فونٽ ڊولپر عبدالستار زرگر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ احمدخان طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2016۔

  1. احمدخان

    احمدخان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    سنڌ
    سنڌيءَ جي 50 فونٽن جو خالق
    محترم عبدالستار زرگر صاحب

    احمدخان ڀرڳڙي بدين


    سنڌ ڌرتيءَ جي لاڙ پٽ بدين شهر ۾ جنم وٺندڙ صوفي منش محترم عبدالستار زرگر بدين جي هڪ سونارڪي واپاري جان محمد زرگر جي گھر ۾ اک کولي. سندس تعليم فقط پرائمري آهي.. پاڻ 1985ع ڌاري بدين مان مڪمل فيملي سميت ڪراچيءَ ۾ مستقل رهائش پذير آهن.

    بدين جي مشهور مهراڻ دواخاني جو باني حڪيم الحاج محمد عثمان کٽي ۽ انڪم ٽيڪس جو ڪمشنر عبدالغفور جوڻيجو (مرحوم) سندس هم ڪلاسي ۽ بهترين دوست هئا. هن وقت ٻئي هن دنيا مان رخصت ڪري چڪا آهن.
    عبدالغفور جوڻيجو جي قربت ۽ مٿس اعتماد هئڻ ڪري جوڻيجو صاحب جي تعاون سان 1978ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڀائي خان چاڙهيءَ تي اسٽار پرنٽنگ پريس کولي جنهن ۾ جڳ مشهور اديبن جا ڪتاب شايع ٿيا. ان دوران اسٽار ٽائپ فائونڊري کولي، ان وقت ۾ سنڌي 12،14، 12بليڪ ۽ ھيڊنگ لاء 24 36پوائنٽ سائيز جي ٽائپ استعمال ٿيندي ھئي ان ۾ ننڍا توڙي وڏا اکر ٺاهي انهيءَ ۾ به جِدت آندي ۽ ٽائپو گرافي سان دلچسپيءَ هئڻ ڪري فونٽن سان لڳاءُ ۽ دلچسپي رهي..

    ان کان پوءِ ايپل سسٽم تي ڪمپيوٽر آيو ته پاڻ ان ۾ فونٽ ٺاهيا. نه رڳو ايترو پر مڪمل سوره ياسين شريف سنڌي ترجمي سان عربي ۽ سنڌي ۾ پنهنجا ئي ٺاهيل فونٽ استعمال ڪري پاڻ ڪمپوز ڪري شايع ڪئي.
    ان کانپوءِ جڏهن يونيڪوڊ رائج ٿيو ته پاڻ ان ۾ تقريباً 50 کن فونٽ ٺاهيا. سندن عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب سان ويجھڙائپ سندس دوست عبدالغفور جوڻيجو معرفت ٿي ۽ ڀرڳڙي صاحب فونٽن جي حوالي سان سندن تمام گھڻي رهنائي ڪئي. اڪبر خشڪ، زھير ميراڻي ۽ نديم لوڌي بہ سندن رھنما رھيا.
    صوفي منش انسان محترم عبدالستار زرگر سنڌي فونٽن تي جيڪو ڪم ڪيو تنھن ۾ نه ته ڪا لالچ ھئي ۽ نه ئي ڪو نالو ڪڍائڻ جي خواھش بس ھڪ عشق ۽ دلي خواھش ته ڪمپيوٽر تي به سنڌيءَ ۾ لکجي .
    سندن انھي عشق ۾ نه رڳو پنهنجي هڙان خرچ ڪرايو پر ڪراچيءَ جي رستن تي نه رڳو ڏينھن پر راتيون به سفر ڪرايو، سندن زبانيءَ ته عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جي ڀرپور رھنمائي کيس ڪاميابيون ڏياريون.
    عبدالستار زرگر جيڪي فونٽ ٺاهيا آهن سي تمام بهترين دلڪش ۽ سُٺين صورتن ۾ آهن. بقول سائين جي ته انهن ۾ اڃان به بهتري ۽ نواڻ جي گھڻي گنجائش موجود آهي ۽ ڪن فونٽن تي پراپر نموني زبر، زير، پيش، شد، مد يا جزم نه ٿي لڳي . بقول سندن ته هو نهايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهي ته سنڌ جي نوجوانن ۾ پنهنجي ٻوليءَ بابت ڪم ڪرڻ جو شعور جاڳي رهيو آهي. سائين نه رڳو سنڌي زبان ۾ پر ڪجھه اهڙا فونٽس به ٺاهيا آهن جيڪي ايم بي سنڌي جي ڪيبورڊ ۾ ئي اردو لکي سگھن ٿا جنهن سان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مضمون يا ڪتابي لکت جي وچ ۾ ايندڙ اردو عبارت لکڻ ۾ آساني ٿيندي. ٻيو ته اهڙو فونٽ سنڌي ڪيبورڊ تي هريل ماڻهو آساني سان اردو جي لاءِ استعمال ڪري سگھي ٿو.
    سچ ته اهو آهي جيڪڏهن عبدالماجد ڀرڳڙي ۽ عبدالستار زرگر جهڙا خلوص مند ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي لاءِ جاکوڙي فرد ڪنهن ٻي ٻوليءِ وارن کي ملن ها ته شايد اهي انهن مان وڏو فائدو وٺن ها ۽ کين هڪ نمايان مقام ڏين ها. جڏهن ته اهڙا فرد رضاڪاراڻه طور صرف پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت جي جذبي هيٺ پاڻ ارپيو ويٺا آهن.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 اپريل 2016
    عبيد ٿھيم، عبدالغني لوهار ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مونکي اڄ هِن ليک جي ضرورت پئي...
     
    سجاد علي چنا ۽ احمدخان هيء پسند ڪيو آهي
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عبد الستار زرگر جو ڪم ساراهه لائق آهي.
    سندن سنڌي ٻوليء سان چاهه آهي ۽ پاڻ پنهنجا ڪيبورڊ يا فونٽ موڪليندا رهندا آهن.
    دعاگو آهيون ته سدا سلامت هجن، صحتمند هجن ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪندا رهن.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو