زندگي ،،،،،،،،،،،،،

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    زندگي ڇا آهي ؟ ڪنهن زندگي لاء زهر لکيو،ته ڪنهن زندگي لاءآبشار ته ڪنهن ڏک ته ڪنهن سک ،ڪنهن زندگي کي ساز ڪنهن سرُ لکيو،
    پر زندگي حيات جو نالو آهي، جيڪا مختلف حالتن منجهان ۽ ڪيفيتن گذري ٿي،ا نهن حالتن ۽ ڪيفيتن کي انسان زندگي جو نالو ڏيندو آهي،ڪٿي ڪارا جبل ڪٿي ڪوهستان ته ڪٿي رشتن جي ته ڪڙواهٽ ته ڪٿي محبوب جي زلفن جي سرهاڻ ته ڪٿي دونالي جي دونهين جي ڌپ ته ڪٿي ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪٿي گل ۽ گلزاري هي سڀ حياتي ۾ ايندڙ حالتون آهن ،،،،
    هي سڀ حياتي ۾ايندڙ حالتون آهن ،،
    پر اُ هي حياتي ناهن؟ حياتي روح جو جسم سان ربط آهي ان ربط جي ٽٽڻ کي مو ت چئبو، آهي اهو روح جو هجڻ زندگي ان جو ه هجڻ موت ان ربط جي دؤران جيڪي ڏک ،سک،،مصيبتون معاملا محبتون ،انڪار،تقرار،هاڪار۔کل مذاقون پيش اچن ٿيون انهن سڀني حالتن کي زندگي جي سونهن ۽ زندگي جو گل چئبو آهي،
    جنهن۾ هر گل جو هر رخ هجڻ ضروري آهي انهن حالتن جو هجڻ ضروري آهي ، نه هجڻ عيب آهي
    ڪنهن مان کان پڇو ڇا آهي هو چوندي ممتا جي جواب ۾ زندگي ٻار جي چهري تي مرڪ ۽ خوشي زندگي آهي،
    زال کان پڇو زندگي ڇا آهي زال جو جواب هوندومڙس جي سيني تي سک سان سر ري مڙس جي سيني تي حڪمراني آهي،
    ڪنهن ٻار کان پڇو زندگي ڇا آهي،ٻار چوندو بابا جي چيچ کي ڇلي هر نخرو ڪرڻ زندگي آهي،
    ڀيڻ کان پڇو زندگي ڇا آهي ڀيڻ جو جواب هوندو پنهنجي ڀائرن کي موڙ ٻڌي هٿن تي ميندي لڳائڻ کي زندگي چئبو آهي،
    ڌي کان پڇو زندگي ڇا آهي ،جواب ملندو پيء جي مان مرتبي عزت احترام ۾ سر تسليم ۾ رهڻ زندگي آهي
    ماء سان دوستي دل ۾عزت اکين ۾ احترام ۽ حيا زندگي آ،
    سڄي گهر کان پڇو زندگي ڇا آهي
    هر فرد جو خوش رهڻ زندگي آهي
    نابين کان پڇو جواب ملندو،اکين جو نور زندگي
    پر حقيقت ۾ انهن کان علاوه به ڪنهن انيڪ حالتن ۽ ذڪر ڪيل رشتن جي ربط ۾ ڇاآهي؟
    جيل جي درين منجهان ٻاهر جي کليل آسمان جي اميد زندگي ،
    ته ڪنهن جڳهه تي قرآن سان نڪاح کان پوء حق بخشرائڻ کان پوء اندر جي حالتن ۽۽ ظاهري ڪيفيت جي خلاف بغاوت زندگي آهي،
    پر بي گناهه قتل ٿيندڙ جي لاشن تي ماء جو روئڻ بجاء کلڻ زندگي آهي
    دوستي ۾ ۾ وفاخاطر سر ڏيڻ زندگي


    حقيقت عرض آهي،
    زندگي جا اهي سڀ لباس آهن،
    انهن جي بغير ڪائي زندگي ناهي،
    سنڌ سلامت
    ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو