منهنجا پرين! او بانورا! او سانورا!

'شيخ اياز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شيخ اياز

    منهنجا پرين!
    او بانورا! او سانورا!
    گھر ۾ گھرين،
    چوري ڪرين، کلندو ورين،
    مان لک چوان، پيرين پوان،
    پر جو مڙين، او شل جڙين!
    منهنجا پرين!
    او بانورا! او سانورا!

    سورج ويو جئن ڍرڪندو،
    ۽ شام لهرايون چڳون،
    آئين نظر تون مرڪندو.....
    ڪيڏيون نہ گھرايون هيون،
    منهن ۾ سندءِ اي آشنا!
    سو سو سنيها جن ڏنا!

    جئن ڪنگ اڏريا واءُ ۾،
    ڦرنديون ڪريون، کنڀڙيون کٿيون،
    ٿي ويا ڇلا ڦهلاءُ ۾،
    جئن ڍنڍ ۾ لهريون اٿيون،
    تھ ۾ نظر آئين پئي
    وھ تي بہ لهرائين پئي...
    پر رات ڦهلايا جڏهن،
    تارا ٿيا تارا سندءِ،
    وڻ سانت ۾ آيا جڏهن،
    آيا نظر چارا سندءِ،
    گذري ائين ئي رات وئي،
    تن مان نہ تنهنجي تات وئي...

    کن ۾ کسي دلڙي وئين،
    زورآوري پنهنجي بہ ڏس!
    مهنا ٿيا جو منهن پئين،
    ڏيساوري پنهنجي بہ ڏس!
    لنءُ لائجي، پرڀائجي،
    پوءِ ڇو ائين گھٻرائجي!
    منهنجا پرين!
    او بانورا! او سانورا!

    کن ۾ ڦرين،
    ويندو رهين، لک ٿو لهين،
    مان پئي چوان، پيرين پوان،
    پر جو مڙين، او شل جڙين!
    منهنجاپرين!
    او بانورا! او سانورا!
     
    احمد يار ۽ محمد عزير هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو