ٿرپارڪر ۾ ٻن مھينن اندر مري ويل مورن جو انگ 130ٿي ويو,حڪومت نوٽس نہ ورتو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Shahbaz khan shar طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2016۔

  1. Shahbaz khan shar

    Shahbaz khan shar
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 جنوري 2016
    تحريرون:
    79
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    سنڌڙي
    ٿرپارڪر ۾ ٻن مھينن اندر مري ويل مورن جو انگ 130ٿي ويو,حڪومت نوٽس نہ ورتو
    سومر 09 مئي 2016


    رپورٽ:شهباز خان شر

    ميرپورخاص:سنڌ ۾ فطرت جو شاهڪار علائقو ٿر،پنهنجي فطري حُسن جي حوالي سان هڪ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو.ٿر جون ڀِٽون، ترايون ۽ تاريخي ماڳَ، جتي ٿر جي فطري حُسن جو اُهڃاڻ آهن، اتي ٿر جا ناياب پکي ۽ جانور جن ۾ مور، تِتر، هَرڻ، روجهه، ٻاٽيٻڙ ۽ ٻيا ناياب پکي ۽ جانور ٿر جي فطري حسن جي علامت سمجهيا وڃن ٿا. ٿر جي جهنگلي جيوت ۾ خوبصورت پکي مور ٿر ۾ سونهن ۽ معصوميت جو اهڃاڻ تصور ڪيا وڃن ٿا. ٿر جي ريگستان واري علائقي ۾ مورن جو خوبصورت نسل دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي. زهريلي نانگ بلائن جا ازلي دشمن سمجهيا ويندڙ مورَ، ٿر جي لوڪ ادب جو حصو به سمجهيا وڃن ٿا، ٿر جي خطي جا سمورا گيت، همرچا ۽ راسوڙا لوڪ ادب جو حصو آهن، ٿر جي لوڪ ادب ۾ مورن تي تشبيهون پڻ شامل آهن، شيخ اياز کان وٺي سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن، ٿر جي وسڪارن، ميگهه ملهار جي منظرن، مورن جي سونهن ۽ سندرتا کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سموئي ٿر جي فطري حُسن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ محفوظ ڪيو آهي، مور ۽ ميگها رُتَ جو پاڻ ۾ گهرو سنگم هوندو آهي، جڏهن ٿر ۾ برسات وسندي آهي، ته مور خوشيءَ وچان رقص ڪري پنهنجي ڌرتيءَ کي سونهن ارپيندا آهن. ڪجهه عرصي کان ٿر جي مورن تي موت جو راڪاس لامارا ڪري رهيو آهي ۽ ٿر ۾ مورن جي مرڻ جو سلسلو هن سال به جاري آهي. گذريل ٻن مهينن دوران لڳ ڀڳ 115 مور مري ويا آهن پر سرڪاري ادارن پاران ٿر جي مورن جي علاج لاءِ ڪي به سنجيده ڪوششون نه ٿي سگهيون آهن. وائلڊ لائيف کاتي جي لاپرواهيءَ سبب ٿر جي ڳوٺ ۾ مورن جي علاج لاءِ ڪئمپون قائم نه ڪيون ويون آهن. هي عجيب منطق آهي جو گذريل سال راني کيت جي بيماريءَ سبب سوين مور مري ويا پر جهنگلي جيوت کاتي جي عملدارن پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو پر مورن جي علاج لاءِ ڪي سنجيده ڪوششون نه ورتيون. هن سال به جهنگلي جيوت کاتي جا آفيسر ۽ وزير پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ غلط بيانيءَ کان ڪم وٺي رهيا آهن ۽ ميڊيا ۾ نشاندهي ٿيل انگن اکرن کي ڪنهن به ريت مڃڻ لاءِ تيار ناهن. جڏهن ٿر ۾ مورن جي مرڻ جون خبرون ميڊيا تي اينديون آهن، ته هر سال ائين ٿيندو آهي، ته جهنگلي جيوت کاتي جا وزير ۽ آفيسر ٿر جي ڳوٺن جا روايتي دورا ڪري واپس هليا ويندا آهن پر عملي طور تي مورن جي علاج لاءِ ڪي به ڪوششون نه ٿينديون آهن، ٿر ۾ جتي مور راني کيت جي بيماريءَ وسيلي مرن پيا، ته اُتي ٿر ۾ جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي پڻ معمول بڻيل آهي. موجوده صورتحال ۾ وڏي ذميواري سنڌ سرڪار تي ٿئي ٿي، ته هو جهنگلي جيوت کاتي جي ڪارڪردگيءَ جو نوٽيس وٺندي، حقيقت جي روشنيءَ ۾ ٿر جي مورن کي بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻي ۽ مورن جي مرڻ واري تعداد ۾ گهٽ وڌ انگن اکرن ۾ الجهڻ بجاءِ مورن جي بيماريءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضروري وسيلا ڪتب آڻي.003
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو