فهيم ٽانوري، سليمان وساڻ ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شوڪت خاصخيلي

    شوڪت خاصخيلي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 فيبروري 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    لاجواب
    لاجواب واھ استاد واھ
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 فيبروري 2017
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.
  5. sajjad abbasi

    sajjad abbasi
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    واهہ تمام بهترين لاجواب ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو