ريٽائر ٿيندڙ سيڪريٽري جعلسازيءَ ذريعي آڊٽ اڪائونٽس “منظور” ڪرائي ڇڏيا

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2016۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سنڌي جماعت ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ، ضلعي ملير جي ريٽائرد ٿيندڙ آنريري سيڪريٽري مختيار علي چني، کليو کلايو فراڊ ۽ جعلسازي ڪندي سوسائٽيءَ جي 7 ورهين جا آڊٽ اڪائونٽس “منظور” ڪرائيندي واسطيدار کاتن کي اهڙو اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي ـ
    سچائي اها آهي ته پهرين مئي 2016 تي سوسائٽيءَ جي اليڪشن ٿي ۽ اعزازي سيڪريٽري چنيَ ساڳي ڏينهن تي سالياني جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ ڪوٺائي هئي جڏهن ته اها ميتنگ کيس، اليڪشن کان اڳ ڪوٺائڻ گھربي هئي ـ اهڙو اطلاع رڳو ٿورن ماڻهن کي پوسٽ ذريعي 2 يا 3 ڏينهن اڳ ڏنو ويو جنهن ۾ لکيل هو ته آڊٽ اڪائونٽس جو ڪتابڙو ليٽر سان گڏ موڪلجي ٿو پر حيرت انگيز طور ڪنهن به ليٽر سان گڏ آڊٽ اڪائونٽس ڪونه موڪليا ويا ـ اهڙي تصديق مون سان پوسٽ مين به ڪئي جڏهن ته مون اڳوڻي سيڪريٽري چنيَ کي چيو ته آڊٽ اڪائونٽس جي ڪاپي ميمبرن کي گھڻو اڳ ۾ موڪلڻ لازمي آهن جن کي پڙهي ميمبر اڪائونٽس منظور يا نامنظور ڪري سگھن ٿا، بنا اڪائونٽس موڪلڻ جي اهڙي منظوري وٺڻ فراڊ آهي ـ هن مون کي ڪاپي ڏيڻ جو وعدو ڪيو پر بار بار گھرڻ جي اهڙي ڪاپي ڪونه ڏنائين ـ
    مون 28 اپريل ٿي رجسٽرار ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ کي خط لکي اهڙي شڪايت ڪئي جيڪو بعد ۾ ڊپٽي رجسٽرار حاجن شاهه کي ضروري ڪارروائيءَ لاءِ موڪليو ويو پر هيلتائين مون کي انهيءَ جو ڪوبه جواب ڪونه مليو آهي ـ
    اليڪشن واري ڏينهن سالياني جنرل ميٽنگ لاءِ الڳ تنبو لڳايو ويو پر انهيءَ ۾ هڪ به شخص موجود ڪونه هو ـ ريٽائرڊ ٿيندڙ صدر ڊاڪٽر بدر شيخ جنهن پنهنجو ووٽ استعمال ڪيو تنهن تصديق ڪئي ته سالياني جنرل باڊي جي ڪا به ميٽنگ ڪانه ٿي ۽ نه ئي هن اهڙي ميٽنگ جي ڪا صدارت ڪئي آهي جيتوڻيڪ هو اتي سوسائٽيءَ اندر موجود هو ـ
    بهرحال، مختيار علي چني اليڪشن دوران، سالياني جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته جيئن سوسائٽيءَ جا ستن ورهين جا آڊٽ اڪائونٽس بحال ڪرائي ۽ پنهنجون گھوٻيون لڪائي سگهي ـ انهيءَ موقعي تي هن بدديانتيءَ جو مظاهرو ڪندي، آڊٽ رپورٽ جي ڪاپي، گھُرڻ جي باوجود ڪانه ڏني ۽ نه ئي اڳ هن ليٽر سان گڏ اهڙي ڪاپي موڪلي هئي جڏهن ته گڏجاڻيءَ ۾ ڪير به هڪ ماڻهو شريڪ ڪونه ٿيو ۽ تنبو سارو ڏينهن مڪمل خالي رهيو جيڪو مان هر 15 منٽن کانپوءِ چيڪ ڪندو رهيس ـ بهرحال، مختيار علي چنيَ چالاڪي ڪندي پولنگ اسٽيشن اندر هڪ چوڪيدار مخدوم کي وهاري هڪ خالي ڪاپيءَ تي ووٽرن کان ڪوڙي بهاني سان صحيحون وٺڻ شروع ڪيون ـ پوءِ، صدارتي اميدوار فقير محمد، ايڊووڪيٽ سندس چالاڪي سمجھي، اهو غير قانوني ڪم بند ڪرايو پر چون ٿا ته مختيار علي چني، پوءِ ڪوڙيون صحيحون ڪري، واسطيدار کاتي کي اطلاع ڏنو آهي ته جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ 7 ورهين جا اهڙا آڊٽ اڪائونٽس بحال ڪيا ويا آهن جڏهن ته عملي طرح اهڙي ڪابه ميٽنگ ڪانه ٿي هئي تنهن ڪري آڊٽ اڪائونٽس جي منظوريءَ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي ـ
    ميمبرن جو مطالبو آهي ته رجسٽرار ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، ڪراچي ڪيمپ ۽ نيب کي مختيار علي چني جي کليو کلايو فراڊ خلاف ڪارروائي ڪرڻ گھرجي ۽ کيس گرفتار ڪري مثس جعلسازيءَ جو مقدمو هلائڻ گھرجي ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو