1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

بلوچستان ۾ ڪڇيءَ جي ميدان ۾ پيرڪ نالي تاريخي ماڳ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ محراب علي سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2016۔

  1. محراب علي سنڌي

    محراب علي سنڌي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏14 جنوري 2015
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    51
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    73
    ڌنڌو:
    سنڌ سان عشق
    ماڳ:
    سانگھڙ سنڌ
    ﻓﺮﺍﻧﺲ ﮐﺎﻥ ﺁﻳﻞ ﺁﺛﺎﺭ ﻗﺪﻳﻤﮫ ﺟﻲ ﻣﺎﮬﺮﻥ ﺟﻲ ﮬڪ ٽوﻟﻲ ۽ پاڪستان ﺟﻲ ﺁﺛﺎﺭ ﻗﺪﻳﻤﮫ ﻭﺍﺭﻱ ﮐﺎﺗﻲ 1968ﻉ ﮐﺎﻥ 1974ﻉ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ڪڇي ﺿﻠﻌﻲ ۾ ’ ﭘﻴﺮڪ ‘ ﻭٽ ﮐﻮٽﺎﺋﻲ ڪﺮﺍﺋﻲ .
    ﺟﻴﺘﻮﮢﻴڪ ﮐﻮﺟﻨﺎ ﺟﻲ ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﺟﻮ ﺳﻨﮅ ﺳﺎﻥ ﺳﮅﻱ ﻃﺮﺡ ﻭﺍﺳﻄﻮ ﻧﮫ ﮬﻮ، ﺗڏﮬﻦ ﺑﮫ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻃﻔﻴﻞ ﺍﮬڙﻱ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺕ ﮬﭣ ﺁﺋﻲ ﺁﮬﻲ، ﺟﺎ ﮬﻦ ﭘﺮﮘﮣﻲ ﺳﺎﻥ ﺑﮫ ﻻﮘﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ . ﺟﻐﺮﺍﻓﻴﺎﺋﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﺳﺎﻥ ڪﮁﻲﺀَ ﺟﺎ ﺗﺮﺍﮐڙﺍ ۽ لٽاشي ﻣﻴﺪﺍﻥ هڪ ﻃﺮﻑ ﺳﻨﮅ ﺳﺎﻥ ﻗﺮﻳﺒﻲ ﻧﺴﺒﺖ ﺭﮐﻦ ﭤﺎ ﺗﮫ ﭔﺌﻲ ﻃﺮﻑ ﺍﻥ ﮐﻲ لٽاشن ﻣﻴﺪﺍﻧﻦ ﺟﻲ ﺑﻠﻮﭼﻲ ٽڪرن ﺍﻧﺪﺭ ﺣﺪ ﺩﺧﻠﻲ ﺳﻤﺠﮭﻲ ﺳﮕﮭﺠﻲ ﭤﻲ . ﭘﺮ ڪﮁﻲﺀَ ﺟﻲ ﻭﮄ ۾ ﻭﮄ ﺩﻟﭽﺴﭙﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﺷﻲﺀِ ” ﭘﻴﺮڪ “ ﺟﺎ ﺩڙﺍ ﺁﮬﻦ، ﺟﺘﺎﻥ ﮬڪ ﺍﮬڙﻱ ﺯﻣﺎﻧﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﺷﺎﮬﺪﻳﻮﻥ ﻣﻠﻦ ﭤﻴﻮﻥ، ﺟﻴڪﻮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺁﺛﺎﺭ ﻗﺪﻳﻤﮫ ﻭﺍﺭﻱ ﺗﺎﺭﻳﺦ ۾ ﺧﺎﻝ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ، ﻳﻌﻨﻲ ﺣﻀﺮﺕ ﻋﻴﺴﻲٰ ﮐﺎﻥ ﭔﻦ ﮬﺰﺍﺭﻥ ۽ ﮬڪ ﮬﺰﺍﺭ ﺳﺎﻝ ﺍﮖ ﺟﻮ ﺯﻣﺎﻧﻮ .
    ﻗﺪﻳﻢ ﺳﻨﮅﻭ ﺗﮭﺬﻳﺐ ﺟﻲ ﺧﺎﺗﻤﻲ ۽ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﺩﻭﺭ ﺟﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ﻭﺍﺭﻱ ﻭﭺ ﻭﺍﺭﻱ ﻋﺮﺻﻲ ﮐﻲ ” ﺍﻭﻧﺪﺍﮬﻮ ﺟُﮗ “ ﺳڏﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﮬﻲ . ﺍﻧﮭﻲﺀَ ڊﮔﮭﻲ ﻋﺮﺻﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﭼﻨﮭﻮﻥ ۽ ﺟﮭﻮڪﺮ ﺟﻲ ﺩڙﻥ ﺟﮭڙﻥ ﮬﻨﮅﻥ ﺟﻲ ﻣﭥﻴﻦ ﺳﻄﺤﻦ ﺗﺎﻥ ﻟﮅﻝ ﻣﭟ ﺟﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﭠڪﺮﻳﻮﻥ ۽ ﮬﭣ ﺟﻲ ﭠﮭﻴﻞ ﭔﻴﻦ ﺷﻴﻦ ﮐﻲ ﮀڏﻱ ﭔﻲ ڪﺎ ﺧﺎﺹ ﺷﺎﮬﺪﻱ ﺍﭸﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﮫ ﻣﻠﻲ ﺁﮬﻲ . ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﺍﮢﮭﻮﻧﺪ ﺑﺮﺍﺑﺮ ﺑﺎﻗﻴﺎﺕ ﮐﻲ ﺍڪﺜﺮ ﭔﺎﮬﺮﺍﻥ ڪﺎﮬﻲ ﺍﻳﻨﺪڙﻥ ﺟﻲ ﺍﻧﮭﻦ ﻭﻳﺮُﻥ ﺳﺎﻥ ﮘﻨﮃﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﮬﻲ، ﺟﻴڪﻲ ﻣﻮﺋﻦ ﺟﻲ ﺩڙﻱ ﻭﺍﺭﻱ ﺁﺧﺮﻱ ڪﻮﺱ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺿﺮﻭﺭ ﻣﻴﺪﺍﻧﻦ ۾ ﭰﺮﻳﺎ ﮬﻮﻧﺪﺍ. ﺍﮬﻲ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩﻱ ﻃﺮﺡ ﮄﻧﺎﺭ ۽ ﺭﻳﮃﺍﺭ ﮬﺌﺎ . ﻣﺎﻝ ﭼﻮﺭﺍﺋﻴﻨﺪﺍ ۽ ﭰﺮﻣﺎﺭ ڪﻨﺪﺍ ﮬﺌﺎ ۽ ﮬڪ ﮬﻨﮅ ﻭﻳﮭﻲ ﺳﮏ ﺳﻼﻣﺘﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﺯﺭﻋﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﻮ ﺫﺭﻱ ﮔﮭٽ ﺍﻧﺖ ﺁﮢﻲ ﮀڏﻳﻮ ﮬﺌﺎﺋﻮﻥ . ﻧَﻮﻥ ﺁﻳﻞ ۽ ﺍﮘﻮﮢﻦ رهاڪن ﻣﻨﺠﮭﺎﻥ جيڪي ﺑﭽﻴﻞ ﮬﺌﺎ، ﺗﻦ ﺗڏﮬﻦ ﭰﮭﻠﻴﻞ ﺑﻲ ﺳﻼﻣﺘﻲﺀَ ﺟﻲ ڪري ﺟﻴﺌﮡ ﺟﻮ ﻧﻴﻢ – ﻻڏﺍﺋﻮ ﮂﻧﮓ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪيو. ﻋﺎﻡ ﻃﺮﺡ ﺍﮬﻮ ﻓﺮﺽ ڪيو ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ ﺗﮫ ﺩﺍﺋﻤﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﻲ ﺍﮬﭹﺎﮢﻦ ﺟﻲ ﭜﻴٽ ۾ ﺍﮄ – ﻻڏﺍﺋﻮ بيٺڪن ﺟﺎ ﻧﺸﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﺳﻮﻻﺋﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﻧﺎﭘﻴﺪ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ، ﮀﻮ ﺗﮫ ﺩﺍﺋﻤﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﺎ ﺍﮬﭹﺎﮠ ﺟﻠﺪ ﺋﻲ ﺍُﺗﺎﮬﺎﻥ ﺩڙﺍ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ، ﺟﻴﺌﻦ ﺍﺳﻴﻦ ڏﺳﻨﺪﺍﺳﻴﻦ ﺗﮫ ﭘﻴﺮڪ ۾ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮﻥ ﺩﺭﻳﺎﻓﺘﻮﻥ ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﻋﺎﻡ ﻣﻔﺮﻭﺿﻲ ﺟﻲ ﺗﺮﺩﻳﺪ ڪﻦ ﭤﻴﻮﻥ .
    ﭘﻴﺮڪ ﺍٽڪﻞ 8 ﻣﻴٽﺮ ‏( ﺳﺎﮂﻥ 28 ﻓﻮٽﻦ ﺟﻲ ﻟﮗ ﭜﮗ ‏) ﺍﻭﭼﻮ ﺩڙﻭ ﺁﮬﻲ، ﺟﻴڪﻮ ﺟﻴڪﺐ ﺁﺑﺎﺩ ڏﺍﻧﮭﻦ ﺍﻳﻨﺪڙ ﺭﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﺳﺒﻲﺀَ ﮐﺎﻥ 12 ﻣﻴﻞ ڏﮐﮡ ﻃﺮﻑ ۽ ﻧﺎڙﻱ ﻧﺪﻱﺀَ ﮐﺎﻥ ﮬڪ ﻣﻴﻞ ﺍﻭﭜﺮ ﻃﺮﻑ 12 ﺍﻳڪڙ ﺍﻳﺮﺍﺿﻲ ﻭﺍﻻﺭﻱ ﭤﻮ . ﺍﺗﺎﻥ ﺟﻲ ﺯﻣﻴﻦ ﻭﺍﺭﻳﺎﺳﻲ ۽ ﺧﺸڪ ﻭﺍﺭﻱ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﺟﺘﻲ ﺑﮫ ﺁﺑﭙﺎﺷﻲ ﭤﻲ ﺳﮕﮭﻲ ﭤﻲ، ﺍﺗﻲ ﻟٽﺎﺷﻲ ﺯﻣﻴﻦ ﻧﮭﺎﻳﺖ ﭜﻠﻲ ﺁﮬﻲ .
    ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﮬﻨﮅ ﺟﻲ ﭘﮭﺮﻳﻦ ﻭﺍﻻﺭ ٽﻲ ﮬﺰﺍﺭ ﺳﺎﻝ ﻗﺒﻞ ﻣﺴﻴﺢ ﭤﻲ ﮬﺌﻲ، ﭘﺮ ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﭘﮭﺮﻳﻦﺀَ ﻭﺍﻻﺭ ﺟﺎ ﮔﮭﮣﺎ ﺍﮬﭹﺎﮠ ﮐﺎﮄ ۽ ﭘﻮﺀِ ﺍﭼﻲ ﻭﻳﮭﻨﺪڙﻥ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﮬﻴﭟ ﻣﭥﻲ ۽ ﻣﻌﺪﻭﻡ ﭤﻲ ﭼڪﺎ ﺁﮬﻦ . ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺍﺳﻴﻦ ﻧَﮭﻮَﺭ ﺯﻣﻴﻦ ﻣﭥﺎﻥ ﭼڙﮬﻴﻞ ﻧﺮﻡ ﮔﭗ ﻭﺍﺭﻱ ﺗﮭﮫ ﮐﻲ ﻟﻴﮑﻲ ۾ ﺁﮢﻴﻮﻥ ﺗﮫ ﭘﻮﺀِ ٽﻦ ﮬﺰﺍﺭﻥ ﺳﺎﻟﻦ ﻕ . ﻡ ﻭﺍﺭﻱ ﺩﻭﺭ ﺳﺎﻥ ﺗﻌﻠﻖ ﺭﮐﻨﺪڙ ﺷﻴﻦ ﻣﻨﺠﮭﺎﻥ ﮔﮭﮣﻴﻮﻥ ﻣﭥﺎﮀﺮﻱ ﺗﺎﻥ ﻳﺎ ڪڏﮬﻦ ﺗﮫ ﻟﻴﮑﻲ ﭼﻮﮐﻲ ﮐﺎﻥ ﭔﺎﮬﺮ ﮔﮭﮣﻮ ﭘﻮﺀِ ﺟﻲ ﺗﮭﻦ ﻣﺎﻥ ﮬﭣ ﺁﻳﻮﻥ ﮬﻴﻮﻥ . ﺗﻨﮭﻦ ﮬﻮﻧﺪﻱ ﺑﮫ ﺍﻥ ﭘﮭﺮﻳﻦﺀَ ﻭﺍﻻﺭ ﺟﻮ ﺍﻧﺪﺍﺯﻭ ﺍﮬﻲ ﺳﭛ ﺟﺰﺍ ﺳﮭﻴڙﮠ ﺳﺎﻥ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﮭﺠﻲ ﭤﻮ .
    ﻣﺤﺴﻮﺱ ﺍﺋﻴﻦ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺗﮫ ﺗڏﮬﻦ ﺍﮬﻮ ﮬﻨﮅ ﮬڙﭘﺎ ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﺗﻤﺪﻧﻲ ﺟﺰﻥ ﺟﻮ ﻣﺮڪﺐ ﮬﻮ . ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﺟﻴڪﻲ ﺷﻴﻮﻥ ﻟﮅﻳﻮﻥ ﺁﮬﻦ، ﺗﻦ ۾ ﮬڙﭘﺎ ﺟﻮﻥ ﭤﻮﺭﻳﻮﻥ ﭠِڪﺮﻳﻮﻥ، ڪﻮﺋﻴٽﺎ ﺟﻲ ﭤﺎﻧﻮﻥ ﺟﻮ ﮬڪ ﭘﻮﺋﻴﻦ ﺩﻭﺭ ﻭﺍﺭﻭ ﻧﻤﻮﻧﻮ، ﺟﻴڪﻮ ﻓﻴﺾ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎڪﻲ ﭤﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺳڏﺟﻲ ﭤﻮ، ﭘﻮﺳﻞ ﻭﺍﺭﻥ ﭤﺎﻧﻮﻥ ﺟﻮﻥ ڪﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﭠڪﺮﻳﻮﻥ، ﭘﭙﺮ ﺟﻲ ﭘﻦ ﺟﻲ ﭼٽﻦ ﻭﺍﺭﻳﻮﻥ ﭠِڪﺮﻳﻮﻥ، ڪﻲ ﺳﻨﮓ ﻣﺮﻣﺮ ﺟﻲ ﭤﺎﻧﻮﻥ ﺟﺎ ٽڪﺮﺍ، ﮬڙﭘﺎ ﺟﻮ ﮬڪ ﭘﮭﮡ ﺟﻮ ﻭَٽُ، ﺯﻭﺏ ﻭﺍﺭﻱ ﺩﻳﻮﻱﺀَ ﺟﮭڙﻱ ﮬڪ ﺯﻧﺎﻧﻲ ﻣﻮﺭﺗﻲ، ﺳﮭﮣﻦ ڪُﻮﻧﮭٽﻦ ﻭﺍﺭﺍ ڏﺍﻧﺪ؛ ﺟﺎﻣﻴٽﺮﻱﺀَ ﻭﺍﺭﻳﻦ ﺷڪﻠﻴﻦ ﺟﻮﻥ ﻣﮭﺮﻭﻥ ۽ ﮬڙﭘﺎ ﺟﻲ ﮬڪ ﺳِﮝﻲ ﺟﺎﻧﻮﺭ ﻭﺍﺭﻱﺀَ ﻣﮭﺮ ﺟﻮ ﮬڪ ﻋﻤﺪﻭ ﻧﻤﻮﻧﻮ ﺍﭼﻲ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ . ڪﺎﺭﻱ ﻓﻨﺪﻕ ﮬﻨﺪﻱﺀَ ﺟﺎ ﭔﮫ ٽڪﺮﺍ ۽ ﺳﺎﮘﺌﻲ ﭘﮭﮡ ﻣﺎﻥ ﺟﻮڙﻳﻞ ﮬڪ ﻣڪﻤﻞ ﻣﺴﺘﻄﻴﻞ ﺩﭔﻠﻲ ﭘﮡ ﻗﺎﺑﻞ ﺫڪﺮ ﺁﮬﻦ . ﺧﺎﺹ ڪﺮﻱ، ﮬڪ ﺧﺎﻧﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﭤﺎﻧﻮﺀُ ﺟﻮ ٽڪﺮﺍٽﻮ . ﻧﻔﻴﺲ ﺍڪﺮﻳﻞ ﭼِٽَ ﺳﺎﻥ، ﺍﻧﮭﻲﺀَ ” ﺍﭔٽﮡ ﺟﻲ ﺩﮐﻲﺀَ “ ﺳﺎﻥ ﻭڏﻱ ﻣﺸﺎﺑﮭﺖ ﺭﮐﻲ ﭤﻮ، ﺟﻴڪﻮ ﻣﻴﺴﻮﭘﻮٽﻴﻤﻴﺎ ﮐﺎﻥ ﺳﻨﮅﻭ ﻣﺎﭤﺮﻱﺀَ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻠﻲ ﭤﻮ . ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﻣﺎﻥ ﺍﺋﻴﻦ ﭤﻮ ﭜﺎﺳﺠﻲ ﺗﮫ ﺑﻮﻻﻥ ﻟڪ، ﺟﻴڪﻮ ﭘﻴﺮڪ ﮐﺎﻥ ڪﺠﮭﮫ ﻣﻴﻞ ﺍﺗﺮ ﻃﺮﻑ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ، ﺳﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﺗﻦ ڏﻳﻨﮭﻦ ﺑﮫ ﮬڪ ﻣﮑﻴﮫ ﺗﺠﺎﺭﺗﻲ ﮔﺲ ﮬﻮ.

    ممتاز مرزا جي ڪتاب
    (سنڌ صدين کان) تان ورتل
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,150
    ورتل پسنديدگيون:
    5,157
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ادا اهڙي معلومات اڳتي به شيئر ڪندا رهندا ، سدا سلامت هجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محراب علي سنڌي

    محراب علي سنڌي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏14 جنوري 2015
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    51
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    73
    ڌنڌو:
    سنڌ سان عشق
    ماڳ:
    سانگھڙ سنڌ
    سائين همٿ افزائي ڪرڻ لاء لک ٿورا. وس آھر ڪوشش جاري رهندي ته ڪو معلوماتي پوسٽ شيئر ڪندو رهان
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    5,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڏاڍو سُٺو. اوهان اهڙي معلومات سهيڙي هتي ونڊيندا رهو ته جيئن اها سڀني جي معلومات ۾ اضافي جو باعث ٿئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. والم ڪمار موتياڻي

    والم ڪمار موتياڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 آگسٽ 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41

هن صفحي کي مشهور ڪريو