چمبڙ شهر ليکڪـ: نظام الدين ڪاڪا ٽنڊوالهيار ڪافي قديم شهر آهي هي شهر 1790ع ڌاري مير الهيار خان ٽالپر (ماڻڪاڻي) ٻڌايو هو جيڪو “مير فتح خان” اول جو فرزند هو. هي شهر حيدرآباد ۽ ميرپورخاص شهرن جي بلڪل سينٽر تي قائم آهي ۽ زرخيزيءَ جي لحاظ کان ڏينهان ڏيهـ مشهور آهي. هن شهر ۾ سنڌ جي عظيم شاعر مير عبدالحسين سانگيءَ جي ٻي شادي سن 1224هـ مطابق 1877ع ۾ “ڊاڪٽر رائيٽ صاحب” (جيڪو ان دور ۾ ٽنڊوالهيار ۾ سول سرجن هو) جي نياڻيءَ سان ٿي جنهن جو مسلمان نالو بيبي بلقيس رکيو ويو. پيپلز پارٽيءَ جو جيالو خانصاحب عبدالستار بچاڻي هتان ئي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊبو رهيو آهي پر اسان اڄ ٽنڊوالهيار ضلعي جي تعلقي چمبڙ بابت تفصيلي ذڪر ڪنداسين. ٽنڊوالهيار کان ڏکڻ طرف 22 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ۽ گلاب لغاري کاـن اتر طرف 6 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. هن شهر جا آباد ڪندڙ لغاري بلوچ آهن هن شهر جي چوڌاري سرسبز ۽ شاندار فصل هن شهر جي رونق ۽ ڪاروبار کي الاهي سهڻو ۽ هٿي ڏين ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جامع لغات ۾ لفظ چمبڙ کي اسم خاص هڪ ذات ڪري لکيو آهي جڏهن تـ ضلعو ٽنڊوالهيار جي هڪ ديهـ نالو بـ چمبڙ آهي.ٽنڊوالهيار ضلعي جو چمبڙ شهر هاڻي تعلقي جي حيثيت رکي ٿو.هن تعلقي ۾ ٽوٽل 30 دينهون آهن.چمبڙ، ونگي، ساندڪي، تاراهڏي، ڇڇ، ڪڙيو گلشير، ساهڪي، سُتياري، ٺُلُ، ٻُوچڙ، ٻائل، ڪاپاهو، لڙهـ، ميران ڪوري، سنجر چانگ، نوڌاڻي، لانڍي، لوٽڪو، جاڙيون، ڪنڊياري، سهجڙو، ڳاڙهو صدر، ڌالو، نانگنا، آراڙو، مڱريا، جهول، چنبهراهـ، ڄارڪي، ( هي نالو هن ديهـ تي هڪ مهاڻي ڄارڪيءَ جي ڪري پيو ) اسان جي سنڌ سڀاڳيءَ ۽ صدوريءَ ۾ ڪافي شهر ۽ ڳوٺ فصلن، هنرن جي ڪري مشهور رهيا آهن. چمبڙ جا ماڻهو هٿ جي هنر ۽ مهماننوازيءَ جي ڪري بـ مشهور آهن. سندن ٻولي جا لهجا ۽ انداز ماڻهوءَ جي من کي موهي وجهندا آهن. ماڻهو سادا سٻاجها تـ سندن ٻولي بـ سٻاجهي ويچارن ماڻهن جا لفظ بـ ويچارا آهن. انهيءَ سادگي ۽ سڀاءَ جي ڪري انهن ڏاڍيون ڪسون بـ کاڌيون آهن. تنهن هوندي بـ پنهنجي روايتن کي جاري ۽ ساري رکندا پيا اچن. هنن لاءِ ئي حاجي احمد ملاح هي شعر چيو هو تـ، عشق آهي بي ادب پر بي ادب جا هنڌ ٻيا بي ادب “احمد” اچن ٿا، ادب سان تون بـ اچ هن شهر ۾ کٽي سومرا، لغاري، لنجواڻي، لاشاري، ڪنڀر۽ ٻيون بـ ڪيتريون ئي ذاتيون آهن پر هن شهر جي خاص سڄاڻپ سنڌ جو مشهور محقق ۽ تعليمي ماهر محمد حسين “ڪاشف” ڪنڀر ۽ لطيف جو پارکو شادي خان لغاري جو هن شهر ۾ ٽوپين جو ڪاروبار ڪندو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪافي لطيف جا شعر شادي خان کان پڙهائي اچاري سمجهيا. هن شهر ۾ شاعر، اديب، سگهڙ پنهنجو تخليقون سرجهيندا رهندا آهن. هن شهر جي ماڻهن جو گذر گهڻو ڪري زراعت تي آهي ۽ ڪافي ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ بـ آهن. زرعي فصلن ۾ ڪمند، ڪڻڪ، ڪپهـ، ڪيلو، انبن جا باغ، وغيره اچي وڃن ٿا. هن شهر ۾ روزمره جي زندگيءَ جو ڪاروهنوار ۽ وڻج واپار گهڻو ڪري اڱاري جي ڏينهن چوپائي مال جي پڙيءَ جي ڪري ٿيندو آهي، چمبڙ تعلقي ۾ ٻـ شگر ملون آهن، هڪ چمبڙ شگر مل ٻي ٽنڊوالهيار شگر مل، ٻنهي شگرملن جو مالڪ سابق صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري آهي. ثقافت جي لحاظ کان رئيس نصير خان مدواڻي هتان جي مشهور شخصيت ٿي گذري آهي. سنڌ جو مشهور صنعتڪار رئيس الله بخش مگسيءَ جي نياڻي جڏهن ٽنڊوالهيار جي ناظمـ هئي تڏهن ٽنڊوالهيار شهر، چمبڙ شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا. هتان جون مشهور شخصيتون ميون علي محمد ولهاري، امداد پتافي، رئيس غلام قادر مري، هاشم لغاري (اڳوڻو سيڪريٽري) محمد عالم لغاري، عبدالرحمان لغاري ۽ سماجي سڌارڪ اسان جو دوست عبدالغفور سومرو جا نالا نمايان آهن ۽ هتان جا شاعر خليل کوسو، جان محمد برهماڻي (جانو لغاري) شير محمد شيراڻي ۽ ٻيا ڪيترائي سگهڙ، شاعر اديب آهن. ڇانو جو ڄڻ بڙ اٿئي، اهڙو شهر چمبڙ اٿئي، سر سبز شاداب آ جنهن کي ڪيو الاهي!! اسان تي وڙ اٿئي (نظام ڪاڪا)