سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (140) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ويراڳي جي وڃڻا ها“ نامياري ليکڪ، قومپرست سياستدان ۽ سنڌ جي عاشق عبد الواحد آريسر پاران سنڌ جي محبت وطن شخصيتن تي لکيل خاڪن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب روشني پبليڪيشن پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون راجا ساند جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن ٺاهي مفت ۾ پلي اسٽور تي رکي آهي پر ساڳي وقت سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ به موڪلي آهي. ٿورا محترم نواز آريسر جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي راجا ساند تائين پهچائي. ڪتاب ۾ شامل شخصيتون: • مسڪين جهان خان کوسي جون آخري گهڙيون • ماڻهن جي جهنگل ۾ گجندڙ شينهن ڪامريڊ غلام محمد لغاري • بي پرواهه ۽ بي ڊپو اديب محمد عثمان ڏيپلائي • انقلابي، قومپرست ۽ وطن دوست انسان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي • ماڻهو ميگهه ملهار پير حسام الدين راشدي • هڪ قلندر صفت شخص محمد صالح ’عاجز‘ • هُو جي ويراڳي وڃڻا ها! علي احمد ڏوگر • هماليه، آءٌ ۽ وقت جي وڇوٽي شيخ اياز • ڪيرت ٻاٻاڻي منهنجي نظر ۾ • مسلم سنڌ جو ترجمان علامه غلام مصطفيٰ قاسمي • سنڌي تهذيب جو آفتاب غروب ٿي ويو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ • اِئين به وڃبو آهي ڇا؟ ناصر مورائي • ڏُور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا! شمشير الحيدري • تبديليءَ جو اڻپورو غزل نثار حسيني • ڀيڄِ ڀنيءَ جي خوشبوءِ جو شاعر ماٺيڻو اوٺو • جوڳيءَ تي جڙاءُ، نِسورو ئي نينهَن جو! حفيظ قريشي • شهيد عبد الرزاق سومرو • هي لاش ڪنهن جو آهي؟ ڪامريڊ نذير عباسي • آزادي ۽ انقلاب جو عاشق قاسم پٿر • چنڊ جي چانڊوڪي ۽ سج جي ڪرڻن مان ٺهيل ماڻهو شهيد قيوم منگي • سنڌ جي تحريڪِ آزاديءَ جو منگل پانڊي شهيد سميع الله ڪلهوڙو • سنڌ سان پيار ڪندڙ دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو! بشير خان قريشي • اوهان جو خون خوشبوءِ ٿي ايندو! شهيد قربان کهاوڙ ۽ ساٿي • محبت جي راهه جو رابيلُ چيڀاٽيو ويو شهيد خان محمد بنگلاڻي • ڳڙهي ياسين جي سرزمين کي سلام! شهيد احسان ميمڻ • مرڻ مهڻو ناهي پر...! نواب اڪبر بگٽي شهيد • ڪارونجهر ۽ مينهن وساڙو اعجاز جتوئي • پُرخلوص قومي ڪارڪن گل محمد دَل • مون ڇاڇا مائيءَ لال ڏٺا ! سڪندر سومرو • ماڻهو موتيءَ داڻو محمد قاسم آريسر • سَروَ- قدارا سُپرين...! فقير محمد امين مڱريو • تون اڃا پيو جِئين هاءِ ڙي جيئڙا! عبدالله سمون • راڳ سنڌ جي زندگي آهي ڍول فقير • مور جي چالِ وانگر ڌيمو رقصُ ڪندڙ علڻ فقير • تنهنجي لاءِ ليئا، رهندا منهنجي روح ۾! صادق فقير هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو