مڪي ۽ مديني کان (توحيدي دين اسلام)، ايران ۽ بغداد کان(صوفي ازم) جو سنڌ (مُلتان) طرف سفر

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پارٽ پهريون
    توحيدي دين اسلام جو سفر (مڪي ۽ مديني) کان باب الاسلام سنڌ طرف سفر يعني (711ع کان 750ع تائين ۽ (عرب و سنڌ) جا محدث ۽ نبي اڪرم (صلعم) جو حديثون. ۽ پوءِ ايران ۽ بغداد (معتسم با الله کان پوءِ نادر شاه تائين) سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ (ملتان) طرف (صوفي ازم جو سفر) ۽ پوءِ ان جي پکيڙ هندستان ڏانهن.
    (تواريخي ورقن ڦهلائڻ کان پوءَ جي اڀياس)
    [​IMG]

    رسول الله (صلي الله عليه سلم) جي حديث اسلام جو نهايت ئي اهم ۽ قرآن شريف کان پوءِ ٻئي نمبر تي سڀ کان وڏو ماخذ ۽ مصدر آهي. الله تعاليٰ پنهنجي ّري ڪتاب ۾ جتي پنهنجي اطاعت جو حُڪم ڏنو آهي، اُتي گڏوگڏ حضور صلعم جن جي اطاعت جو به حڪم ڏنو آهي.
    1. لا اله الي الله ، مُحمد رسول الله .
    ناهن ڪي ٻيا معبود پر هڪ الله (جل شانهُ)، مُحمد (صلعم) ئي الله جو پيغام ڏيندڙ آهي.
    2. ومن يطع الرسول فقد اطاع الله.
    ۽ جنهن اطاعت ڪئي رسول جي، ڄڻ هُن اطاعت ڪئي الله جي.
    اسانجي پياري بني جو ُحڪم
    3. نضرالله امراءِ سمع مقالتي فحفظها ووعيها واداها ڪما سمعها.
    الله تعاليٰ اُن شخص جي مُنهن کي نوراني بڻائي، جنهن مُهنجي ڳاله (حديث) ٻُڌي، اُن کي ياد ڪيو (سُندت ادا ڪر) ۽ پوءِ جيئن جو تيئن ٻين تائين پُهچايو.

    ڪن مضمون نويسن جي اها غلط فهمي ته اصحاب سڳورن قرآن شريف جي نزول مڪمل ٿيڻ کان پوءِ حديثون لکڻ شروع ڪيون هُيون.
    نبي ڪريم صلعم جن جي زندگيءَ ۾ ئي مختلف صحابي سڳورن پنهنجن هٿن سان حديث مُبارڪ جا ننڍا وڏا، ڪيترائي مجموعا تيار ڪيا هُئا جن جو ڪن روايتن ۾ تعداد 48 ٻُڌايو ويو آهي. (اُهي 10 اصحاب، جن کي نبي سائين جن سندن پنهنجي حيات ۾ ئي ، حديثون لکڻ جي ڪري جنتي هُئڻ جي بشارت ڏني هُئي) هن لاءِ (الاتفاق) ۾ ٻه رويتون ڪوٽ ٿيل آهن.
    پهرئين روايت موجب :
    جڏنهن قرآن پاڪ جي آخري آيت (واتقوا يوماَ ََ ترجعون فيه الي الله) نازل ٿي، اُن جي نزول جي ِ 81 ڏينهن کان پوءِ حضورل صلعم وصال فرمايو هو.
    ۽ هڪ ٻي روايت موجب :
    جيڪا سعيد بن جُبير کان آهي ته ، آخري آيت (واتقوا يوماَ ََ ترجعون فيه الي الله) آهي ۽ ان کان پوءِ پاڻ سڳورا (صلعم) صرف 9 راتيون رهيا.
    ۽ اهو چوڻ ته مختلف اصحابن قرآن جي نزول کان پوءِ ننڍا وڏا مجموٿا تيار ڪيا هُئا، شايد ڪنه غلط فهميءَ جو سبب آهي.
    ڇو جو، اصحابن قرآن جي نزول جي تڪميل کان گهڻون اڳ ئي حديثون لکڻ شروع ڪري ڏنيون هُيون. ابو دائود جلد 2، صفحو 157 تي (ڪتابه العلم) ۾ حضرت عبدالله بن عمرو جي روايت مان ظاهر آهي .
    نيز صلح حديبيه واري معاهدي ۽ ميثاق مدينه ۽ حضرت ابو شاه کي لکي ڏيڻ، ۽ مختلف علائقن ڏانهن موڪليل گورنرن ۽ عاملن کي لکت ۾ ڏنل هدايتون وغيره ظاهر ڪن ٿيون ته حديثن لکڻ جو رواج قرآن جي نزول جي دوران عام جام هُيو. (صحيفه همام بن منبه) جي مقدمي جو مطالعو ۽ (تاريخ الحديث) از عبدالصمد صارم جو مطالعو به تصديق ڪري ٿو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 اپريل 2016
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب الاسلام سنڌ ۾ به حديث جي علم جو اهڙو ذوق ۽ شوق ٽين صدي هجريءَ تائين هلندو رهيو، جڏنهن ته ايران ۽ بغداد کان (صوفي ازم) جي سفر ڪري پوءِ هن علم ڏانهن سنڌ جي ماڻهن جي توجه آهستي آهستي گهٽبي وئي ڇو جو اڳتي هلي عربن جي حڪومت هتان ختم ٿي ۽ ايران ۽ بغداد جا عجمي سنڌ جا حاڪم بڻيا ته سنڌ جا تعلقات عرب دُنيا سان گهٽجي، عجمي مُلڪن سان وڌندا رهيا، جن ۾ خراسان، افغانستان ۽ وچ ايشيا جا مُلڪ شامل هُئا. اهو حال نه فقط سنڌ، بلڪه سڄي هندستان جو هو، جنهنجي نتيجي ۾ سياسي، سماجي، تجارتي توڙي علمي ۽ مذهبي معاملن ۾ به (سنڌ ۽ هند) جا ماڻهون مٿين مُلڪن کي وڌيڪ ويجهو ٿيندا ويا ۽ پوءِ انهن ئي مُلڪن جا جيڪي عالم فاضل هتي ايندا رهي تن ۾ محدثن ۽ مفسرن بدران وڏا وڏا فقيه شامل هُئا، جن جي اثر سبب هتي علم فقه، علم الڪلام، منطق، عقليات طرف اهل علم جي دلچسپي وڌڻ لڳي ۽ حيث جو شوق گهٽجڻ لڳو.

    پهرئين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ يعني (سن 92 هجري) بمطابق 750ع ڌاري تائين اها (باب الاسلام سنڌ) به هڪ سننڌ اسلامي سلطنت هُئي، اسلامي سلطنت دوران، مڪي ۽ مديني واريون اسلامي علمي توڙي ثقافتي روايتون به سنڌ سرزمين تي پُهتل هُيون، مُسلمن فاتحن سان گڏ عرب دنيا جا ڪيترا ديني عالم جن ۾ مفسر ۽ محدث به شامل هُئا، سنڌ ۾ داخل ٿيا هُئا جن هتي پُهچي اسلام علوم جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون هُيون، جنهن جي نتيجي ۾ ٻين علمن سان گڏ (حديث) جو علم به عرب کان پوءِ هتي سنڌ ۾ ئي رائج ٿيو هو ۽ هن ميدان ۾ ڪيترائي اهڙا مُحدث پيدا ٿيا جن سنڌ جي نسبت سان سڄي عالم اسلام ۾ بي پناه شهرت حاصل ڪئي ۽ جن جا نالا اڄ تائين علم فضل جي دنيا ۾ وڏي عزت ۽ احرام سان ورتا وڃن ٿا.

    سنڌ ۾ صوفي ازم جي داخل ٿيڻ کان اڳ، (باب الاسلام سنڌ) جي اوائلي دئور ۾، سنڌي نسبت رکڻ وارن اهڙن محدثن مان ڪُجه نالا هن ريت آهن، جيڪي سنڌ يا سنڌ کان ٻاهر رهيا پر حديث جي خدمت م پنهنجيون عمريون کپائي ڇڏيون.
    ابو عبدالله مڪحول سنڌي، اسلم بن سنڌي، عباس بن سنڌي، ابو موسيٰ اسرائيل بن موسيٰ، ربيع بن صبيح، ابو معشر سنڌي، عبدالرحمٰن بن عمرو اوزاعي سنڌي، سنڌي بن شماس، خلف بن سالم سنڌي وغيره.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مٿين مُحدثن منجهان ڪي ته اصلي ۽ نسلي سنڌي هُئا ته ڪيترا وري نسل توڙي زبان جي لحاظ کان ته عرب هُئا پر جڏنهن هنن سنڌ جي سرزمين تي پير پاتو ته پوءِ هميشه لاِ هتي جا شهري ٿي ويا ۽ هن ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو ناتو ائين نڀايائون جو پنهنجي وطن جي نسبت تان هٿ کڻي پاڻ کي سنڌي سڏائيندا رهيا. سندن محنت ۽ مشقت سبب هتي حديث جي تعليم عام ٿي ۽ (حرمين شريفن، صنعاءَ، بغداد ۽ ڪوفي) وانگر، ديبل ۽ منصوره به (علم حديث) جا وڏا مرڪز شمار ٿيڻ لڳا.
    جهڙيءَ ريت ٻاهرين عرب علائقن جا عالم سنڌ ۾ رهي (علم حديث) جي خدمت ڪندا رهيا، اهڙيءَ طرح ڪيترائي (سنڌي مُحدث) به سنڌ ڇڏي وڃي عرب ملڪن ۾ رهيا ۽ اُتي اُنهن حديث جي علم جي تمام گهڻي خدمت به ڪئي ته سنڌيءَ جي حوالي سان پنهنجي مُلڪ جو نالو به دُنيا ۾ روشن ڪيائون. سي هي آهن.
    امام ابو معشر سنڌي، محمد ابن معشر سنڌي، دائود بن محمد سنڌي، امام عبدالرحمٰن اوزاعي، حافظ عبد بن حميد ڪسي وغيره.اهي سڀ اهڙا مُحدث ٿي گُذريا آهن جن عرب دُنيا ۾ رهي اُتان جي ماڻهن کي حديث جو علم سيکاريو ۽ ڪيترائي قابل ذڪر شاگرد پئدا ڪيا.
    ابورحيم، سفيان ثوري، مُحمد بن سيرين، يحيٰ بن قطان، مسلم بن حجاج ۽ ابو عيسيٰ ترمذي وغيره جهڙن مُحدثن جي استادن واري فهرست ۾ مٿين سنڌي محدثن جا نالا شامل آهن، ان ڪري اها حقيقت آهي ته، غير عرب ملڪن ۾ حديث جا وڏا مرڪز، سڀ کان پهريان سنڌ ۾ قائم ٿيا هُئا ته وري عرب مُحدثن کان پوءِ سڀ کان وڏا غير عرب محدث به سنڌ ۾ ئي پئدا ٿيا.
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اها ڳاله به ياد رکڻ جي قابل آهي ته، پوءِ عرب دئور ۾ به هتي جيڪي عالم آيا هُئا اهي به (امام دائود ظاهريءَ) جي فقه جا پوئلڳ هُئا، جنهنڪري عرب دئور ۾ به سنڌ اندر جيڪي عالم ۽ فقيه پئدا ٿيا اُهي پڻ (ظاهري فقه) جا پيروڪار هُئا. منصوره جو قاضي احمد بن محمد سنڌي پڻ (ظاهري مسلڪ) جو پئلڳ هو ۽ سرڪاري طور جيڪي عدالتي فيصلا ان دئور ۾ ٿيندا هُئا اُهي به (ظاهري فقه) جي اصول پٽاندڙ ئي ٿيندا رهيا، پر ان کان پوءِ (عربي دئور جي خاتمي کان پوءِ) جيڪي به عالم هتي سنڌ آيا ۽ وچ ايشيا وارن علائقن کان آيا هُئا اُهي (حنفي فقه) جا پوءِ لڳ هُئا ۽ انهن جي اثر هيٺ ئي (هند ۽ سنڌ) ۾ حنفي فقه جي مقبوليت حاصل ڪئي ۽ پوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ اها فقه هتي ايتري ته مقبول ٿي وئي، جو ان جي مقابلي ۾ ٻئي ڪنهن فقه جا پوئلڳ هتي باقي نه بچيا ۽ برصغير (فقه حنفي) جو سڀ کان وڏو مرڪز بڻجي ويو.
    اهي ئي سبب هُئا جو توحيدي دين رکندڙ (باب الاسلام سنڌ) ٽين صدي هجريءَ کان پوءِ حديث جي تعليم کان محروم ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ آهستي آهستي حديث جي تعليم جو سنڌ مان خاتمون ٿيڻ لڳو ۽ ان جي جاِ تي فقه جو علم مقبول ٿيڻ لڳو. جنهنجي نتيجي ۾ ڇهين صدي هجريءَ تائين حديث جي تعليم سنڌ ۾ وڃي نالي ماتر بچي.
    ڇهين صدي هجريءَ کان وٺي ٻارهين صدي هجريءَ تائين سنڌ اندر ايترا مُحدث مس پئدا ٿيا جن جا نالا آڱرين تي ڳڻي سگهجن ٿا. انهن منجهان به ڪُجه اهڙا هُئا، جيڪي هن ڌرتيءَ تي ڄاوا پر هتي ناقدريءَ وارو رُجهان ڏسي، توحيدي دين اسلام ڦهلائيندڙ (باب الاسم سنڌ) جو رُجهان صوفي ازم اسلام طرف وڌڻ جي ڪري اهي سنڌي مُحدث به سنڌ ڇڏي ، هتان لڏي عربستان ۽ هندستان جي ٻين علائقن (خاص طور الهندي صوبي) گُجرات ۾ لڏي وڃي مقيم ٿيا. اهڙن سنڌي حديث جي ماهرن (سنڌي مُحدث ) جا ذڪر جوڳا نالا هي آهن.
    1. شيخ طاهر بن يوسف سنڌي (1004 هجري) هي محدث، سنڌ مان لڏي (برهانپور) ۾ وڃي رهيو.
    2. شيخ حميد الدين بن قاضي عبد الله سنڌي (1009 هجري) به سنڌ ڇڏي هجرت ڪري پهريان برهان پور ويو ۽ پوءِ اُتان وري مڪي پاڪ ڏانهن منهن ڪيائين ۽ اتي ئي سندس پساه پورا ٿيا.
    3. شيخ عيسيٰ بن قاسم سنڌي (1030هجري) هي محدث به هتان برهانپور هليو ويو. اهڙيءُ طرح ٻين به ڪن محدثن جا نالا ملن ٿا.
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ٻارهين صدي هجريءَ ۾ به سنڌ مان (سنڌي محدثن) جي هجرت جو سلسلو جاري رهيو ۽ ڪيترائي سنڌ مُحدث ان زماني ۾ به لڏي )حرمين شريفين) ڏانهن هليا ويا هُئا. اهڙن محدثن ۾ :
    شيخ محمد قائم سنڌي، شيخ ابو طيب سنڌي، شيخ محمد حيات سنڌي، شيخ ابو الحسن ڪبير، مخدوم عبدالرحمٰن نصرپوري، مّخدوم محمد اڪرم نصرپوري وغيره شامل هُئا.
    ان کان پوءِ جي دئورن جي مخدومن ۽ عالمن جي علم جي اڀياس کان پوءَ جي خبر پوي ٿي ته انهن وٽ سکڻ لاءِ پوءِ حديثن جي بجاءِ فقهي تصنيفات ۽ تاليفات هي بچيون هُيون، جنهنڪري هو فقه توڙي اصول فقه جي علم ۾ ڪمال حاصل ڪيائون. پر اها به هڪ حقيقت آهي ته جيڪو به عالم ۽ فقيه فقه ۾ جيترو گهرو وڃڻ لڳندو هو کين اوتري ئي حديثن طرف وڃڻ جي وڌ ضرورت محسوس ٿيڻ لڳندي هُئي، ڇو جو انهن جي سمورن فقهي سلسلن جو بُنياد ته صرف ۽ صرف (قرآن ۽ حديث) ئي هو.
    شروعاتي دور جا اهي عظيم فقيه جن جي هٿان هي علم وجود ۾ آيو هو، اهي به سمورا بنيادي طور تي (محدث) ئي هُئا، ڇو جو حديث جو بُنياد ته فقه کان اڳ بلڪه گهڻو اڳ هو ۽ جنهن کي قرآن جي نزول سان ئي محمد عربيءَ پنهنجي پڙهيل اصحابن کان لکرائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. تڏنهن ته اُهي فقيه به حديث ڱي ئي بنياد بڻائي فقه جي علم کي جاري ڪندا هُئا.
    مالڪي فقه جو امام (حضرت مالڪ بن انس) بنيادي طور تي هڪ قديم ۽ عظيم محدث مڃيو ويو آهي ۽ سندن ترتيب ڏنل حديث جو ڪتاب (موطا) سڄي عالم اسلام ۾ حديث جو معتبر ۽ مستند ماخذ تسليم ڪيو وڃي ٿو. جنهن کي امان صاحب (مديني شريف) ويهي مرتب ڪيو هو.
    حنبلي فقه جو مُوجد (امام احمد بن حنبل) به هڪ محدث جي حيثيت سان علمي دنيا ۾ ڄاتو وڃي ٿو. سندس مرتب ڪيل (مستند) به سڄي عالم اسلام ۾ مشهور ۽ معتبر آهي.
    اهڙيءَ ريت (شافعي فقيه) جو اڳواڻ حضرت (امام شافعي)، حنفي فقه جو امام حضرت (ابو حنيفه نعمان بن ثابت) ۽ سندس ٻه معاون ۽ شاگرد (امام محمد بن حسن شيباني) ۽ (امام ابو يوسف) پڻ بنيادي طور تي محدث ئي هُئا، جنهن مان خبر پئي ٿي ته (هڪ فقيه لاءَ) حديث جي تعليم ڪيتري اهم آهي.
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ جي سڀاڳي سرزمين هر دور ۾ پنهنجي پُٺ تي اهڙين عهدساز شخصيتن کي پيدا ڪندي ۽ پاليندي رهي آهي، جن پنهنجي علم عمل توڙي فيض ۽ فضل وسيلي تواريخ جي ورقن تي اهڙا يادگار نقش ۽ نشان چٽيا آهن، جيڪي صدين گذرڻ کان پو به تر ۽ تازه آهن ۽ انهن تي نظر وجهڻ سان اڄ به اسان پنهنجي شان ۽ مان واري ماضي جا عڪس ۽ آثار چٽي ۽ چوکي ريت ڏسي سگهون ٿا. اهو ان بابرڪت مُحدثن ۽ بزرگن جي لياقت ۽ قابليت جو ڪمال آهي جو اڄ تائين دنيا جي علمي حلقن ۾ نه فقط سندن نالا عزت ۽ احترام سان کنيا وڃن ٿا، پر سندن صدقي اسانجي سونهاري سنڌ سرزمين جو ذڪر به نهايت ادب ۽ عقيدت جي جذبات سان سرشار ٿي ڪيو وڃي ٿو.
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    تواريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جو مشهور شهر (ٺٽو) هڪ ڊگهي عرصي تائين سڄي برصغير اندر علم ۽ عرفان جو هڪ اهڙو مرڪز شمار ٿيندو رهيو آهي، جتي سون جي تعداد ۾ مڪتب ۽ مدرسا موجود هُئا، جن ۾ وقت جا وڏا وڏا استاد ۽ عالکم درس تدريس، وعظ، نصيحت توڙي تصنيف تاليف جي ڪم ۾ رڌل رهندا هُئا. اهڙن ئي عالمن جي علمي صلاحيتن مان مستفيض ٿيڻ لاءِ نه فقط سنڌ پر هندستان جي مختلف ماڳن ،افغانستان، ۽ وچ ايشيائي رياستن کان به ڪيترائي علم جا طالب انهن ڏورانهن ڏيهن کان ڪهي ڊگها فاصلا طئي ڪري هتي پُهچندا هُئا، جن مان ڪيترا ته هتان پنهنجي مقصد جا موتي ميڙي وري پنهنجن وٿاڻن تي واپس ورندا هُئا ته ڪي وري هن فيض ۽ نسل واري سرزمين تي موهجي ۽ مستان ٿي هميشه لاءِ هتان جا ٿي پنهنجي وطن جا وڻ وساري ويهي رهندا هُئا ۽ سندن جيئڻ مرڻ هن ڌرتيءَ جي جُڙڻ سان جُڙي ويندو هو ۽ پوءِ پنهنجيون سموريون نسبتون ۽ وابستگيون وساري پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هُئا. اهڙيءَ ريت ڪيترا خاندان مختلف موقعن تي علم جي طلب کان سواءِ به ڪن سياسي، تجارتي، مذهبي مقصدن جي سلسلي ۾ هتي آيا ۽ پوءِ اهي به هميشه لاءِ هتي رهجي ويا.
     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حالانڪه مڪي ۽ مديني کان پوءِ (باب السلام سنڌ) ۾، جتي به 711ع کان 750ع تائين هڪ تسلسل سان هلندڙ (توحيدي دين اسلام) ۾ جتي مولودن جي صورتن ۾ (حمد و ثنا) جو ورد هلندو هو پوءِ صوفي ازم جي سفر جي ڪري سنڌ (مُلتان) مان ُ (ايران ۽ بغداد کان) سنڌ منتقل ٿيندڙ(سُر، ساز، سوز، سنگت ۽ سنگيت) جو ماحول تيزيءَ سان پروان چڙهيو هو، انهن سنڌي عالمن ، محدثن، بزرگن پوءِ هڪ روايت موجب عربستان کان هلي، هتي سنڌ پُهچي پهريائين سنڌ جي قديم شهر (سيوهڻ) ۾ لڏو لاٿو ۽ پوءِ گهمندا ڦرندا اچي (بٺوري) ۾ آباد ٿيا ۽ 1106 هجري بمطابق 1692ع ڌاري سنڌ ۾ ڦهلجندڙ (بدعات ۽ خرافات) کي روڪڻ لاءِ هڪ عام ماڻهونءَ کان وٺي وقت جي حاڪمن تائين، توحيدي دين اسلام جا حقيقي حڪم، نهايت جرئت ۽ بي خوفيءَ سان پُهچايا جنهن ۾ هڪ اهم نالو (مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ) جو به آهي.
     
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حرمين شريفن، ان دئور ۾ يعني (1135هجري بمطابق 1722ع) ڌاري (توحيدي دين اسلام) جو پوري اسلامي دنيا ۾ مختلف علمن جا ٻه عظيم مرڪز شمار ٿيندا هُئا، جتي دُني جي ڪنڊ ڪڙڇ مان علم جا طالب پُهچي پنهنجي علمي سلسلي کي مڪمل ڪندا هُئا، ته ڪي عالم وري مختلف علمن ۽ فنن ۾ تخصص حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هُئا.۽ ان چوڻ ۾ ڪو وڌا نه ٿيندو ته ورهين کان پو، وري سنڌ جي سرزمين تي حديث جي تعليم باقائده شروع ٿي ۽ پو هتي به حديث جي علم جا حلقا قائم ٿيا ۽ جتي اڳ فقط (مشڪوات المصابح) ۽ مشارق الانوار) جي سرسري تعليم جو رواج هو. اتي مختلف صحاح، جوامع، سنن، معاجم، مسانيد اربعينات، اجزا ۽ رسائل جا درس، دوره ۽ تقابلي مطالعا ٿي ويا ۽ هر وقت (حدثنا) ۽ (اخبرنا) جا تڪرار ڪنن تائين پئي پُهتا.

    سنڌ ۽ آس پاس جي علائقن مان اڳ (علم حديث) جا شوقين جيڪي پنهنجي هن شوق جي تڪميل لا عرب علائقن جا اڻانگا سفر ڪري اتي (ٺٽِي) پُهچندا هُئا، انهن کي هاڻ ٺٽي ۾ پُهچي آساني سان پنهنجي منزل مقصود تائين پُهچڻ جو موقعو مليو ۽ مخدوم صاحب جي بي پايان علم مان حديث جي سلسلي ۾ ماڻهون سندس زندگي تائين استفادو ڪندا رهيا ۽ کائنس پو به اهو سلسلو جاري و ساري رهيو.
     
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    انساني تهذيب ۽ اسلامي علم ادب جي امين سرزمين سنڌ ۾ ڪيترائي عالم، اديب، علم ۽ فن جا ماهر انسان پئدا ٿيا جن جي علم جي سرهاڻ ۽ سڳنڌ سان نه صرف سنڌ ۽ هند سرها ٿيا، بلڪه عرب و عجم تائين انهن عالمن جي علم جي هاڪ ٻُڌڻ ۾ آئي.
    سنڌ جي عالمن ۽ علم ۽ ايمان جي مرڪز (حرمين طيبين مڪه المڪرمه) ۽ (مدينه المونوره) ۾ عرب شيخ جي سندن تي (شيخ الحديث) ۽ (امام الحديث) جي حيثيت سان پنهنجي علمي حيثيت جي ڌاڪ ويهاري.
    جيئن مشهور آهي ته آسماني ڪتاب قرآن مجيد جو سڀ کان پهريون ترجمون سنڌيءَ ۾ ٿيو، ۽ اهڙيءَ طرح (صحاح سته) حديثن جي ڪتابن تي سڀ کان پهريون عربي زبان ۾ (وقيع علمي شرح حاشيو) به هڪ سنڌي بُزرگ عالم دين لکيو، جيڪو مختلف ڇاپن ۾ موجود آهي.
    شهر نيوسعيدآبد (پير ڳوٺن) جتي دُنيا جي وڏي ۾ وڏي اسلامي لائبرري پڻ آهن به شمول، ڪيترن ئي ٻين ڳوٺن، واهڻن کي علمي مرڪز هُجڻ جو اعزاز حاصل آهي.
     
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪنهن به ملڪ ۾ ڪنهن به دئور ۾ اقتصادي سرگرمين جي لاءِ طبعي ۽ زميني حالتون وڏي اهميت رکن ٿيون. سنڌ ۾ ڪلهوڙن کان اڳ مغلن حڪومت ٺاهي هُئي، مغلن جي دور ۾ سنڌ جو ڍانچو مڪمل برباد ٿي چڪو هو، سياسي بي آراميءَ به سنڌ جي اقتصادي سرگرمين کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو هو. بدامني پنهنجي عروج تي هُئي، زراعت به نه هُجڻ جي برابر هُئي، آبيشاي نظام برباد ٿي چڪو هو. انهن سڀني پاسن تي (ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ) جي لک پڙه ۽ (تارخ مظهر شاهجهاني) چڱي معلومات ڏئي سگهي ٿي.
    سنڌ جي طبعي حالتن جو مطالعو ڪندي سڀ کان اول سنڌو درياءُ (انڊس) جو ذڪر اچي ٿو، جنهن جي لُٽ خود ، اڄ جي سر زمين سنڌ جنهن لاءِ چئجي ٿو (ڪراچيءَ کان ڪيجهر تائين) ۽ (ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين) موجوده محدود سنڌ کي ٺاهيو هو. هيءُ درياءُ، سنڌ اندر زراعت کان وٺي واپاري سرگرمين، توڙي (آمد و رفت) جو اهم ذريعو هو ۽ اها صورتحال ڪلهوڙن جي دور ۾ به برقرار رهي.
    جڏنهن ڪلهوڙي (ميان يارمحمد) کي مغلن وٽان اقتدار جي منتقلي ٿي، ڪلهوڙن پوري ذميواريءَ سان امن امان جي اهميت کي محسوس ڪيو ۽ ان کي بحال ڪرڻ جو ڪوششون ڪيون. ميان سرفراز ڪلهوڙي تائين ڪلهوڙن جو عروج رهيو بعد ۾ سندن زوال شروع ٿيو ۽ بدامني ۽ بد نظمي وري شروع ٿي وئي.
    عام طور چيو وڃي ٿو ته ڪلهوڙا (پيري مُريديءَ) مان اڳيان آيا ۽ حڪومت جا مالڪ ٿيا، ليڪن حقيقت ۾ ڪلهوڙا بنيادي طور تي زميندار هُئا ۽ هڪ زميندار جي حيثيت ۾ طاقتور ٿيا ۽ سياسي قوت اختيار ڪري ويا ۽ انگريزن ليکڪن به ڪلهوڙن کي (عظيم آبادگار) سڏيو آهي.
    حقيقت ۾ مغل دور اندر جاري تحريڪن ۾ اقتصادي وسيلن، خاص ڪري زرعي زمينن جي حاصلات کي وڏو دخل حاصل رهيو، ڇو ته (سمن جي سلطنت) جي خاتمي کان پوءِ هتي جون سڀ زمينون ڌارين جي حوالي ٿي ويون.
     
  12. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جيئن ته چئي چُڪا آهيون ته ڪلهوڙا (سنڌ تي ايراني قابض نادر شاه) جي دئور۾ کين (سبي ۽ ڍاڍر) جا علائقا به مليا. ميان غلام شاه جي دور ۾ ڪُجه وقت لاءِ کين (ديره غازي خان ۽ ديره اسماعيل خان) جا پرڳڻا پڻ ڪلهوڙن جي حاڪمت ۾ شامل ٿيا. ان پس منظر ۾ (جاگيرن ۽ عملدارن) جو وڏو حصو (اتر سنڌ) کان (ديراوڙ، ديره غازي خان ۽ ڍاڍڙ) مان آيل (بلوچن يا سرائڪي) ڳالهائيندڙ قبيلن جي حصي ۾ آيو. هن قسم جي (آبادڪاري ۽ جگيرن) جي تقصيم واري عمل ۾ (مغل شهنشاهن ۽ شهزادن) اهم ڪردار ادا ڪيو هو. مير شهداد خان ٽالپر جو نالو هن حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو.
    مغل جيئن ته (بالادت قوت) جي حيثيت ۾ فوقيت رکندڙ هُئا، ان ڪري (ڪلهوڙا حڪمران) سندن فيصلن ۾ رڪاوٽ نه ٿي بڻجي سگهيا. ان کان علاوه مذڪوره قبيلن، ڪلهوڙن جي اقتدار کي وڌائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ان ڪري (زرعي زمين ۽ عهدن) جو وڏو حصو، ميان نورمحمد جي دور تائين، (سرائڪين ۽ بلوچن) جي حوالي ٿي چڪو هو، ليڪن (مغل جي بالادستي پوري ٿيڻ ۽ ڪلهوڙن) جي سڄي سنڌ تي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ (زمينن ۽ عهدن) جي ورهاست واري عمل ۾ گهڻي تبديلي اچي وئي.
    عهدن ۽ عملدارين ۾ خاص ڪري (ٺٽي شهر) جي پڙهيل طبقي کي اهميت ته ملي پر جڏنهن ته (لاڙ ۽ ڪوهستان) ۾ مختلف مقامي قبيلن، مغلن جي دور وانگر، ڪلهوڙن سان به مهاڏو اٽڪايو. هن ڏس ۾ (شورو، نومڙو ۽ جوکيو) قبيلا نمايان اهميت رکن ٿا. پوءِ انهن قبيلن کي (ڪُجه طاقت سان ۽ ڪي قدر رعايتن سان) مطيع ڪيو ويو. بهرحال مقامي حڪومت (ڪلهوڙا) قائم ٿيڻ جي باوجود به سنڌ جي ڏيهي قبيلن کي پيداواري وسيلن ۾ ايتري حصيداري نه ملي سگهي جنهنجا هو تاريخي طور تي حقدار هُئا.
     
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جيئن ته ڪلهوڙن جي راڄ جي ابتدا (اورنگزيب) جي آخري دور ۾ ٿي ۽ پوءِ به سنڌ ۾ ڪلهوڙا پنهنجو ڪو سڪو جاري ڪري نه سگهيا هُئا ۽ سندن دور ۾ به پوري سنڌ ۾ اورنگزيب جو سڪو) رائج هو ۽ بعد ۾ (محمد شاه ) جا سڪا ملن ٿا. جن کي به (روپيو) سڏبو هو. انهيءَ دئور ۾ (ٺٽو ۽ بکر) ضرب خانه هُئا جتي سڪا ٺهندا هُئا. (نادر شاه ) جي دور ۾ هن جو عملدار (سليمٰن بيگ اسلم ) سنڌ آيو هو ۽ هن (ايران جي سڪي) رائج ڪرڻ لاءِ ڪُجه ڏينهن (خدا آباد) ۾ به اچي رهائش اختيار ڪئي هُئائين. بکر مان (نادر شاه جا سڪا) جاري ٿيل مليا آهن جنهنجو ذڪر (ڊاڪٽر رييض الاسلام) پنهنجي مقالي ۾ به ڪيو آهي ۽ سڪن جو عڪس به ڏنو اٿس.
    نادر شاه جي قتل ٿيڻ کان پوءِ مغل شهنشاه (محمد شاه) سنڌ تي وري قبضي جي ڪوشش ڪندي بکر جي ضرب خاني مان پنهنجا سڪا جاري ڪرايا، ليڪن هيءَ ڪوشش ناڪام ٿي جو نادرشاه جي قتل کان پوءِ ، سنڌ تي (افغان) تسلط قائم ٿيو ۽ هتي (احمد شاه ۽ تيمور شاه) جا سڪا رائج ٿيا. ڪلهوڙن جي آخري دور حڪومت ۾ (حيدرآباد ۽ شڪارپور) ۾ به صرب خانا قائم ٿيا هُئا.
    طبعي طور سنڌ جا ٽي مکيه ڀاڱا آهن (1) ڪوهستان (2) ميداني (3) ٿر.
    ڪوهستان ۽ ٿر ۾ زراعت جو دارومدار ماضيءَ ۾ به اڄ وانگر بارشن تي رهيو آهي. جڏنهن ته سنڌ جي ميداني علائقي ۾ زراعت جو مدار (درياءِ سنڌ) تي رهندو اچي. سنڌ جا مکيه شهر، ماڳ ۽ صنعتي ۽ تجارتي مرڪز به ميداني علائقن ۾ آباد ٿيا. ان کان علاوه قدرت به سنڌ کي پنهنجي (سامونڊي پٽي) به ڏني آهي، جنهن سبب بين الاقوامي اقتصادي سرگرمين جا موقعا پڻ مهيا ٿيا.
    سنڌ جي زرعي ۽ صنعتي پيداوار کان علاوه، زماني جي بندرگاهن، رستن ۽ روڊن ڪري سنڌو ماٿريءَ سان ايشيا سان ايندي، ويندي، يورپ تائين ڪاروبار روان دوان رهيو آهي. مغلن جي دور ۾ به يورپ جون مختلف قومون هندستان وانگر سنڌ ۾ به واپار لاءِ پُهتيون. بعد ۾ شديد بد امنيءَ سبب، يورپ جو ڪاروباري سلسلو خاص ڪري سنڌ لاءِ بند ٿي ويو.
    ڪلهوڙن جي دور ۾ مختلف يورپي واپاري سنڌ ۾ داخل ٿيا هُئا، (ڊچ، پورچوگيز ۽ انگريز) ڪاروبار ۾ هڪ ٻئي کان گوءَ کڻندي، سنڌ ۾ داخل ٿيا هُئا. مرادياب خان جي دور ۾ (ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني) واپار لاءِ سرگرم هُئي. غلام شاه ڪلهوڙي جي دور ۾ ٻيهر انگريزن جي (ايسٽ انڊيا ڪمپني) واپار ڪرڻ جي اجازت گهري. ميا سرفراز کان پوءِ جڏنهن (سنڌ ملڪ گهرو لڙاين ۾) وڪوڙجي ويو تڏنهن (ايسٽ انڊيا ڪمپني) هڪ ڀيرو وري سنڏ ۾ پنهنجو ڪارو بار بند ڪيو.
     
  14. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪلهوڙن جي دور ۾ (18هين صدي عيسوي) سنڌ اندر رڳو سياسي تبديلي نه پر هتي جي سماجي جوڙجڪ ۾ پڻ گهڻي اُٿل پُٿل پئدا ٿي هُئي. سمن جي بادشاهي (927 هجري يعني 1520ع) ختم ٿيڻ سان، سنڌ جي سماج ۾ تبديلين جو هڪ نه کُٽندڙ سلسلو شروع ٿيو هو. اها معاشرتي تبديلي (وچ ۽ اوله ايشيا) مان ايندڙ قبيلن جي صورت ۾ شروٿ ٿي. (ارغون، ترخان ۽ مغل) دور ۾ هتي جي سماجي عمل ۾ ايندڙ تبديلي عارضي ثابت ٿي.
    جهانگير جي حڪم تي جڏنهن (ٺٽو صوبو) مرڪزي حڪومت جي تسلط هيٺ آيو تڏنهن (وچ ايشيا مان سنڌ پُهتل) اڪثر خاندانن کي به دهلي منتقل ڪيو ويو هو. جنهنڪري اڄ ڪو ورلي (ارغون، ترخان يا بيگلار) سنڌ ۾ موجود هوندو.
    مغل دور ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ (بلوچ آبادڪاري) شروع ٿي، ۽ اها صورتحال ڪلهوڙن جي دور ۾ به جاري و ساري رهي. جنهن کان علاوه (سرائڪي پٽي) جي مُلتان صوبي مان به ڪيترن ئي قبيلن سنڌ طرف لڏ پلاڻ ڪئي.
    ڪلهوڙن جي دور ۾ (سنڌ جي آدم شماري) بابت مختلف رايا ملن ٿا. ڊاڪٽر سورلي مطابق هتي جي آدم شماري 10 لکن کان وڌيڪ نه هوندي جيڪا قبوليت جوڳي ناهي ڇو جو (ڇٻلاڻيءَ جي ڏنل انگ اکرن موجب مغلن جي دور جي اوائل ۾ سنڌ جي آدم شماري (20 لکن تي پُهتي هُئي) ۽ ڪلهوڙن جي اوائلي دئور ۾ اها (30 لکن) تائين پُهتي هُئي ۽ پوءِ ڪيترن ئي سببن جي ڪري، جن سنڌ جي معشي حالتن ۾ هڪ مجموعي تنزل آندو، سنڌ جي آدم شماري (ٽالپرن جي دور ۾) پوري ٿيڻ تي سن 1853ع ۾ گهجي وڃي 15 لکن تي پُهتي.
    جيئن ته سن 1757ع ۾ ڪلهوڙن جو اوج هو ان وقت سنڌ جي آباد زمين (21 لک ايڪڙ) هُئي ۽ آدمشماري (30 لک). سنڌ جي ٻهرڙيءَ واري سماج ۾ هڪ ايڪڙ لاءِ ڏيڍ ماڻهون کپي. پر جڏنهن 1757ع ۾ درياءَ ۾ اُٿل پُٿل آئي ته پوک هيٺ (21 لک ايڪڙ) ايراضي گهٽجي (11 لک ايڪڙ) ۽ انهيءَ اعتبار سان آدمشماري به گهٽجڻ شروع ٿي ۽ پوءِ انهيءَ ئي پس منظر ۾ سنڌ جي قومي پيداوار به گهٽجڻ لڳي. ميان سرفراز جي دور حڪومت ۾ (ڪڇ تي ڪيل حملن) کي سنڌ جي قومي خزاني کي پُهتل نقصان جي تلافيءَ جي صورت ۾ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ ۾ معتسم با الله دئور کان شروع ٿيندڙ ۽ (نادر شاه ۽ احمد شاه ابداليءَ) جي وقت تائين، ظلم ۽ استبدال خلاف به سنڌ جا بڻجندڙ (غلام ابن علام بڻايل) ماڻهون به گهوڙا ڙي ...گهوڙا ڙي ڪري به پريشان رهڻ لڳا هُئا. ڄام نندي جي وفات (سن 914 هجري بمطابق 1508ع) کان پوءِ سنڌ آهستي آهستي، ٺٽي ۾ دين جي عزت گهٽ ٿيڻ لڳي، ماڻهون شرڪ، بدعت، فسق و فجور ۽ گناه جي ڪمن ڏانهن راغب نظر اچڻ لڳا هُئا. سُر، ساز، سوز، سنگت ۽ سنگيت جو شامون ۽ راتيون مچڻ لڳيون هُيون، شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ نمازخ گهٽجي وئي، ماڻهن جي مسجدن ۾ وڃڻ جي گهٽجائي ٿيڻ لڳي، ماڻهون عيش و عشرت ۽ سير و تفريح جا شوقين ٿي ويا هُئا ۽ هاڻ ميان غلام شاه ڪلهوڙي جو دور شروع ٿي چڪو هو.
    ٺٽو جتي عرب عالم محمد بن قاسم سان گڏ اچي وسيا هُئا ۽ جيڪو پوءِ علم ۽ هنر جو مرڪز بڻيل هو، جتي مختلف مڪتبه فڪر جا وڏا وڏا عالم ۽ فاضل، صوفي، درويش، شاعر ۽ سياڻا رهندا هُئا ۽ جتي علمي مجلسن، بحث مباحثي، شعر و شاعري، تصنيف و تاليف جو چهچٽو متل هوندو هو، پر پوءِ ايترن عالمن ۽ صوفي درويشن جي موجود هئڻ باوجود غير شرعي ڪم ٿيڻ لڳا هُئا، جاهل صوفين ڪئين قسمن جون بدعتون جاري ڪري وڌيون هُيون. انهن جو اثر عام ماڻهن سان گڏ، اهل علم کي به لپيٽ ۾ آڻيندو ۽ وڪوڙيندو ٿي ويو. حڪومت طرفان به (اسلامي اصولن ۽ شريعت جي پابندي ۽ بدعتن جي باري ۾) به پُڇا ڳاڇا ڪان ٿيندي هُئي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 اپريل 2016
  16. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    نبي اڪرم محمد عربي صلي الله عليه وسلم واضه ڪندي فرمايو آهي ته
    تسمعون و يسمع و يسمع ممن يسمع منڪم (حديث)
    ترجمون :
    توهين مونکان ٻُڌو ٿا، ۽ توهان کان به ٻُڌو ويندو ۽ (ان کان اڳتي) ان (شخص) کان ٻُڌو ويندو، جنهن توهان کان ٻُڌو هوندون.
    حوالا : (طبراني ڪبير: حديث 1306، مجمع الزوائد 137 جو 1، مسند امام احمد ؛ حديث نمبر 2793، سنن بيهقي : 250 جو 10، ابو دائود، جلد 2، ص 159، باب فضل نشر العلم)
    حديث : اللهم خلفائنا. قلنا ما خلفائڪم؟ قال ؛ الذين ياتون من بعدي و يروون احدثي و يعلمونها الناس (طبراني وسط)
    ترجمون : حضور اڪرم صلعم دعا فرمائي ته : اي الله ! اسانجي خليفن تي رحم فرماءِ، اصحابن عرض ڪيو ته يا رسول الله ! توهانجا خليفا ڪير آهن؟ پاڻ (صلعم) فراميو (اهي ماڻهون جيڪي مون کان بعد ايندا ۽ مُنهنجون حديثون روايت ڪند ۽ ماڻهن کي سيکاريندا).
     
  17. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    زبردست ليک سٺو ڄاڻ ۾ اضافو ٿيو
     
    Sindhi Media هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو