آدرش آدرش آدرش نوٽ بڪ جا ورق - اياز ته اياز آهي ني ! -05

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نوٽ بڪ جا ورق - اياز ته اياز آهي ني ! -05

    آدرش

    هر قوم جي پنهنجي نفسيات هوندي آهي. پنهنجا گُڻ اوگُڻ هوندا آهن. پنهنجا لڇڻ هوندا آهن. پنهنجون رسمون ۽ رواج هوندا آهن. اهي شيون قومن سان آڳاٽي زماني کان لاڳاپيل آهن سو هنن جي منهن تي ٺهنديون به آهن.

    اسان سنڌي قوم جون ڳالهيون ئي نراليون آهن. مون کي وڻنديون آهن، جو اهڙيون ڏندين آڱريون ڏيندڙ ڳالهيون اوهان کي ٻين قومن ۾ نه ملنديون.

    هر ماڻهوءَ جون ٻه شيون انتهائي ذاتي (Very Personal) هونديون آهن. هڪُ مذهب (Religion) ۽ ٻيو جنس (Sex) . اسان ڪنهن سان به ٿوري سُڃاڻپ ٿيندي ئي هڪ ٻئي جي گهرن ۾ هليا ويندا آهيون.

    ”ابا ڪير آن؟“ ” ڇا ڪندو آن؟“ ” ڪاٿي ويٺو آن“ ”شادي ٿيل ٿي؟“ ”ٻار گهڻا ٿي؟“ ”پيءُ ماءُ گڏ ٿي؟“ ”زال چڱو هلندي ٿي؟“ وغيره وغيره يا ” نماز پڙهندو آن؟“

    سفر ۾ هونئن به ٻوٿ ٻڌي ويهڻ ۾ ڪهڙو فائدو؟ اسان جا دفتر کُلي ويا.

    ”اُستاد! پاڻ ڪير آن؟“

    ”سائين! مان ناريجو آهيان“

    ”نالو ڇا ٿي اُستاد!“

    ”سائين! نالو ارشاد ٿم.“

    ”واھ ڙي واھ اُستاد! تون ته منهنجي نالي ڀائي نڪتين.“ مان ايئن چيو مانس ته اُستاد ونڊ اسڪرين جي مٿان ننڍڙي آئيني ۾ مون کي ڏسي مرڪيو. وڻيومانس. هونئن به ايڏو ويل لاڙڪاڻي جي (رڳو هڪ) ڀاڙيتو اديب جهڙو ناهيان جو زال کي به نه وڻان.

    ”استاد! تون به نئين ديري ويٺو آن؟“

    ”جي سائين! جي.“

    ڪنهن به شهر جي ماڻهوءَ کان ان شهر جي مشهور شخصيتن بابت پڇبو آهي يا ڪن دوستن احبابن جو پڇبو آهي. ننڍو شهر هئڻ ڪري اتان جا رهواسي گهڻو نه ٿورو مڙيوئي هڪ ٻئي کي سڃاڻي وٺندا آهن. نه ته نالي مئون واقف هوندا آهن.

    مون به ڪار جي ڊرائيور کان دل گهرئي دوست ۽ مشهور شاعر عبدالغفار ”تبسم“ بابت پڇيو ته چوڻ لڳو: ”سائين! ان جو ته گهر گهر سان آهي.“

    ”اڇا!“

    ”ها سائين! هي سائين تبسم جو گهر ۽ هو منهنجو گهر“

    ”ڪيئن ماڻهو آ، اُستاد؟“

    ”ڀلو ماڻهو آهي سائين! هاڻي به ٻه ٽي ڏينهن اڳ اتي ئي ڳوٺ ۾ هو. هفتو ڏيڍ اڳ ئي ته ڪراچيءَ ويو آهي.“

    ”اچي ته ملندو اٿي؟“

    ”سائين! ڳالهه ڪهڙي ٿا ڪريو. جڏي ٻڌايو مانوَ ته گهرجي ڀت ڀت سان آهي ته ملندو به نه! جاڏي به وڃي گاڏي منهنجي ڪندو آهي.“

    ”ڀاڙو پورو ڏيندو ٿي؟ يا ٻئي ڀيري جو چئي ڪراچي هليو وڃي ۽ پئسا کائي وڃئي.“

    ” نه سائين! هو ته اهڙو ماڻهو ئي ناهي جو ڪنهن جو ٽڪو به کائي، هيرو آ سائين هيرو.“ الائي اُستاد! ٿيندو آني. دنيا داري آهي. ماڻهوءَ جي خبر ئي نه ٿي پئي سو تڏنهن پڇيو مانءِ.“

    ***

    چڱي جي چڱائي ڳائبي آهي. ڪراچيءَ ۾ مون ٽن ماڻهن کي تڏي آيلن جي جيءَ ۾ جايون ڏيندي ڏٺو. اهو نه ڏسندا ته بادشاھ آهي يا فقير، ٻنهي لاءِ ساڳي محبت ساڳيو پيار. ساڳئي ٿالهيءَ ۾ پلاءُ، ته ساڳئ پيالي ۾ چانهن. مهمان هنن لاءِ مسجد ۾ هڪ ئي صف ۾ بيٺل محمود ۽ اياز وانگر هوندو. اهي ٽي دلبر مدد علي سنڌي، تاجل بيوس ۽ عبدالغفار تبسم آهن. تاجل بيوس ته جنت ۾ حُرن ۽ غلمانن کي پنهنجي شاعري ٻڌائي ڪڪِ ڪري رهيو آهي. مدد صاحب ۽ تبسم صاحب الله حياتي ڏيئن. ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڪهول سان گڏ سک ۽ شانتيءَ ۾ آهن.

    ***

    ڪجهه مهينا اڳ تبسم صاحب پنهنجي دلي دوست ڊاڪٽر خليل الله شيخ جي فرزند کي گهوٽ ڪري، ڄڃ سان گڏ شڪارپور آيو. ڪنوار منهنجي پاڙي جي ۽ پري جي مائٽ، منهنجي نالي ڀائي ارشاد شيخ جي نياڻي هئي.

    تبسم صاحب وڙ ڪري، شادي هال مان اُٿي، اسان سنگتين ڏانهن، هڪ هوٽل تي آيو هو. گهڙي سوا گڏ هيو ته ڄڻ محبت گڏ هئي.

    ماڻهو ماڻهوءَ ڀاڳ هوندو آهي. ارشاد صاحب جي نياڻيءَ ۾ ڀاڳ هو. هن جو والد لکيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هو. هن جي نياڻي، وهانءُ ڪري، گهر مان پير کڻي خير سان نئين ديري وئي، ته ڀاڳ به ڄڻ ڏاج جي زيورن جي دٻليءَ ۾ کنيو وئي.

    ڪجهه ڏينهن پڄاڻان، ارشاد صاحب جي دفتر ۾ ائنٽي ڪرپشن کاتي جي ادن ڀائرن هنيو جو ڇاپو، ڪنوار ريل ۾ ڪنوار جو ابو جيل ۾.

    ***

    عبدالغفار ”تبسم“ عوامي ۽ محبت جو شاعر آهي. هن جي شاعري سولي ۽ سادي آهي. ڪو ابهام يا ورَ وڪڙ ڪو نه اٿس. جو ماڻهو پڙهي ته دماغ چرخ ٿي وڃيس ۽ سوچيندي سوچيندي فلسفي بڻجي وڃي. هن جي شاعريءَ کي سنڌ جي مڙني ڳائڻن ڳايو آهي.

    هن جي ستر جي ڏهاڪي ۾ شاعري جو پهريون مجموعو ” گلن جهڙا ڳل“ ڇپيو هو. ڪتاب جو سهڻو ٽائيٽل ۽ خاص طور بيبي ڪٽ (Baby Cut) ڪتاب جي منفرد سائيز هئي. ان سائيز جو ڪتاب مون وري نه ڏٺو آهي.

    تبسم صاحب جا ست شعري مجموعا، هڪ سفرنامو ۽ آتم ڪٿا جو ڪتاب شايع ٿيل اٿس. هو موسيقي جو به سٺو ڄاڻو آهي. ڪمپيئرر به نرالو آهي. ڪافي عرصو هن پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جي سنڌي پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ به ڪئي.

    تبسم صاحب هاڻي به سهڻو آهي. پر هر وهيءَ جي پنهنجي سهڻائپ هوندي آهي. جوانيءَ ۾ ڏاڍو ٺاهوڪو سهڻو هو. پاڻ کي هيرو سمجهڻ وارو فلم جو به هيرو ٿيو. ستر جي ڏهاڪي ۾ ”برسات جي رات“ جي نالي سان هڪ سنڌي فلم ٺاهيائين.

    فلم اهڙي ڌماڪا خيز ثابت ٿي، جو جنهن سئنيما ۾ هلي، ته ان جي پروجيڪٽر مشين سڙي وڃي. هن فلم جي ڪري ڪراچيءَ جون ٻارنهن سئنيمائون بند ٿي ويون.

    سال ڏيڍ اڳ چئنل ”فلم ايزيا“ Filmazia وارن کي اچي کُٽي کنيو. اها فلم هلايائون. چئنل جو مالڪ برسات جي رات ۾ ٿڌ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو. اڃا چئنل هلندو؟ بند ٿي ويو.

    ***

    نوي جي ڏهاڪي ۾ پنهنجو آکيرو ڪراچيءَ ۾ هو. وڻندڙ ٿڌڙا ڏينهن هجن. مان ۽ دلبر دوست الائيڊ بئنڪ هيڊ آفيس، باٿ آئليند مان پنجين وڳي کن نڪتاسون. موسم ملهار لڳي پئي هي. رم جهم هئي.

    مينهن ڪڻيون رحمت بڻيون، ريس ڪورس جي ٽريفڪ بتيءَ وٽ پهتاسون، ته هڪ ڪار اچي بريڪ هنيو. جواني هئي. صوف ته گهڻا ئي کاڌا هيا پر ڪا حوا ڄائي ڪونه ملي هئي. مون سمجهيو ته ڪا رنگين سنگين، شوقين ڪراڙي مائي مهربان ٿي آهي، پر سائين! ڪنهن چواڻي ”ماڻهو سوچيندو آهي. خدا کلندو آهي.“

    ڪار جو شيشو لٿو ته آواز آيو ”ڀاءُ! ڪاڏي هليا آهيو؟“ مون ڪار جي دريءَ ۾ ليئو پاتو ته عبدالغفار تبسم هو.

    ”سرڪار! گهر پيا وڃون.“

    ”ڀاءُ، سوير گهر وڃي ڇا ڪندئو؟ موسم ته ڏسو. اچو اچو ته هلي گهر چانهن ٿا پيئون.“

    موسم مستاني، منهنجاجاني، چانهن جي آڇ، سا به قرب مئون دل رُبا ماڻهوءَ پاران. ماري ڇڏيائين. انڪار ڪير ڪري؟ ڪري ته ڪافر.

    اسان ٻئي ڪار ۾ ويٺاسون. تبسم صاحب سڌو اچي. پنهنجي ڊفينس واري ملوڪ بنگلي جي جنت جهڙي ٽڪري ۾ ويهاريو. چانهن پيئندي ۽ ڪجهه هلڪيون ڦلڪيون شيون کائيندي، سٺي ڪچهري ٿي. موسم سجائي ٿي. تبسم صاحب جي سنهڙي، نازڪ، سُهڻي ۽ شرميلي پٽ جبران سٺي خدمت ڪئي.

    سانجهيءَ سڏ ڪيو. سائينءَ کان موڪلائي، مون ۽ ارباب منگيءَ پنڌ کي ڇڪيو. واٽ تي اردوءَ جي سٺي ۽ منفرد نثر نويس محمد خالد اختر صاحب جو بنگلو آيو. اويلو وقت هئڻ ڪري. هن جي دروازي واري گهنٽيءَ ڏانهن هٿ ڪونه وڌيو.

    ***

    محمد خالد اختر هڪ سٺو نثر نويس هئڻ سان گڏ، ڏاڍو اعليٰ انسان هو. هر جيءَ جو قدر ڪندو هو ۽ مان ڏيندو هو. درويش صفت انسان هو. وڏو پڙهاڪو ۽ چين سموڪر(chain Smoker) هو.

    هن ٻه ناول ”چاڪي واڙا ۾ وصال“ ۽ ” بيس سو گياره“ کانسواءِ ڪهاڻيون ۽ مزاح پڻ لکيو. سفرناما به عاليشان لکيا اٿائين. ”لالٽين“ ۽ ”کويا هوا اُفق“ ڪهاڻين جا مجموعا، ٿر جو سفرنامو ” ياترا“ ۽ مزاحيا ڪهاڻين جو مجموعو ” چچا عبدالباقي“ شايع ٿيل اٿس. هن جو ٻه ڪهاڻيون سنڌي ۾ ولي رام ولڀ صاحب ڪيون آهن. هن جي سڄي ڪم کي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ڇپايو ويو آهي. ان جي سهيڙپ اردوءَ جي ذهين ۽ متعصب اديب اجمل ڪمال ڪئي آهي.

    محمد خالد اختر صاحب جي ناول ” چاڪيواڙا مين وصال“ جي فيض احمد فيض صاحب وڏي واکاڻ ڪئي هئي. خالد صاحب جي سٺن سفرنامن ۽ ڪهاڻين جي عالي شان لکيل نثر جي ڀيٽ ۾ اهو ناول ڪو خاص ناهي.

    هڪ ڀيري خالد صاحب وٽ ويٺو هيم. هو وڏو حقيقت پسند (Realist) ۽ بي باڪ ماڻهو هو. ڳالهين ڪندي ان ناول ۽ فيض صاحب جي واکاڻ جي ڳالهه نڪتي، ته چوڻ لڳو: ” شيخ صاحب! مون کي پاڻ حيرت ٿيندي آهي ته فيض جهڙي وڏي شاعري ايڏي ساراھ ڪيئن ڪئي آهي. جڏهن ته ناول ايڏو ڪو وڏو ناهي.“

    ****

    لاڙڪاڻي اچي، گجڻ پور چوڪ تي پهتاسون ته ٽرئفڪ جام هئي. سنڌ جي سڀني شهرن ۾ حددخلين Enchrochments ۽ چنگچيءَ وارن منهن ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. سرڪار انهن شين لاءِ ستل آهي، باقي پنهنجا محل ماڙيون ٺاهڻ، ڀڀ ڀرڻ ۽ ڏوڪڙ ٺاهڻ ۾ سرڪار جي ننڊ ڦٽل آهي.

    اُستاد ارشاد ناريجو مڙيوئي ڪنڊ پاسا وٺي، گاڏيءَ کي گُتان هڻائي، آرٽس ڪائونسل اچي پهتو. اسان لهي ڪري، کيس چيوسون: ” استاد! لهين ته توکي چانهن پيئاريون. جيڪا هٿ وس ۾ آهي. باقي ڪرايو الله ڏيندءِ يا ڪوٽوال ڏيندءِ.“ استاد ارشاد کلي ڪري، هٿ ٻڌي، گاڏي گيئر ۾ وجهي ، هلي ويو.

    مان ۽ سجاد واش روم ۾ اچي، هٿ منهن ڌوئي، ڦڻي ڏئي، ٽاٽائيءَ ۾ اچي وياسون.

    مان اڱڻ ۾ بيٺم، سجاد مهر چوڪيدار کي ڳولڻ ويو. جنهن کي بند دروازن ۾ لڳل ڪلفن جون ڪنجون هيون، جو بائيڪ اندر بيٺي هئي. چوڪيدار کي سجاد ميان ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ نيٺ ڳولي وتو ۽ کيس وٺي آيو.

    سجاد مهر بائيڪ ڪاهي آيو. اسان ٻئي اسٽيشن روڊ تي مهراڻ هوٽل ڏانهن روانا ٿياسون. اتي نوجوان شاعر دوست مخمور رضا ۽ هن جو ماروٽ سمير علي اسان جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هيا. اسان پڳاسون. چانهن جو دور هلي پيو ته ايئن ڪندي دلبر دوست ۽ شاعر منورسولنگيءَ به اچي ٺڪاءُ ڪيو. محفل جي شمع ئي بدلجي وئي.

    منور سولنگيءَ صاحب مون لاءِ ڪجهه پڙهڻ لاءِ ڪتاب به آندا هيا. جن ۾ ظفر جوڻيجي جو ناول ” اُجهاميو ٻران“ به هو. جيڪو نئون آيل هو.

    ***

    ظفر صاحب جو اهو ناول مونکي وڻيو. هڪ دلچسپ ۽ منفرد ناول آهي. ناول ۾ ٻه ڳالهيون مون کي نه وڻيون. هڪ نئين باب جي شروعات ۾ هڪ جملو ڏنو اٿائين، جيڪو باب جي ڳالهه سان ٺهڪي ڪونه ٿو ۽ جڙتو لڳي ٿو. ٻيو اردو اديب آصف فرخي جو لکيل مهاڳ آهي. مهاڳ ۾ الائي ڪهڙن ناول نگارن جا اوٽ پٽانگ قسم جا حوالا آهن ته مان وڏو عالمي اديب آهيان، وڏو علم جو ڀنڊار آهيان.

    آصف فرخي هڪ رجعت پسند ليکڪ اسلم فرخي جو رجعت پسند پٽ آهي. آصف ڄائو ڪراچي سنڌ ۾ پو به فرخي! هن جو پيءَ ته هندستان ۾ فرخ آباد ۾ ڄائو ته هن جو پويان فرخي وارو پڇ ٺهي ٿو. آصف ته فرخ آباد ڏٺو به ناهي.

    آصف صاحب هونئن به ڪنهن به صنف پاڻ ڪونه ملهايو آهي. الائي گهڻا ڪتاب ڇپيا اٿس؟ ڪاٿو ئي ناهي. ڪتابن جو انگ (Quantity) وڏو اٿس پر معيار (Quality) صفا ٻڙي اٿس.

    هو رجعت پرست ۽ متعصب آهي. هو ”چون چون ڪا مُربه“ ٽماهي ” دنيا زاد“ رسالو ڪڍندو آهي. مجال آهي جو ڪنهن سنڌيءَ لکڻيءَ کي ڇپي. سنڌي شاعر مصطفيٰ ارباب جا نظم ڇپيندو آهي. جيڪي ارباب صاحب سنڌي ۾ نه، اردوءَ ۾ لکندو آهي. آصف صاحب وٽ تعصب ايئن ظاهر آهي جو رسالي ۾ ”ڪراچي اور اندرون سنڌ“ لکندو آهي.

    اسان جا سُٺا فڪشن ليکڪ امر جليل، آغا سليم، غلام نبي مغل ۽ علي بابا جاهل آهن، جو مهاڳ لکائڻ لاءِ عقل جي اڪابر آصف فرخيءَ مٿان اچي ڇٽ جُهليو!

    خبر ناهي الائي ڪڏهن، اسان جا سنڌي ليکڪ. پنهنجن ليکڪن کي پڙهيل ڳڙهيل سمجهندا ۽ کين مان ڏيندا؟

    منهنجو مشاهدو آهي ته آصف فرخيءَ جهڙا، ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ڪجهه اردو اديب، اسان سنڌين کي ڄٽ سمجهندا آهن ۽ تعصبي سياستدان لياقت علي خان جي قول ” لِڏ کڻڻ واري قوم“ سمجهي ان تي عمل ڪندا آهن.

    ***

    منور سولنگيءَ مون کي وڏي خوشي عطا ڪئي. هن منهنجي وڻندڙ ليکڪ نرمل ورما جي هندي ڪهاڻين جو اردو ترجمي جو ڪتاب ” ڪوي اور ڪالا پاني“ سوکڙي ڪري ڏنو.

    نرمل ورما هندي ٻوليءَ جو هڪ وڏو سگهارو ليکڪ آهي. هن جو ڏاڍو سهڻو ناول ”ايڪ چيٿڙا سِک“ مون هندوستاني رسالي ” شعر و حڪمت“ ۾ پڙهيو هو. اردو رسالن ”سويرا“ ۽ ”مستقبل“ ۾ ڪهاڻيون پڙهيون. ٽماهي ”آج“ جي سهڙيندڙ اجمل ڪمال هڪ خاص پرچو نرمل ورما جي لکڻين تي ڏاڍو سٺو ڪڍيو هو. ان ۾ هن جا ٻه ناول، ڪهاڻيون، هڪ مضمون ۽ هڪ انٽرويو شامل آهي.

    نرمل ورما جي رڳو هڪ ڪهاڻي ” اشاري“ سنڌي ۾ ٻن ليکڪن ترجمو ڪئي آهي. ان جو سٺو ترجمو ”اشارا“ جي عنوان سان سنڌي انعام(انعام عباسي) صاحب ڪيو آهي. اها ڪهاڻي ڊائجسٽ جي آڪٽوبر 2013ع جي پرچي ۾ ڇپيل آهي.

    ان ساڳئي ڪهاڻيءَ جو ترجمو لاڙڪاڻي جي کلڻي ۽ منفرد ڪهاڻيڪار رئوف عباسي به ڪيو آهي. هن جي ڪهاڻي ڪتاب ”پرين ياد پيام“ ۾ ”محب جا پنڌ اڻانگا“ جي عنوان سان ڇپيل آهي. ترجمو پڙهڻ سان عجب ۾ پئجي ويم. هڪ ته اها ان ڊگهي خوبصورت ڪهاڻي جي تلخيص آهي. ڪهاڻيءَ جي مک ڪردار امر بابوءَ کي هندوءَ مان مسلمان بڻائي باقر علي ڪيو ويو آهي. ٻئي ڪردار ظهير ڀاءُ کي جعفر ڀاءُ بڻايو ويو آهي. نرمل ورما جي روح کي رهنڊان پائيندڙ سنڌيءَ ۾ ترجمو، سائين رئوف خبر ناهي الائي ڪٿان کڻي ترجمو ڪيو آهي؟

    ***

    نرمل ورما جي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ ڏاڍو سٺو جملو هو. There is real life، جتي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ جوان ڇوڪري بيٺيون هونديون آهن”

    ***

    دريا جي وهڪري وانگر وقت گذرندو ويو. منور سولنگي، مخمور رضا ۽ عجب شيخ جي سنگت ساٿ ۾، محبت ۾ ۽ کلندي شامَ اچي لاڙڪاڻي شهر در کڙڪايو، ميزبان من تڙپايو. ڪا سار نه لڌائين ته جيئرا آهيو يا بائيڪ سوڌو رئيس واھ ۾ هليا ويئو.

    رضوان گل اسان لاءِ اها مَکِ ثابت ٿيو. جيڪا کليل ڦٽ تي ويهي تنگ ڪندي آهي.

    ***

    اياز جو جشن اسان لاءِ لوڊو راند بڻجي ويو. اسان جي ڳوٽ، هڪ نمبر کان سفر شروع ڪري، مٿي چڙهندي وئي.اسان جي ميزبان ڏٺو ته ٻيلي! راند ته اياز جي شهر وارا کٽندا پيا وڃن. هن ٻياسي نمبر تي نانگ وارو ڏنگ هڻي اسان کي هيٺ لاهي، شڪارپور پڄائي ڇڏيو.

    سجاد ۽ مان سنگت کان موڪلايو. لٽن جي هڙ سنڀالي کنئي، جو ان کي کولڻ جي نوبت ئي نه آئي. بائيڪ تي چڙهي، سفيد رومال لوڏي الوداع ڪيوسون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو