1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    37000

حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول جي افتتاحي تقريب مهل امر جليل جو انٽرويو (مڪمل ٽيڪسٽ ۽ آڊيو ۾)

'انٽرويو' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,739
    ورتل پسنديدگيون:
    5,799
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ڇا ٿيو جهڙوڪر سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي ته سنڌ جي برک اديب امر جليل ظلم ڪري ڇڏيو. سنڌين کي نا اهل چئي وڌائين. هُن چيو هِن ٻُڌو نه ٻُڌو پر ٻي کي ٻُڌايو ٽئين وري امر جليل جي سڄي ادبي پورهئي کي رد ڪندي کيس سنڌ دُشمن قرار ڏيئي ڇڏيو. اِها ڍڳو پير پيران ڏسندا ٻُڌاندا رهياسين. پر امر جليل جي ذاتي موقف ٻُڌڻ کان پوءِ خبر پئي ته پاڻ اهڙو ڪُجهه نه چيو اٿن. چوندا آهن ڏٺي مان به ڏسجي. تصديق لاءِ اُن پروگرام جي رڪارڊنگ جي ڳولا شروع ڪئي ته نيٺ اظهار سومري جي مهرباني سان ملي. جيئن ته هر ڪنهن وٽ آڊيو ٻُڌڻ جي سهولت متان نه هُجي تنهنڪري وقت ڪڍي اهو سڄو انٽرويو ٽيڪسٽ ۾ بدلايم. اوهان انٽرويو ٻُڌو يا پڙهو پوءِ ڏسو ته الائي ڪهڙي سبب (گهڻا چون ٿا فيسٽيول ۾ دعوت/لفٽ نه ملڻ) جن ماڻهن مُهم هلائي اُهي ڪيترا ڪوڙا هُئا. سڄي انٽرويو ۾ ڪهڙي ڳالهه هُئي جيڪا غلط يا ڪوڙي آهي. ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا اسان سڀ ويهي سڄو ڏينهن نه ٿا ڪريون. آڊيو لنڪ ٽيڪسٽ جي آخر ۾ ڏنل آهي.

    انٽرويو

    عرفانه ملاح : ڪُجهه ماڻهن کي تاريخ امر ٺاهيندي آهي. ڪجهه ماڻهو عمل ۾ امر ٿيندا آهن. امر جليل پنهنجو پاڻ کي پنهنجي تخليق ۾ امر ڪيو آهي. اهو انعام آهي يا عقل آهي؟

    امر جليل: هي نئون نسل آهي. اسان جي ٽهي لکڻ واري، جيئن هر ڪنهن جي ٽهي هوندي آهي، اسان جي پراڻي آهي. اسان جي سٺ ستر اسي نوي واري آهي ڪيئي سال ٿي ويا آهن اسان کي. ان لحاظ سان گهٽ ۾ گهٽ ڇهه جنريشنز ڏٺيون آهن. هينئر جيڪي هڪ ٻه جنريشنز ٻه لاسٽ واريون آهن (جيئن ته پهريَن کي خبر آهي) پر ڀيڻ اهو سوال پُڇيو آهي اهو نوجوانن هن کان پُڇيو هوندو تنهنڪري مون کان پُڇيائون. . . . . بابا مان ته کيڏندو هوس ڪرڪيٽ. Cricket was my first and the last love. اڃان تائين اُهڙو ئي عشق آهي ڪرڪيٽ سان جهڙو پهرين ڏينهن کان هو. پوءِ حالتون هيٺ مٿي اها ڊگهي اسٽوري آهي مان پنهنجي آتم ڪٿا ۾ به لکي آهي. ان زماني ۾ ڪاليج جو دور اسڪول جو دور هو قمر شهباز سان دوستي ٿي ۽ اُها ڏاڍي ڊگهي اسان جي دوستي هلي. قمر جڏهن مون کي لٽريچر ۾ وٺي آيو ته مان پاڪستان جي لاءِ پاڪستان جي ڪمبائنڊ يونيورسٽيز جو وڪيٽ ڪيپر بئٽس مين هوندو هُئس ۽ جليل قاضيءَ جي نالي سان مان اُها وڪيٽ ڪيپنگ ڪندو هُئس. خواب هيُو ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو،خواب خواب رهجي ويو. پر لٽريچر جي طرف جڏهن وياسين ته قمر کي مان چيو ته جليل قاضي لٽريچر ۾ نه ايندو هُن ماڻهوءَ جي پنهنجي هڪڙي جاءِ آ جيڪا اُن کي هُجي. ته چيائين پوءِ هينئن ڪر ته ڪو نالو ٿا رکئون. نالو ڳوليندي ڳوليندي دوست جو هُئاسين ته هو ٿيو قمر ته مون کي چيائين تون امر آهين. ته اُن قمر سان گڏ امر ٿي پيس. پوءِ اسان جي ڀيڻ جيئن چئي ٿي ته الائي ڇا لٽريچر ۾ امر ٿي ويا ته پوءِ ان امر جي معنى به پوءِ اسان کي خبر پئي ته اهو امر ڇا هوندو آهي. ڇو جو ڪرڪيٽ جي حوالي سان لالا امر ناٿ انڊيا جي (پارٽيشن کان اڳ جي انڊيا) ڪرڪيٽ ٽيم لالا امر ناٿ اُنهن جو بئٽسمين ۽ ڪئپٽن هوندو هو سو اسان دل ۾ خوش ته اسان لالا امر ناٿ آهيون، سو امر اُهو هوندو هو. ڳالهه آهي سمپل اها ته لکڻ ٻکڻ ڪُجهه ڪونهي توهان پڙهو ٿا ماڻهو جيئرو آهي پڙهڻ ڇڏي ڏيندؤ ته ماڻهو مري ويو.

    عرفانه ملاح: هڪڙي ڳالهه امر جليل جي لکڻين ۾ هڪ timelessness آهي. زمان ۽ مڪان کان ماورا آهن. اها پاڪستان جي تاريخ آهي جيڪا سٺ ۾ به ساڳي هُئي هاڻي به ساڳي آهي يا اهو امر جليل آهي جيڪو تاريخ جي هر دور ۾ انهي طريقي سان زنده آهي؟

    امر جليل: اهو اتفاق عجيب آهي جو پاڪستان ٺهي ٿو ته ٻارنهن سال منهنجي ايج هُئي ۽ اُن زماني ۾ ٻارهن سالن جا ٻار ذهني طرح سان ان ڪري به ميچوئر هوندا هُئا جو اهو جيڪو اڄڪلهه رواج نڪري پيو آهي ننڍڙو ٻار بابا اسڪول وڃي ته هڪڙي ڳوڻ ڪتابن جي کڻي وڃي. ٻار ڪُٻا ٿي ويا آهن. هنچ بيڪ ٿي ويا آهن ناٽرڊيم جا. اُتان وري شام جو جڏهن هنچ بيڪ ٿي موٽن ٿا ته اڃان پُهتا ناهن ته سائين ٽيوشن تي وڃو. . . . . ته ٻار ٿي ويا آهن برباد. . . . . تنهنڪري نه انهن کي سوچ آ نه سمجهه آ. ۽ وري اليڪٽرانڪ گيجيٽس جيڪي اسان جي زماني ۾ اسان کان پري هونديون هُيون. ڇو جو اها هڪ عجيب ڳالهه ٻُڌندو آهيان ته بابا آج ڪل ڪي بچي بڙي تيز اس ليئي هين ڪه ان ڪو ڪمپيوٽر چلانا آتا هي. ان ڪو موبائل فون چلانا آتا هي. بابا تاريخ جو ڪهڙو دور آهي جنهن ۾ اليڪٽرانڪ گيجيٽس ڪونه هُيا. اسان به ننڍڙا هُياسين پهريون دفعو زندگيءَ ۾ ريڊيو ڏٺو سين. ريڊيو گهر ۾ آيو ڄڻ ته هيڏي ساري بلا گهر ۾ رکي آهي. ان ۾ راڳ به اچن ماڻهو ڳالهائن به. آواز اچن ماڻهو پريشان ته ان ۾ ڪي جن ويٺا آهن. هيترڙا ڪي پگنيز ويٺا آهن ڪير ٿا ڳالهائين آواز ڪٿان ٿا اچن. اسان هوندا هُئاسين ننڍڙا ته اسان کان بچائڻ لاءِ ريڊيو مٿي رکندا هُئا. اسان پٻن تي بيهي هٿ لاهي واليوم پيا مٽيندا هُئاسين. (ٻين کي اسٽيشن ياد ھجن نه هُجن اسٽيشن مٽبيون هُيون، جيڪڏهن توهان کي پراڻي دور جو ريڊيو ياد هُجي ته . . . .) اسان کي ڏسندا هُئا ته وڏا چوندا هُئا ته اڄڪلهه جا ٻار ڏاڍا تيز ٿي ويا آهن اسان کي اسٽيشنون ياد نه ٿيون رهن ننڍڙي کي ڏسو ته ڪيئن ٿو اسٽيشنون مَٽائي. ريڊيو سيلان، صبح صبح جو ستين بجي لڳندو هو پراڻا گانا ايندا هُئا. ڏاڍا وڻندا هُئا. اُهو اسان جو ميچوئر زمانو هو. مان بنا ڪنهن رک رکاءُ جي (ماڻهو کي جيڪا ڳالهه دل ۾ هُجي چئي ڇڏي. اندر رکي ڪونه. اسلام آباد ۾ به ماڻهو ڇرڪيا ڪراچيءَ ۾ به ڇرڪندا آهن) مان ڪليئر چوندو آهيان ته I am born an Indian. مان پيدائشي هندستاني آهيان. اهو ان ڪري جو 1936 ۾ پاڪستان ڪونه هو. مان انڊيا ۾ ڄائو هُئس. تنهن جي ڪري By birth I am an Indian. . . . . . مان پڙهندو هُئس رتن تلا اسڪول ڪراچيءَ ۾. هاڻي اها ڳالهه توهان کي ان ڪري ٻُڌايان ٿو ته اسان جيڪي سينيٽي توهان سمجهندا هوندو ته هڪ سين ماڻهو ويٺو آهي But I am insane from here I am not the sane person. ڇو جو مون کي جيڪو پوليٽيڪل ۽ هسٽري جي شاڪس آهن، اهو مان اڪيلو ناهيان منهنجي سڄي جنريشن آ ان دور جي جيڪي ان وقت ڏهه ٻارنهن پندرهن سالن جا هُئا جن ڏٺو. اسان اسڪولن ۾ ويندا هُئاسين (مون کي ٻين اسڪولن جي خبر ڪونهي) رتن تلا اسڪول ۾ روز اسيمبلي ٿيندي هُئي ۽ هڪڙو ئي اسان جو صبح جو ساڍي نائين ڏهين وڳي ڪلاس هلندو هو چئين وڳي ختم ٿيندو هو. منجهند جي ماني گڏ کائيندا هُئاسين. جهنڊو چاڙهيندا هُئا اسيمبلي ٿيندي هُئي. اهو ٽن رنگن وارو ٽرنگو جهنڊو چڙهندو هو ۽ ٻه ترانا اسان ڳائيندا هُئاسين. هڪڙو اقبال جو، ساري جهان سي اڇا هندستان همارا (مسلم وارو اڃان نه آيو هو اسان وٽ) ساري جهان سي اڇا هندستان همارا هندي هين هم وطن سارا جهان همارا. مسلم وارو اڃان نه آيو هو اسان وٽ ۽ ٻيو هوندو هو رابنر ناٿ ٽئگور جو Jana gana mana adhinaayaka jaya hay, Bhaaratha Bhaagya Vidhaata اهي پڙهندا هُئاسين. ان زماني ۾ هندستان مان انگريزن جي وڃڻ جي تياري هُئي. اڄ ٿا وڃن سُڀاڻي ٿا وڃن. ڇو جو سيڪنڊ ورلڊ وار کٽڻ جي باوجود انهن جي چيلهه ڀڄي پئي هُئي. هو هاڻي دنيا ۾ پنهنجيون ڪالونيون سنڀالي نه پئي سگهيا. پڪ هُئي ته هندستان مان ويندا. اسان به سمجهيو پئي ته چون پيا اسان جو مادر وطن آزاد ٿيندو. اسان جي ماءُ آزاد ٿيندي. غلاميءَ مان آزاد ٿيندي. اسان به ننڍا نيٽا هوندا هُئاسين ته لڳندو هو ڌرتي اسان جي ماءُ انگريز ويندو انگريز کي ڪڍبو. هيءَ ڌرتي اسان جي ماءُ ٿيندي. هاڻي هڪڙي ننڍڙي ٻار کي توهان پنهنجي ماءُ سان ايڏي محبت ٿا سيکاريو ته ماءُ کان مٿي دنيا ۾ ڪا شيءِ ڪونهي ماءُ سڀ ڪُجهه آهي. ماءُ لاءِ جان ڏبي آ زندگي ڏبي آ. ان ٻار کي All of a sudden for some reasons may be political may be some other reasons ٻُڌائجي ته تنهنجي ماءُ جا سان ٻه ٽُڪر ڪري ڇڏيا آهن. تنهنجي ماءُ کي اسان ٻن حصن ۾ ورهايو آ هڪ حصو هوڏي هڪ حصو هيڏي. It is a shock for the child. ٻار جي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڇرڪائيندڙ ڇا ٿو ٿي سگهي؟ ته جنهن کي اهو درس ڏنو هُجي ته هي تنهنجي ماءُ آ تنهن کي ٻُڌايو وڃي ته تنهنجي ماءُ جا اسان ٻه ٽُڪر ڪري ڇڏيا آهن. ان جي حالت ڪهڙي هوندي تنهنجي ڪري توهان جيڪا مون کان اها ڳالهه پُڇي آهي. It is all inside me. اها ڳالهه منهجي ختم نٿي ٿئي. مان تصور ئي نه ٿو ڪري سگهان ته ماءُ جا ٻه ٽُڪر ٿي سگهن ٿا. ها! اُن جي اولاد ورهائجي ويندي آهي. هيئنر به توهان ڏٺو هوندو ڪيتريون مائرو آهن جن کي ڌيئر آهن پُٽ آهن. پر هو اڪيلا هوندا. پُٽ ڪاڏي ويو ڌيئرون ڪاڏي ويون. پُٽ ڌيئرون ڀائر پاڻ ۾ ورهائجي ويندا پر ماءُ ساڳي رهندي. تنهنڪري اسان به ورهائجي وياسين 47 ۾. هندوستان جا ماڻهو ورهائجي ويا. هڪڙن پاڻ کي سڏايو پاڪستاني هڪڙن سڏايو هندوستاني.اهو ڏينهن اڄ جو ڏينهن رڳو ٿا جهيڙو ڪريون پيا. اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته توهان ٻيا آهيو اسان ٻيا آهيون. جيتوڻيڪ جڏهن بادل هلن ٿا ته انهن کي پاسپورٽ جي ضرورت ڪونهي. انهن کي ويزا جي ضرورت ڪونهي. هوڏي ٿا هليا وڃن. هڪڙو ٻڪرار ڌنار جيڪڏهن ڀُل وچان ڇو ته لائن لڳل ته ڪونهي ڪو هندوستان هليو وڃي يا هُن طرف کان هيڏي هليو اچي ته ٻڌجي ٿا وڃن ويچارا. بابا مينهن کي روڪيو واءُ کي روڪيو. انهن کي ته نه ٿا روڪي سگهو. It is same volcanic fire that is burning inside me and I will take it with me when I go.

    عرفانه ملاح: امر جليل چيو هو پاڻ کي ايلين سمجهي ٿو ۽ سنڌ چوي ٿي ته امر جليل سنڌ جو شناختي ڪارڊ آهي. ته سنڌ ڪٿي بيٺي آهي جنهن جو شناختي ڪارڊ ايلين آهي؟ هي نسل ڪٿي بيٺو آهي؟ امر جليل اُن کي ڪيئن ٿو ڏِسي؟

    امر جليل: اهو جيڪو اوهان پُڇيو آهي. ايترا ئي سوال منهنجي ڪلاس روم لاءِ به اچن ٿا. ڇو ته هرڪو ڏسي ٿو نه. ميڊيا ڏسن ٿا اسان جا نوجوان. هرڪو محسوس ٿو ڪري ته اسان هتي ايلين ڇو آهيون؟ هاڻي جيڪي پاناما ليڪس جون ڳالهيون هلن ٿيون پيون. ڪڏهن ڪنهن سنڌيءَ کان پُڇيو اٿئون گهُرائي؟ هيڏا بحث مُباحثا 50 ٽيليوزن چئنلس آهن ڪڏهن ڪو سنڌيءَ کي گهُرائن ۽ اُن کان پُڇن ته پاناما ليڪس جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آ؟ ان حوالي سان ٻيا ڪيترائي اشوز آهن جيئن ضربِ عزب يا ضرب غزب هلي پيو. اُتي به هلي پيو ڪو اهڙو ضربِ غزب هتي به هلايو. اسان جا نوجوان شام جو هلي نه ٿا سگهن. ڳوٺ بند ٿي ٿا وڃن. ڌاڙيل پوليس جي نظرداريءَ ۾ وڃن ٿا ڏينهون ڏينهن زور ٿيندا. وڏيرا انهن جو رکواليون ٿا ڪن. پاٿاريدار وڃي اسيمبلين ۾ ويٺا آهن. انهن جو به ته ڪُجهه حساب ڪتاب ٿيڻ گهُرجي نه؟ پر ڪنهن سنڌي کي ڪو گهُرائي نه ٿو تنهنڪري سنڌ جا نوجوان هتي پاڻ کي ايلين ۽ ڪٽ آف ٿا محسوس ڪن. انهي جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهيInternal اسان پاڻ کي پنهنجي گريبان ۾ نظر وجهي پنهنجو جائزو نه ٿا وٺون ته اسان کي جيڪي به هاڃا يا جيڪي به تڪليفون مليون آهن اهي ڪي ٻاهريَن اچي ڪونه ڏنيون آهن. ان ۾ نه ڪو توهان جو مهاجر شامل آهي (اسان جي تڪليفن ۾ يا اسان جي زوال ۾) نه پنجابي شامل آهي نه پٺاڻ شامل آهي. ڪو اهڙو ثبوت ڪونهي ته ڪنهن پٺاڻ يا پنجابي يا مهاجر اسان جي تعليم کاتي کي چيو هُجي ته سنڌ ۾ جيڪي 28 يا 30 هزار اسڪول بند هُجن. ڪنهن چيو آهي انهن کي اسڪول بند رکو اسان جا؟ ۽ اسڪول جي نالي ۾ ايڏو وڏو ڌوڪو ٿيل آهي. مان به ٻُڌندو هُئس ته اسڪول بند آهن. مون کي شوق ٿيو ته اسڪول وڃي ڏسان ته سهي جيڪي بند آهن. ويجهو ئي ٺٽي کان اورتي ڪٿي مون کي رڪئيسٽ تي اسڪول ڏيکاريو ويو مان حيران ٿي ويس ته ابا هي ڪهڙو اسڪول آهي هن ۾ ته هڪڙو ڪمرو آهي. چيائون ها اهي اهڙا اسڪول آهن. 20 هزار ته اهڙا ئي اسڪول آهن جيڪي بند پيا آهن. بابا هي به يونيورسٽي ٽيچر آهي اسان جي ڀيڻ (عرفانه ملاح) ٻيا به ٽيچر هتي الاهي ويٺا آهن اسڪول ٽيچرز ويٺا آهن ڪاليج ٽيچرز ويٺا آهن بابا is it possible ته هڪڙو ٽيچر هڪ ڪلاس ۾ پنجن درجن کي پڙهائي. پهرين کان پنجين درجي تائين. پرائمري ۾ پنج ڪلاس آهن نه؟ (اسان جي دور ۾ چار ڪلاس هوندا هُئا) هڪڙو ٽيچر پنجن ڪلاسن کي ڪيئن پڙهائيندو؟ اها ڪهڙي ٽيچنگ ٽيڪنالاجي يا ميٿاڊالاجي آهي؟ اسان کي ڪو سمجهائي ته سهي نه؟ اهو ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي خوش ڪرڻ لاءِ اسان توهان جي علائقي ۾ اسڪول ٿا کوليون هاڻي اهي اوطاقون آهن انهن جون. نمبر ٽو ته جيڪا شيءِ ڪنهن به قوم کي تباهه ۽ برباد ٿي ڪري ته تعليم انهن کان کسي وٺجي. اسان جي پنهنجن، اسان جي پنهنجن جن کي اوهان وؤٽ ڏيئي اڳتي ٿا موڪليو. اُنهن اسان کان تعليم کسي ورتي آهي. سنڌ کي ٽي بيماريون لڳل آهن. انهن جو جيستائين تدارڪ نه ٿيندو تيستائين ڪُجهه نه ٿيندو. جيئن مون اوهان کي ٻُڌايو ته تعليم اسان کان اسان جي پنهنجي ڦُري آهي. ان ۾ ڪنهن به لانگ بوٽ اچي ڪونه چيو ته اوهان اسڪول بند ڪيو. آهي ڪو ثبوت آهي؟ ڪنهن وٽ به ڪونهي. اهو آهي To over simplify ڪنهن ڳالهه کي ڏاڍو سادو ڪري پيش ڪرڻ. اسڪول اسان جا بند. بابا اهي ملٽري جي ڪري بند آهن. ڇا ملٽري اسان کي چيو ته اسڪول بند ڪريو. اسان جي اسپتالن جو ٻيڙو ٻُڏل آهي. ڪلهه به مان ڪنهن اخبار (شايد ڪاوش) ۾ هڪ رپورٽ پئي پڙهي ته هڪ هاسپٽل جو ڏهن سالن کان آپريشن ٿيٽر بند آهي ۽ آپريشن ٿيٽر جو سڄو اڪيوپمينٽ چوري ڪري وڪڻي ڇڏيائون. هاڻي اهو لانگ بوٽن چيو ته اوهان اسپتالون نه هلايو؟ اهو سڀ پنهنجيون ريسپانبلٽيز آهن ٻين جي مٿان اُڇلڻ. اهو سڀ آهي اسان جي اندر ويٺل مذهبي جذبو جيڪو چئي ٿو بابا الله توکي ايئن پيدا ڪيو آهي. تون غريب آهين. بابا اُن کي چئو ته تون سوسائٽي جي Injustice جي ڪري غريب آهين. سوسائٽي تو سان بي انصافي ڪئي آهي تنهن جي ڪري تون غريب آهين. ته اسان وٽ به اهو ئي آهي ته جيڪڏهن هاسپٽل بند آهي يا اسان وٽ امن امان جو ٻيڙو ٻُڏل اٿؤ، غنڊا گردي ڪو غنڊو يا بدمعاش تڏهن ٿو ڪري جڏهن اُن کي ڪا پُٺ آ. هو ايئن ئي نه ڪندو. . . . ۽ ان جي پُٺ تي ڪير آ؟؟؟؟ سنڌ جي پوليس! سنڌ جي پوليس ان سان گڏ آهي. سنڌ جي پوليس کي ملٽري يا لانگ بوٽن ڪونه چيو آ ته اوهان ڌاڙيلن جو ساٿ ڏيو. هي اسان جا پنهنجا ڪرتوت آهن. اندر آئينو ڪري پرين سو پسيج . هتي پرين جڪيو اسان جو آهي اهو آهي Truth حقيقت اها آهي ته اسين پنهنجا پاڻ دُشمن آهيون. اسان پاڻ سان پاڻ ويساهه گهاتي ڪئي آهي. اسان پاڻ سان پاڻ ڌوڪو ڪيو آهي جو اسان ان طرف توجه نه ٿا ڏيون. توجه ڏيو ۽ ان باري ۾ سوچيو ۽ ان سان گڏ سنڌ تي نئين مصيبت جيڪا نازل ٿي آهي ان جي باري ۾ ته توهان سوچيو ئي نه ٿا. ايڏا مدرسا کُلندا ٿا وڃن توهان جي گهر جي ٻاهران مدرس ٿا کُلن. ٿر ۾ مدرسا ٿا کُلن. ڪو تدارڪ آهي ڪنهن وٽ انهن کي روڪڻ جو؟ اهي مدرسا ڇو ٿا کُلن. ان جو سمپل مان وري به اُها ئي ڳالهه ڪندس ته اسان جو ڏوهه ڇو ته غربت آهي تمام گهڻي. انٽيرير سنڌ ۾ تمام گهڻي غربت آهي. ٻار ڌڪا ٿا کان. تنهن جي ڪري نتيجو اهو ٿو نڪري ته اُهي مُلان جيڪي اچن ٿا مدرسا ٺاهي چون ٿا ته اوهان ٻار موڪليو اسان ڏي اسان انهن کي پئسو ٽڪو ڪپڙو لٽو خرچو ڏينداسين. دُنيا ۾ ڪيترائي ادارا آهن وڏي ۾ وڏو ادارو يونائٽيڊ نيشن UNO جو يونيسيف ۽ يونيسڪو انهن جاايترا پروجيڪٽ آهن دنيا ۾ هلن ٿا پاڪستان ۾ به شروع ۾ هلي چُڪا مان به انهن مان هڪڙي سان وابستا هُئس. پرائمري اسڪول هلائن ٿا ٻارن کي يونيفارم ڪپڙو لٽو کاڏو پيتو ويندي لنچ ۾ کير بسڪٽ ڏين ٿا. اڃان تائين ڏين ٿا سڄو آفريڪا ۾ اُنهن جو ڪم ٿو هلي پيو. سنڌ گورنمنٽ ڪڏهن ڪوشش ڪئي؟ جيڪڏهن انٽريرير ۾ اوهان ان قسم جا اسڪول کولايو ها ته اسان جو ٻار انهن اسڪولن ۾ وڃي ها مدرسن ۾ نه وڃي ها. اسان پنهنجيون ئي خاميون شفٽ ٿا ڪيو ٻين ڏي.

    عرفانه ملاح: سنڌ ۾ اسان نعرو هڻندا آهيون هميشه ته سنڌ صوفين جي سرزمين آهي. ڇا توهان سمجهو ٿا وقعي اهو ايئن آهي يا اها خام خيالي آهي . سنڌ ۾ جيڪو هن مهل ٿي رهيو آهي اهو واقعي صوفين جو شيوو آهي توهان جي ڇا سوچ آهي؟

    امر جليل: اول اهو صوفي جيڪو لفظ آهي اهو ويچارو ڏاڍو بدنام ٿي ويو آهي. جيڪو دنيا جو چنڊو، نرڄو، بيڪار ڪم ڪار نه ڪري سوتا هڻي پيو هُجي بابا اهو صوفي آهي. ان لفظ سان عربن ۽ پارسين پنهنجي زندگي ڳاري ڇڏي اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته بابا اهو صوفي لفظ جيڪو آهي اهو پشم آهي. اڇي پشم جنهن جو صوف نالو هوندو هو اها صوفي ٿي الائي ڇا ڇا ڪن ٿا الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪڍن ٿا. پر اسان ان جو سولو طريقو ڪڍيو آهي. جيڪو بيڪار ڪم نه ڪري اهو صوفي آهي. پنهنجي ڪري نمازون نه پڙهي بابا نمازون نه ٿو پڙهي هونئن ڊڄي هر ڳالهه کان. تعويذ ٻڌندو وڃي وڻن تي. پير سائين تي ويندو. بابا نماز نه ٿو پڙهي ته چوندا صوفي آهي ڇڏي ڏي. نمازون نه ٿو پڙهي.نمازن کان به آزاد. اسان وٽ صوفي جو مت جيڪو هر ڄڳهه تي مختلف اٿؤ؟ اسان وٽ صوفي ازم آهي هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ.It is pure tolerance. هڪ ٻئي جو احترام ڪرڻ. هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ اهو ئي نتيجو آهي جو 47 کان اڳ سچل ۽ شاهه تي خاص ڪري ميلن تي ۽ هونئن به جيتري تعداد ۾ مسلمان اوتري تعداد ۾ هندو. جيتوڻيڪ هندو مسلمانن جي تعداد کان 25 فيصد ۽ 75 فيصد مسلمان هوندا هُئا. تڏهن به هندو جو اهو تعداد هوندو هو جيڪو مسلمان جو هوندو هو. هينئر به توهان هندستان ۾ وڃو اُتي شاهه لطيف ۽ سچل جو ورسيون انهن جا ڏهاڙا باقاعده ملهائجن ٿا. اسان صوفي هُئاسين. اهو اوچتو ضياءُ الحق کان پوءِ هڪڙو دؤر شروع ٿيو جيڪو اسلامائزيشن جو هو. جيڪو هڪ عجيب قسم جو اسلامائزيزشن هو. بابا اسلامائزيشن ڪريو ٿا ته توهان سريلنڪا وڃو. اُتي مسلمان ڪونهن انهن کي مسلمان ڪريو نيپال هليا وڃو اُتي مسلمان ڪريو چين هليا وڃو اُتي ماڻهن کي مسلمان ڪريو انهن چيو نه اسان مسلمانن کي مسلمان ڪنداسين. ادا اهو ته غذب آهي مسلمانن کي مسلمان ڪريو ٿا. هاڻي ته اسان کي ڊپ ٿو ٿئي. منهنجي ڌيئرون ڀينرو ويٺيون آهن مان ٻيو اکر نه ٿو استعمال ڪريان. پر مان هڪڙو مان ڪريان ٿو ڇو ته اُهو less annoying آهي. اهو اهو آهي ته اسان کي اهو نه چون ٿا اوهان پنهنجا نڪاح ٻيهر پڙهايو اوهان جا نڪاح غلط پڙهيل هُئا. هاڻي ٻيهر نڪاح پڙهو. ننڍيون ننڍيون ڳالهيون الائي ڪٿان مُلن پيدا ڪيون. توهان کي ياد ٿو ڏياريان ته ڪي ڪي صفا ننڍڙا نوجوان آهن. اهي ڄاوا ئي هوندا ته چوندا هوندا الله حافظ. اسان ننڍا هُئاسين ته چوندا هُئاسين خدا حافظ. اسان جا وڏا به چوندا هُئا خدا حافظ. اوچتو هڪڙي ڏينهن چيائون ته نه خدا بينڊ آهي. نو خدا. صرف الله. اڙي بابا What happened to Khuda. خدا migrate ڪري ويو يا ڪاڏي هليو ويو؟ ڪو reason ته اسان کي ٻُڌايو خدا کي ڀڄائڻ جو. اسان جي بابن ڏاڏن ابن جيڪي قسم کنيا هُئا خدا جا اُهي ته آزاد ٿي ويا. جيڪڏهن اُنهن قسم کنيو هوندو قرض کڻڻ لاءِ. هاڻي قرض کان آزاد ڇو ته خدا آهي ئي ڪونه قرض ڦٻائي ويندو ڇو ته خدا آهي ئي ڪونه . بابا هي سڀ ڇو؟ ڪنهن اسان کي ڪونه سمجهايو. اهو جهيڙو هلي ٿو پيو. باب ڪو reason ته هُجي نه؟. آخر هيڏي دُنيا هيڏي ڪائنات هڪڙو خالق هڪڙو مالڪ. هي ٽيبل آهي. هن کي به هڪڙي ڪارپينٽر ٺاهيو آهي نه؟ هڪڙو خالق هڪڙو مالڪ هي جيڪا دُنيا آهي سڀ اُن جي چڪر آهن. ڇو ته ٽي بنيادي سوال انسان جي ڄمڻ کان مرڻ تائين انسان سان گڏ هوندا. سائنس ڪيڏي به ترقي ڪري هن دور تائين. موت ڇا آهي؟ what is death? اها بلا ڪهڙي آهي؟ مان مري ويندس ته ڪاڏي ويندس؟ هاڻي مرڻ کان پوءِ ڪو واپس ڪونه آيو آهي. اڄ تائين تاريخ ۾ ڪو هڪڙو به مثال ڪونهي ته ڪو مري وري واپس آيو هُجي ۽ اسان کي ٻُڌائي ته اُتي ڇا ڇا ٿيو؟ ڇو ته مان دنيا ۾ چڱو هُئس تنهنڪري مري ويس ته اُتي ڏاڍا مزا هُئا. ڏاڍيون حورون ويٺيون هُيون. مالش پيو ڪن. انگور پيون مون کي کارائن. بابا ڪو موٽي اچي نه. ڪو موٽي اچي اسان کي ڪُجهه ٻُڌائي نه. توهان جڏهن نيويارڪ ڏٺو ئي ڪونهي ته اوهان مون کي نيو يارڪ جي باري ۾ ڇا ٻُڌائيندا؟ پر هتي هر مذهب وارن . . . .هر مذهب وارن پنهنجي پيروڪارن کي اهي ڳالهيون ٻُڌايون آهن. مرڻ کان پوءِ هيئن آهي. مرڻ کان پوءِ هونئن آهي. بابا ڪو evidenec؟؟؟؟؟Eye witness ڪو آهي؟ اڇا هيءَ زندگي آهي ته آءُ آيو ڪٿان آهيان؟ جيڪڏهن مرڻ کان پوءِ خبر ناهي ته مان ڪاڏي ويندس ته پوءِ آيس ڪٿان؟ اهو عرفانه ملاح تڏهن ٿو اچي جڏهن اوهان جي observation مضبوط آهي. هر ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اهو سوال نه ايندو. جيڪڏهن توهان جي اوڙي پاڙي ۾ ڪو ٻار پيدا ٿئي ٿوجيڪو اڃان هاڻي ڄائو آهي. منٽ يا پنج منٽ ٿيا اٿس جيڪو ڄائو آهي. اکيون بند اٿس ننڊ ۾ پيو آهي. مُرڪي ڇا تي ٿو؟ ٻار مُرڪندا آهن. ڇهن ڏينهن جو اٺن ڏينهن جو يا مهيني جو ٻار مُرڪي ٿو. اها مُرڪ سندس چپن تي ڇا جي لاءِ آهي؟ بابا مُرڪ به تڏهن آهي نه جڏهن وهان کي ڪو Joke ياد اچي. توهان کي ڪو چرچو ڪنهن ٻُڌاوي هُجي اُهو ياد اچي. توهان ڪنهن کي ڪيلي تان ترڪندي ڏٺو هُجو ۽ کلي کلي کيرا ٿي پيا هُجو. پر هي ته هاڻي آيو آهي. هن کي ياد ڇا آهي؟ It is the life before life. جنهن جا images کڻي هو اچي ٿو جيڪي هُن جي ذهن تي آهن. اُهي ئي هُن کي ياد ٿا اچن. پوءِ اها هارڊ ڊسڪ جيڪا آهي آهسته آهسته erase ٿي ٿئي مهيني ٻن يا ڇهن مهينن ۾.دنيا جون ڪيتريون ئي يونيورسٽيز آهن جن ۾ ان تي تحقيق ٿي ٿئيlife before life تي. ڏاڍي مشهور هڪ سيريز آهي ڪتابن جي. Passed life of children هڪ هڪ ڪتاب ۾ 20-20 ٻارن جا انٽرويوز ۽ ايگزامينيشن سائڪٽرسٽ ۽ پيڊياٽريشنس سائنٽفڪ ڪيا آهن.

    عرفانه ملاح: ماڻهو امر جليل کان معلوم ڪرڻ چاهين ٿا 60 جي ڏهاڪي يا 70 جي ڏهاڪي جي اديب ۽ دانشور ۽ هن دور جي اديب ۽ دانشور جو ڇا ڪردار آهي؟ اهي پنهنجو ڪردار ڪهڙي طرح ادا ڪري سگهن ٿا؟ هن وقت سنڌ کي جيڪي درپيش چئلينجز آهن ان ۾ هو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا؟

    امرا جليل: اهو ڊائريڪٽ سنڌي لٽريچر جي باري ۾ سوال آهي. حيرت چئجي . . . حيرت آهي يا افسوس آهي. جيئن پاڻي بيهه رهندو آهي هڪ جاءِ تي سينور ۽ ڪلر ان کي لڳي وڃي. اسان به ڪُجهه ان قسم جا آهيون. چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ جي ڳالهه آهي. حميد سنڌي ويٺو اٿؤ. روح رهاڻ ڪڍيائين. اڪيلي سر پنهنجي زور تي. ان وقت تبت سنو جا اشتهار ڪونه ملندا هُئا رسالو هلائڻ لاءِ. ڪاري کي اڇو ڪرڻ ۽ اڇي کي ڪارو ڪرڻ لاءِ ڪريمن جا اشتهار نه ملندا هُئا. پنهنجي زور تي ڪتاب هلندو هو. مڙسي سان هلائڻ ڪا مشڪري ڪونه هُئي. ان جي سال ٻن ٽن کان پوءِ طارق اشرف سهڻي ڪڍيو مجال آهي جو ان کي ڪو اشتهار ڏي. نه حميد نه طارق اشتهار جي ڪڍ نه ڊوڙندا هُئا نه وٺندا هُئا ۽ ماڻهو پڙهندا هُئا. باقاعدي زينت پريس تي روح رهاڻ ڇپبو هو. هاڪر (گاڏي کاتي وارا) قطار ٺاهي اچي بيهندا هُئا ته فلاڻي تاريخ تي هي رسالو آئوٽ ٿيڻو آهي. رسالو کڻي ويندا هُئا. اسان جو ايڏو زوال آيو آ. ان قسم جو اسان وٽ ڪو هڪڙو ته مئگزين ته هُجي. انهن ٻنهي اهو ڪمال ڪيو هو. طارق اشرف ۽ حميد. ڪا جهل پل ڪونه. جنهن کي جيڪي لکڻو آهي لکو. ڪا جهل پل ڪونهي ته هن ۾ هي لکنداسين ته سرڪار ناراض ٿي ويندي. هي لکنداسين ته مُلان ناراض ٿي ويندا. جيڪو وڻيِوَ لکو. مان سمجهان ٿو 68 وارو پرچو جنهن تي بين پئجي ويو ان ۾ حميد منهنجي هڪڙي اسٽوري ڇپي ”هڪ لاش ۽ راتين جا رولاڪ“ ان تي سائين سرڪار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته مذهب جي خلاف آهي. هن ۾ فحاشي آهي. هينئر ڇا اهي سڀ ڳالهيون ٿين ٿيون. اسان وٽ هڪڙو رسالو ڪونهي حميد. تاج بلوچ پنهنجي زور تي سوجهرو هلايو. . . هلائي هلائي هلائي مون کي لڳي ٿو هاڻ ٿڪجي پيو. آخر ڪيستائين ماڻهو هلندو؟. ڪو ڪنهن کي چوڻ وارو ڪونهي. ڇا ايڊورٽائزنگ ايجنسيز ڇا اهو ڊيسائڊ ڪري ڇڏيو آهي سنڌي ماڻهو صابڻ استعمال نه ٿا ڪن ڇا؟ زبيده آپا ڪارين ماين کي سُهڻو ڪرڻ لاءِ پنهنجو صابڻ به ٺاهي ڇڏيو. کاڌو پچائي کارائي مرچ مصالحا کارائي ٿي هاڻي اُنهن جا اشتهار به سڀني اردو رسالن ۾ آهن. نه سنڌي ٽيليوزن کي ڪو اشتهار ٿا ملن نه سنڌي اخبارن کي. جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ رسالو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته بابا this is commercial word جذبي تي، سچائي تي آخر ڪيستائين ماڻهو جي سگهندو. پاڻ جيڪو هتي گڏ ٿيا آهيون مون کي اهو خيال پئي ٿيو ته this is indirect gesture of surrendering ته ڪراچي اسان توهان کي ڏيئي ڇڏي. ڇو جو اهڙو فنڪشن اسان ڪراچيءَ ۾نه ٿا ڪري سگهون. ٻيا جيڪي فيسٽيول ٿين ٿا انهن جا به ايترا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿين ٿا. اسان ڪراچيءَ ۾ وڃڻ ڇڏي ڏيون ٿا ته اسان اڃان پوئتي ٿا وڃون. اسان جي ڳالهه رجسٽر ڪونه ٿيندي. اسان پنهنجي هُئڻ جو احساس ٻين کي ڏياري نه سگهنداسين. توهان هڪڙي ڳالهه محسوس ڪئي آهي ته هيڏا ڊسڪشن ٿين ٿا. ڪنهن سنڌيءَ کي ٽيليوزن تي گهُرائي انهي سان ڪنهن ڊسڪشن ڪئي آهي؟ اياز لطيف پليجي کي گهُرايو اٿؤ؟ توهان جا اختلاف ڪيترا به هُجن. But he is a good orator. He gives arguments. قادر مگسي آهي. ان جي thorough study آهي. ورلڊ پاليٽڪس تي ۽ ڪرنٽ افيئرس تي. هُن کي نه ٿا گهُرائن. ڀائي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر هڪڙي ماڻهو وٽ ڪا شيءِ يا ٽيلينٽ آهي ان کي acknowledge ته ڪريو. هنن ٻن ماڻهن کي هنن ڪڏهن گهُرايو؟

    عرفانه ملاح: امر جليل صاحب هڪڙو عرفانه ملاح اچانڪ ذهن ۾ اچي ٿو پرويز مُشرف چوي ٿو ته سنڌي نا اهل آهن. امر جليل چوي ٿو ته سنڌين جي تباهي ۾ پنجابي پٺاڻن جو هٿ ڪونهي ڪو. سنڌي ڪٿي بيهن ۽ ڇا ڪن؟

    امر جليل: ڪافي عرصو گُذري ويو آهي. هن ريگستان ۾ هل هلان هل هلان. هلندي هلندي هڪڙو نتيجو، اڄ نه . . .اڄ کان 10 15 20 يا 30 سال اڳ مون اکين سان ڏٺو. ۽ اکين سان ڏسان ٿو پيو اڄ تائين. This is my personal observation ضروري ناهي ته آءُ اوهان تي به ٿوپيان.. اوهان جي مٿي تي ويهاريان. اسان ۾ ايڏا ته brilliant ۽ independent ماڻهو آهن. هڪ فرد طور. As individual. هڪڙو ڄڻو. هڪ هڪ هڪ هڪ هڪ. ڇا جي لاءِ؟ آءُ نه ٿو ڄاڻان. I do not know. اهو اعتراف آ منهنجو. اهي ايڏا ٽيلينٽيڊ ماڻهو هڪ ٻه چار پنج ڇهه اٺ اهي پاڻ ۾ گڏ ڇو نه ٿا ٿين. الطاف اسان کي وڻي نه وڻي (الطاف حُسين). ڪيئن نه ان سان گڏ يڪمشت ٿي ماڻهو بيٺا. توهان ڇا ٿا سمجهو هو نه سوچيندا هوندا ته هو ڪيئن ٿو ڳالهائي مشڪرن وانگر ٿو ڳالهائي. پوين ڏينهن ۾ ته عجيب عجيب ڳالهيون ٿو ڪري. پر چيائون ته نه. اسان کي جيڪڏهن يونٽي آهي ته هن ماڻهو جي ڪري آهي ته قبول آهي. نتيجو اهو نڪتو ته هڪ ٻه ٽي چار پنج اٺ جڏهن اسان جا ٽيلينٽيڊ ماڻهو وڃي انهن رُخ ڪيو ٻاهر جو. مون آمريڪا ۾ ايڏا زبردست قسم جا پاڪستاني ڊاڪٽر سرجن سنڌي (رات به مون سان بوسٽن مان پيو ڳالهائي ڊاڪٽر مظهر لاکو اهو سانا جو پريزيڊينٽ به رهي چُڪو آهي ٻه دفعا) ڏٺا. ڪمپيوٽر سائنس جا انجنيئر هليا ويا. اسان سنڌين ۾ ايڏا ته ٽيلينٽيڊ ماڻهو آهن. پر هتي جون حالتون ڏسي پنهنجا اختلاف پنهنجيون برباديون ڏسي هرڪو ٻاهر جو رُخ ڪري ٿو پيو. ڇو؟ I don’t know اهو ڪو سوشل سائنٽسٽ هُجي اُهو ٻُڌائي.

    مهرباني امر جليل صاحب.



    آڊيو ٻُڌڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,583
    ورتل پسنديدگيون:
    27,084
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان وارا همراهه نه ٻڌندا نه ڏسندا بس جاٽ هڻندا .....

    ڀلي امر جليل کين نه وڻي .... ڀلي هن جون ڳالهيون کين نه وڻن، پر هو سچ ته چوندو. اسان کي سکڻي تعريف گهرجي .... اسان موهن جي دڙي کان اڳتي ته ڪونه وڌياسين پر موهن جي دڙي جهڙا ٺاهيل شهربه ڪونه ٿا ملن ....

    مونکي ته حيرت ٿي امين ارباب جي لکڻيءَ تي .....
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,621
    ورتل پسنديدگيون:
    6,886
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    283
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    سچ ته هميشه ڪڙو لڳندو آهي
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,391
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جي عظيم شخصيت، جيڪا جهڙي ٻاهران صاف سٿري ۽ اڇي اجري آهي اهڙي اندران صاف سٿري آهي. سندس ڪردار سنڌ جي ماڻهن لاء هڪ بهترين مثال آهي، مان ته کيس روحاني رهبر تسليم ڪندو آهيان، مگر افسوس جو اسان کي روحاني رهبر به اهي گهرجن جيڪي چند پيئسن جي عيوض اسان کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي اجازت ڏين جنهن جي مذهبي ۽ اخلاقي منع آهي.۽ اسان جي زندگي ۾ جيڪي ذهني ڪينسر آهن انهن جو علاج نه ڪن، ۽ بس اسان جي رضا ۾ راضي رهن
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 مئي 2016
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,739
    ورتل پسنديدگيون:
    5,799
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    3326 اٽيچمينٽ ڏسو

    اوهان مٿي ٽيڪسٽ به پڙهو. اڃان به پڪ ڪرڻي آهي ته رڪارڊنگ ٻُڌو. ڏسو ته پرويز مُشرف واري سوال تي امر جليل ڇا چيو ۽ ميڊيا مُهم ۾ ڇا چيو ويو. امر جليل هي ڪاوش هائڊ پارڪ ۾ خط پڙهي ڏُک جو اظهار ڪيو هو.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو