1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    37000

زندگيءَ جا 55 سال ڪراچي ۾ رهي مُلڪ مان ڪوڙهه جو مرض ختم ڪندڙ عورت

'صحت سرير جي' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,739
    ورتل پسنديدگيون:
    5,799
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪراچي ۾ رهي مُلڪ مان ڪوڙهه جو مرض ختم ڪندڙ عورت​
    نئون ديرو واسي دوست واحد ناريجو جنهن ڏينهن جرمن ڊاڪٽر رُٿ فاءُ جو ذڪر ڪيو تنهن ڏينهن کان ان ڊاڪٽر سان ملڻ جي خواهش جاڳي پئي. ڇو ته دوست ٻُڌايو ته ڊاڪٽر رُٿ فاءُ هڪ عام ڊاڪٽر ۽ هڪ عام انسان کان گهڻو مٿي درجو رکي ٿي جنهن پنهنجي زندگيءَ جا 55 سال ڪراچي ۾ رهي هن مُلڪ مان ڪوڙهه جي مرض ختم ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيا. 9 سيپٽمبر 1929ع تي جرمني جي شهر Leipzig ۾ جنم وٺندڙ رُٿ فاءُ ننڍي هوندي ئي ڏُکيا ڏينهن ڏٺا جڏهن هن جي اباڻي علائقي تي فوج جي حملي سبب سندس خاندان کي دربدر ٿيڻو پيو. زندگيءَ جي ڏکيائين سان جهيڙيندي هي جڏهن وڏي ٿي ته طب جي تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽر ٿي وئي. 1955ع ۾ پاڻ کي مُڪمل سماجي خدمتن لاءِ وقف ڪرڻ لاءِ سسٽر Nun (عيسائي ڌرم ۾ شادي نه ڪري چرچ يا فلاحي ڪمن کي ڏيئي زندگي وقف ڪندڙ) ٿي وئي. پاڻ کي 1956ع ۾ Daughters of the Heart of Marry ۾ شامل ڪيائين جيڪو فرانس ۾ هڪ ”آرڊر“ ٺهيو هو. ان سلسلي ۾ کيس انڊيا وڃڻو هو ۽ ويزا جي مسئلي سبب کيس صلاح ڏني وئي ته هو پهريان ڪراچي وڃي اُتان ويزا آساني سان ملي ويندس. ڪراچي اچي جڏهن هو پاڻ جهڙي ميڪسيڪن سسٽر ۽ فلاحي ڪم ڪندڙ فارماسسٽ بيرنس سان ملي ته هن جي زندگيءَ جو مقصد ئي بدلجي ويو. بيرنس کيس ٻُڌايو ته هو هن وقت ڪراچيءَ ۾ ڪوڙهه جي مريضن جي رهائش واري علائقي ۾ ڪم ڪري رهي آهي جن جي حالت صفا خراب آهي. جڏهن ڊاڪٽر رُٿ فاءُ وڃي ڏٺو ته هو اهو عزم ڪرڻ کان رهي نه سگهي ته انهن مريضن لاءِ ڪم ڪبو. هُن نه فقط پاڪستان پر افغانستان تائين ڪم ڪيو ۽ کيس مُلڪ جي نيشنلٽي سان گڏ ڪيئي قومي ايوارڊ پڻ مليا. هُن اهو سڀ ڪيئن ڪيو؟ پنهنجي باقي حياتي ڪراچي ۾ ڪيئن گذُاري اهو تجسس کڻي ريگل چوڪ لڳ سندس هاڻي واري هاسپٽل تي ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر (MALI) تي پُهتس ته رسيپشن وارن ڊاڪٽر رُٿ فاءُ جي خدمت ڪندڙ هن جهڙي ئي هڪ سسٽر مارگريٽ سان ملايو. تعارف ڪرائڻ کان پوءِ وٺي هلي ڊاڪٽر جي ذاتي اسٽڊي روم تي جتي هڪ 86 ساله جهوني جرمن عورت ٽيبل لئمپ ٻاري ڪو ڪتاب پڙهي رهي هُئي. مارگريٽ پاران منهنجي ساڻس ملڻ جي خواهش جو ٻُڌي پهريان ته ڪنهن ٻي دفعي اچڻ جو چيس پر پوءِ اهو ٻُڌي ان مهل ئي ٽائم ڏيڻ تي راضي ٿي ته گهڻو وقت نه ورتو ويندو. توڙي جو کيس اردو به آئي ٿي پر انگريزي ۾ ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ سهولت هُئس. جڏهن کيس ٻُڌايم ته هي انٽرويو ۽ احوال سنڌيءَ ۾ ڇپبو ته کلي چوڻ لڳي ”مون وٽ اسٽاف ۾ ڪافي سنڌي به آهن جيڪي ترجمو ڪري ٻُڌائيندا.“

    انهي کان پوءِ جيڪي سوال جواب شروع ٿيا سي جيئن جو تيئن هتي ڏجن ٿا؛

    سوال: اوهان لاءِ هتي رهي پوڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو اصل مُحرڪ ڪهڙو هو؟

    جواب: آءُ سمجهان ٿي اهو مون لاءِ انتهائي اهم آهي ته هتي ٻُڌائيندي هلان. آءُ 1960 ۾ انڊيا وڃي رهي هُئس ته وچ ۾ ڪراچيءَ ۾ لهڻ ٿيو. آءُ ان وقت هڪ بي روزگار ۽ واندي هُئس. منهنجو ڌرم ڪيٿولڪ هو. مون سان گڏ منهنجي گروپ جون سسٽرس هُيون. اسان جو جٿو انڊيا وڃي رهيو هو. ڪُجهه وقت ڪراچيءَ ۾ جو ترسياسين ته اسان کي محسوس ٿيو ته ڪوڙهه جو مرض عام جام آهي. مون سان اُن وقت ميڪسيڪو جي هڪ فارماسسٽ پڻ مِلي. اُن ئي ٻُڌايو ته هتي اها بيماري عام جام آهي. ڪو به ان تي سوچڻ ويچارڻ وارو ناهي. مون اُن وقت ئي محسوس ڪيو ته ڪنهن هِڪ ماڻهو کي هتي رهي وقت ڏيئي ان جي حل لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ايئن اها ”هڪ“ آءُ پاڻ ئي ٿي پيس ۽ رهي پيس. ان وقت مون سان گڏ سواءِ منهنجي ميڪسيڪن دوست جي ٻيو ڪو به نه هو. ڪم جو آغاز الاهي ڏُکيو هو پر اسان جو عزم پڪو هو ته ڪُجهه به ٿئي ڪم ڪرڻو آهي.

    سوال: اوهان کي والدين طرفان ڪا روڪ ٽوڪ نه ٿي؟

    جواب: (مُسڪرائيندي) بابا ته اڳ ئي گُذاري ويو هو. ها باقي امڙ نه چاهيندي ۽ ڊڄندي ڊڄندي ها ڪئي. اصل ۾ امڙ به راضي نه ٿئي ها پر هُن به سمجهي ورتو هو ته منهنجي ڌي جنهن اٽل ارادي سان ان جدوجهد جو سوچيو آهي اها مُڙڻ واري ناهي. هُن بس اهو چيو ”تو سوچي ئي ورتو آهي ته آءُ ڪير ٿيندي آهيان روڪڻ واري؟“

    سوال: اوهان ڪراچي شهر ۾ زندگيءَ جا ساڍا پنج ڏهاڪا گُذاري ڇڏيا. هن شهر جي تبديلي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

    جواب: هي عجيب شهر آهي. آءُ اڄ هن شهر لاءِ ڪُجهه چوان ته سڀاڻي اُهو سچ نه هوندو. آءُ ماضي جي غير يقيني ۽ تڪڙين تبديلين کي ڏِسان ٿي ته اڄ ڪا به راءِ نه ٿي ڏيئي سگهان ڇو ته سڀاڻي اُن تي ڪو به يقين ڪندو اها پڪ نه اٿم. بس اهو سو ضرور چونديس ته هن شهر جي مستقل استحڪام جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ ڪو به اڳتي اچڻ لاءِ تيار ناهي. افسوس آهي ته ليڊرشپ صحيح ناهي (چيم اهو نه لکان؟ چوڻ لڳي ڇو نه لکندين؟ ضرور لکجان). هن مُلڪ جي سرڪار سان گڏ هلڻ ڪم ڪرڻ يا ڪا وڏي اُميد رکڻ ڏاڍي ڏُکي آهي. عوام ان ڌوڪي ۾ آهي ته اها سڀ ڌارين جي سازش آهي جڏهن ته ايئن ناهي. مُلڪ جي غير يقيني صورتِحال جو سبب هتان جا حُڪمران آهن ٻيو ڪو به نه.

    سوال: هڪ عورت طور اوهان ته زندگي هڪ مشن پورو ڪندي گُذاري. عورتن کي همٿائڻ لاءِ اوهان وٽ ڪو راز يا صلاح؟

    جواب: افسوس آهي ته هن مُلڪ جي عورتن ۾ خوب صلاحتيون آهن پر سندن ڀائر ۽ مُڙس ئي انهن لاءِ رُڪاوٽ آهن. اُهي نه ٿا چاهين ته عورتون ساڻن ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي ڪم ڪن. ڪُجهه وري هتي سماجي ۽ سياسي مسئلا پڻ آهن. حالتن جو به عمل دخل آهي. منهنجي پنهنجي اسسٽنٽ ڪانتا جيڪا ٿر جي وارياسي علائقي مٺي سان تعلق رکي ٿي سا به ڏاڍي هوشيار آهي. آءُ سمجهان ٿي اُها منهنجي جاءِ تي ڪم ڪري سگهي ٿي. آءُ کيس پنهنجو مُتبادل سمجهان ٿي پر هو هتي نه ٿي رهي. (وچان مارگريٽ ٻُڌايو ته هن وقت به ڪانتا نيپال ۾ آهي)

    سوال: ڀلا ڪوڙهه جي مرض کي هن مُلڪ مان ختم ڪرڻ جي مشن بابت مُختصراً ٻُڌائيندؤ؟

    جوب: اسان جڏهن ڪم شروع ڪيو ته لڳو پئي ڪم ڏُکيو آهي. اُن جا وڏا داستان آهن اُن کي ڇڏيون ٿا قصو ڪوتاهه پر اڳتي هلي 1980ع ۾ WHO جي مدد سان هڪ ٻٽي علاج سان ڪوشش ڪئي ته ڪنٽرول ٿيڻ شروع ٿيو ۽ اڳتي هلي اها مُڪمل ختم ٿي وئي. 1996 ۾ ته WHO به اهو اعلان ڪيو ته هاڻ پاڪستان ڪوڙهه کان پاڪ آهي.

    سوال: اوهان وڏو عرصو هتي گُذاريو. ڪيئن ٿا ڏسو نئين ٽهي کي؟

    جواب: (هڪ ڊگهو ساهه کڻي خاموشي کان پوءِ جڏهن جواب ڏيڻ لڳي ته اکيون ڀرجي آيس). سچ پُڇين ته مون کي ڏاڍو افسوس آهي. آءُ اولهه مُلڪن ۾ ڏسان ٿي ته ماڻهن جي صلاحيتن کي پرکيو وڃي ٿو. هو ڇا ۽ ڪيئن ڪري سگهن ٿا اهو معلوم ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ کين آماده ڪري اهو ڪم وٺي فائدا ورتا وڃن ٿا. هتي ظلم اهو آهي ته ٻيا ته ٺهيو پر ماڻهو پنهنجو پاڻ کي به ڏسڻ لاءِ تيار ناهن. اڪثريت بنا سوچي سمجهي ڪم ۾ لڳل آهي. جڏهن ته هن وقت جي گهُرج آهي پنهنجي صلاحيتن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي. اوهان پاڻ کي ڏسو. پنهنجي صلاحيتن کي سمجهو. پوءِ زندگيءَ لاءِ هڪ چئلنج کڻي اُن کي پورو وقت ڏيو. ڏسو ته ڪيئن نه ٿي اچي تبديلي ۽ اوهان ڪيئن نه ٿا ڪامياب ٿيو.

    واعدي موجب گهُريل وقت پورو ٿيندي ڏٺم ته موڪلايم. منهنجو هٿ پڪڙي ٻيو هٿ اُن مٿي رکندي ڪا دير ڏسندي رهي ڄڻ ته نظرن ۾ ئي چوندي هُجي ”پاڻ کي سُڃاڻو ۽ سمجهو. زندگيءَ جو ڪو مقصد ٺاهي ان کي پورو ڪريو“.

    ان ملاقات کان پوءِ مارگريٽ مون کي اهو ميڊيڪل سينٽر گهُمايو جنهن ۾ گهڻي قدر لاچار مسڪين ۽ اپاهج هُئا جن مان گهڻن کي ته گهروارن هتي ڇڏي وري وٺي وڃڻ جي زحمت ئي ناهي ڪئي. هڪ مريض ته افغانستان جو به هو جيڪو الائي ڪيئن هتي اچي نڪتو. مارگريٽ ٻُڌايو ته هاڻ ڊاڪٽر پنهنجي جرمن دوستن جي تعاون سان هي سينٽر هلائي ٿي. گورنمنٽ جو سهڪار هاڻي نه هُجڻ برابر آهي. هي مريض به مريض کان وڌيڪ ڏُتڙيل هُجڻ جي ڪري هتي داخل آهن.

    ٻاهر نڪتس ته ڪراچيءَ جي گرم موسم ۽ ريگل چوڪ جو شور تنگ ڪرڻ لڳو. ڊاڪٽر رُٿ فاءُ به اڳي ڪنهن اخبار ۾ انٽرويو ڏيندي چيو هو ته ڪراچيءَ جون اهي ٻه شيون کيس اڄ به پريشان ڪن ٿيون. مون کي به ڪرڻ لڳيون پر ڪاش اسان انهن پريشانين هوندي به ڊاڪٽر رٿ فاءُ جي ڪيل ڪم جهڙو يا جيترو نه سهي پر رتي برابر به ڪري وِجهون ته ڪيڏو نه ڀلو ٿي پئي. ڪنهن سچ ئي چيو آهي ”جيستائين اسان ڪنهن جا همدرد نه ٿا ٿيون درد اسان کان ۽ اسان درد کان جُدا ناهيون ٿيندا.“


    [​IMG]

    انٽرويو ڏيڻ مهل


    3319 اٽيچمينٽ ڏسو
    مارگريٽ جيڪا ڊاڪٽر جي ديک ڀال ڪري ٿي سا پڻ هڪ سسٽر آهي

    3320 اٽيچمينٽ ڏسو
    اسپتال ۾ موجود هن وقت هڪ بي سهارا مريض
    [​IMG]
    اڄڪلهه ڪنهن سان ملجي ۽ سيلفي نه وٺجي ته ڪهڙو ملڻ (ڪيئن عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم )

    هي پورو احوال ايڪسپريس مئگزين ۾ پڻ ڇپيو


    [​IMG]






     
  2. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    ادا حفيظ لفظ ناهن جو ڪجه لکان
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,621
    ورتل پسنديدگيون:
    6,886
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    283
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    ان ڊاڪٽرياڻي بابت اڳ ۾ واٽس ايپ تي هڪ موضوع پڙهيو هئم، تمام جذباتي ۽ ايموشنل ليک هو.. پر ان جو انٽرويو اڄ پڙهيو اٿم..

    اصل ۾ هيئن آهي ته اڄڪلھ ڦوٽوشاپ جا ماهر جام ويٺا آهن، جيڪڏهن مونکي ڊاڪٽر حفيظ سان ڦوٽو ڪڍائڻو آهي ۽ ڊاڪٽر وڏي شخصيت آهي ته ڊاڪٽر جي پاسي ۾ بيهڻ جي ضرورت ناهي، بس پنهنجو ڦوٽو به اُن اسٽائل ۾ ڇڪيو ۽ ڦوٽوشاپ جي ماهرن کان سِڌو ڪرايو.. توهان پاڻ حيرت ۾ پئجي ويندا ته واقعي به ڊاڪٽر سان ڪڏهين مليو هئس.. پر منهنجا سائين! سيلفي ته سيلفي آ نه، هڪ ڀيرو ٻنهي مُسڪرايو ۽ سيلفي ٺهي وئي.. :) :)
    سو ڊاڪٽر جي حفيظ جِي هِي سيلفي تمام ڀَلِي ٺَهِي آئي آهي.. :) :) :)
     
  4. محمد اسحاق لوهار

    محمد اسحاق لوهار
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڊاڪٽر صاحبه جيڪو احسان سر زمين سنڌ تي ڪيو آهي ان جو ٿورو لاهي نٿو سگهجي. ڇو ته هن کان پهريائين ڪوڙه جي مريض کي ڪوبه هٿ لڳائڻ لاءِ به تيار نه هوندو هو
     
  5. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڪوشش ڪيم ته ڪجھ لکان پر لفظ ئي ڪونه مليا ،جيڪي سوچيم ٿورو لڳو ..بس ايترو چوندس ته رول ماڊل آهن اهي شخصيتون،انهن جهڙو ٿيڻ ته ناممڪن نه ته به مشڪل ضرور آهي، ڪوشش ڪجي انهن جي نقل ڪرڻ جي ......
     
    عبيد ٿهيم ۽ عبدالحفيظ لغاري هيء پسند ڪيو آهي
  6. مجاهد سومرو

    مجاهد سومرو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    هن عظيم عورت کي هن ملڪ جو سلام، هن عورت جي نالي تي ڪو ادارو جڙڻ گهرجي، ۽ حڪومت کي عوام جي صحت جي باري ۾ ڪجه ڪرڻ گهرجي
     
    عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,391
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪهان سي آيا ڪهان جائو گي خبر ڪرو اپني تن ڪي،
    ڪوئي ستگر ملي جو ڀيد بتاوي ٽوٽ جائي انتر گٽ ڪي
    جرمني جي زمين تي رهندڙ ماڻهن جو الائي ڇو پيار اسان جي سنڌ ڌرتي سان هميشه رهيو آهي، ۽ پنهنجي ڌرتي سان پيار رهڻ سان گڏ انهن کي اسان جي سنڌ ڌرتي سان به هميشه پنهنجي ڌرتي وارو پيار رهيو آهي، جنهن جا ڪجهه مثال هي آهن سنڌ جي ماياناز عالم علامه آء آء قاضي صاحب جي گهرواري ايلسا قاضي، به جرمن سان تعلق رکندڙ هڪ عورت هئي، جنهن سنڌ ڌرتي جي هڪ ڄائي سان پنهنجي زندگي نالي ڪري پنهنجي پوري زندگي گذاري ڇڏي، ۽ هي جهان ڇڏڻ کانپوء به هن ڌرتي ۾ ئي دفن ٿيڻ پسند ڪيو ۽ اڄ به سنڌ يونيورسٽي جي ڪڇ ۾ آرامي آهي، ۽ پنهنجي ڌرتي ڏانهن واپس نه وئي، مشهور جرمن عالم جنهن شاه سائين جي شاعري جو ڪجهه حصو جرمن زبان ۾ ترجمو ڪيو هو، ڊاڪٽر ايني ميري شمل به هڪ جرمن عورت هئي، جنهن سنڌ ڌرتي ، سنڌي ادب سان ولهانه پيار ڪيو، ۽ پنهنجي وصيت ۾ چيو هئائين ته منهنجي مرڻ کانپوء مون کي سنڌ جي قبرستان مڪلي ۾ دفن ڪيو وڃي تاڪه مان مرڻ کانپوء سنڌ ڌرتي جي ٿئي رهان، ان کان علاوه سنڌي زبان جي تمام وڏي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جي شاعري جو پهريون رسالو به هڪ جرمن عالم ڊاڪٽر ٽرپ ليٿو مشين تي ڇپرائي اسان سنڌين جي آڏو آندو هو، جنهن لاء اسان سڀ سنڌي سندس جا ٿورائتا آهيون، ۽ تازو ڪالهه ٽيون ڏينهن هڪ ٻئي عظيم عورت ڊاڪٽر روٿ ڪٿرينه مارٿا فائو اسان کان هميشه هميشه لاء وڇڙي وئي، جنهن عورت نه صرف اسان جي سنڌ بلڪه اسان پياري پاڪستان جي تمام شهرن ۾ پنهنجو پاڻ وڃي ڪري اسان جي ملڪ ۾ ناسور سمجهي ويندڙ بيماري ڪوڙه جي بيماري کي ختم ڪيو، ۽ انهن مريضن جي پنهنجي هٿن سان خدمت ڪئي، ۽ پنهنجي پوري زندگي هن ڌرتي کي ڏئي ڇڏي، جنهن جي محنت ، ڪوشش ۽ جدو جهد سان اسان جي ملڪ ۾ 60 هزار ڪوڙه جي بيماري جا مريض صحتياب ٿيا ۽ 1996 ۾ اسان جو ملڪ سندس جي محبت نوازشن سان ڪوڙه جي بيماري کان پاڪ ملڪ قرار ڏنو ويو، ڪوڙه جي بيماري اها بيماري هئي، جنهن جي ڪري مريض کي پنهنجي گهر کان ٻاهر هڪ الڳ جاء تي کيس ڦٽي ڪري اچبو هو، ۽ ان بيماري ۾ پنهنجا به پنهنجا نه رهندا هئا، ۽ پنهنجن پيارن جو ساٿ به ڇڏي ويندا هئا، ۽ هي عظيم عورت ( جنهن جو نه نسل اسان جو هو، نه مذهب اسان وارو هو، نه زبان اسان واري هئي ) انهن کي هميشه پنهنجو ڪري خدمتون ڪيون ۽ انهن جي زخمن جي مٿان مرحم رکيو، ۽ انسانيت جو مان مٿاهون ڪيو، انسانيت جو شان مٿاهون ڪيو، سندس جي شخصيت ۽ جدوجهد کي منهنجا ٻنهي هٿن سان عزت احترام ۽ محبت مان سلام آهي.

    عظيم عورت ڊاڪٽر روٿ ڪٿرينه مارٿا فائو جو مختصر تعارف
    پيدائش ..............1926 جرمي
    پهريون ڀيرو پاڪستان اچڻ .....1962 ( جنهن کانپوء وري واپس پنهنجي ملڪ نه وئي ۽ زندگي هن ڌرتي کي ارپي ڇڏيائين.
    کيس 1988 ۾ پاڪستاني شهريت ڏني وئي،
    کيس هلال پاڪستان جو پڻ عزاز حاصل رهيو
    وفات...... 10 آگسٽ 2017 ڪراچي سنڌ

    اسان جي جي معاشري ۾ اهي به ڪرادار سامهون آهن جيڪي پنهنجي والدين، مٽ مائٽ دوست احباب، اوڙو پاڙو پنهنجو گهر گهاٽ، پنهنجو ملڪ ڇڏي ڪري اچي غريب لاچار ماڻهن جي خدمت ۾ عمر ڏئي هليا ويا، ۽ هي به ڪردار آهن جن اسان جي غريب لاچار مسڪين ماڻهن جي حق ڦٻائي، پنهنجا اڪائونٽ ڀري وري هنن لاچار مسڪين غريب ماڻهن تي پنهنجي حڪمراني ڪري انهن لاء ڪوڙه جي بيماري بڻجي ويا آهن، منهنجي خيال ۾ هاڻ ڪو اهڙو مسيحا اچي جيڪو هن ڪوڙه جي بيماري مان اسان جي هميشه هميشه لاء جان ڇڏائي، ۽ اسان جو ملڪ هن ڪوڙه جي بيماري ۾ پاڪ ٿئي وڃي، جيئن هن عظيم عورت ڪوڙه جي بيماري کي ختم ڪيو. ۽ اسان جو غريب لاچار مسڪين ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهي، آمين
    شايد شيخ اياز صاحب رح اهڙن ماڻهن لاء ئي چيو هو ته.....۔۔۔۔۔۔ واڪا ڪندي وو صديون تولئه سنڌڙي............ممتاز مصطفه وگهيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو