گوگل پانڊا اپڊيٽ 4.2)

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    (گوگل پانڊا اپڊيٽ 4.2)
    ------------------------
    سرچ انجڻ آپٽيمائيزيشن (SEO) جي بنيادن تي هلندڙ ۽ ڪمائيندڙ ويب سائيٽن کي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسڻ ۾ مليا آهن، ڇوته تازي اپڊيٽ ۾ دنيا جو لکين ويب سائيٽن پنهنجي رينڪنگ تباه ڪري ڇڏي آهي ڇوته انهن وٽ سستا ٽول استعمال ٿيل هئا ۽ انهن وٽ مواد به ڪاپي پيسٽ ڪري رکيو ويو هئو. روايتي طور تي هاڻي بيڪ لنڪنگ (Back linking) جنهن ۾ پنهنجي ويب سائيٽ جي لنڪ ٻين ويب سائيٽن تي هجڻ جي ڪري جيڪا عزت ملندي هئي سا ختم ٿي وئي آهي.
    هاڻي هن پانڊا اپڊيٽ 4.2 کي گوگل پنهنجي بنيادي الگورٿم ۾ جوڙي ڇڏيو آهي.
    هاڻي صرف اهي ويب سائيٽون عزت ماڻينديون يعني ڳولا ڪرڻ تي ٽاپ رينڪ ۾ اينديون جيڪي:
    1. پاڻ وٽ تازو ۽ منفرد مواد رکنديون (ڪنهن ٻي ويب سائيٽ تان ڪاپي ڪيل نه هونديون)
    2. بوٽ اسٽراپ تي ٺهيل هونديون.
    3. سوشل سگنل سان منسلڪ هونديون (معنا فيس بڪ ٽويٽر، يو ٽيوب يا ڪنهن ٻي سماجي نيٽورڪ سان سلهاڙيل هونديون ۽ انهن جون اي پي آئي (API) سان منسلڪ هونديون.
    4. اوپن گراف (OG) جي هائپر لنڪن کي انڊيڪس پيج تي رکنديون.
    5. منفرد تصويرون رکنديون. (معنا اهي تصويرون ڪنهن ٻي ويب سائيٽ تي نه هونديون)
    6. ويب سائيٽون انٽرايڪٽو هونديون.
    هاڻي مٿين اصولن کي ڏسجي ٿو ته گوگل صفا ڇتي ٿي پئي آهي. انڪري هوءَ ڪي ورڊ (Keyword) کي ڏسندي سڀ کان پهريون جيڪي ويب سائيٽون ڳولا ڪندڙ کي ڏي ٿي انهن جي رينڪنگ ڪجي ته سڀ کان پهريون هوءَ وڪيپيڊيا، پوءِ فيس بڪ ۽ ٽويٽر يا گوگل پلس ۽ آخر ۾ اوليت ڏئي ٿي جدا ويب سائيٽن کي.
    سو دوستو اوهان پنهنجون ويب سائيٽون مٿين اصولن تي ٺاهيو ته جيئن گوگل جي نئين اپڊيٽ ۾ اهي فضيلت سان جڳه والارين.
    ۽ ها، آخر ۾ جيڪڏهن اوهان جي ويب سائيٽ سنڌيءَ ۾ آهي ته مهرباني ڪري ميٽا ٽيگ ۾ ٻوليءَ جي ٽيگ هڻڻ نه وساريندا. سنڌي ٻوليءَ جي ٽيگ هن ريت آهي:

    <html prefix="og: http://ogp.me/ns#" lang="sd-pk" dir="rtl">

    امر فياض جي ٿورن سان
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو