سنڌ جي عشق جي ازلي آواز عبدالواحد آريسر جي وڇوڙي جي المئي تي جيون جي بي ثبات حقيقت تي شاعري جي ڀيٽا

'تعارف' فورم ۾ sarmadjosh طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2016۔

  1. sarmadjosh

    sarmadjosh
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2015
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    جيڪب آباد
    زندگي جي بي ثباتي ۽ موت جي المياتي نغمو .
    -هيءَ زندگي آ بي ثبات ،
    ڪنهنکي ملي آ هت ثبات،
    هر ڪو وٽس مهمان آ ،
    جنهنجو موت ئي انجام آ ،
    پيڙهين اندر دهرائي ٿي،
    نسلن ۾ ڄڻ سمائي ٿي،
    جاڳي ٿئي احساس ذات ،
    ڪٽي جهد ۾ ٿي ڏينهن رات،
    ٿي هر جبر مان چاهي نجات
    هيءَ زندگي آ بي ثبات ،
    ڪنهنکي ملي آ هت ثبات،
    ٿي ٽهڪندي ٽڙي پوي ،
    ڪا مهڪ ٿي پکڙي پوي.
    تنهنتي ڀونر ٿي ڀري پوي،
    ڪنهنجو لڙڪ ٿي لڙي پوي،
    ٿي جھڙ سندي ڦڙي پوي،
    ڪا روئي پئي فلڪ تي ڏات،
    هيءَ زندگي آ بي ثبات ،
    ڪنهنکي ملي آ هت ثبات،
    ٿا باغ ۾ گلڙا ٽڙن ،
    جيون شام تي مر جھائجن،
    پويان ڇڏين سڳنڌ ٿا،
    ڪيئي اميد جا سمٻنڌ ٿا،
    ٿا ور ور هڻي وري اچن ،
    باغ حيات ۾ اسرڻ اچن،
    هن جڳ اندر ٽڙڻ اچن،
    ٿا پره جو مرڪڻ اچڻ ،
    تاريخ جي اسٽيج تي ،
    ٿا درد ٿي سڏ ڪڻ اچن،
    آ پر هر صبح جو انجام رات،
    هيءَ زندگي آ بي ثبات ،
    ڪنهنکي ملي آ هت ثبات،
    آدم
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو