ڏکڻ ڪوريا جو تعليمي نظام

'مختلف موضوع' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2016۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    نومبر 2003ع ۾ پاڪستان جي ان وقت جي صدر پرويز مشرف ڏکڻ ڪوريا جو دورو ڪيو هو، سندس صدارتي جهاز بيجنگ مان اُڏام لاءِ تيار بيٺو هو صدارتي عملي صدارتي پروٽوڪول تحت ڏکڻ ڪوريا جي انتظاميه کي اطلاع به ڏيئي ڇڏيو هو پر اوچتو صدارتي جهاز کي اڏام کان روڪيو ويو، پورو عملو پريشان ٿي ويو ته اوچتو جهاز کي اُڏام کان ڇو روڪيو ويو آهي، صدارتي مداخلت تي خبر پئي ته ڏکڻ ڪوريا جهاز جي اُڏام روڪرائي آهي اٽڪل هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ڏکڻ ڪوريا انتظاميه جهاز کي اچڻ جي اجازت ڏني، جهاز جڏهن ڏکڻ ڪوريا جي شهر سيول ۾ لٿو ته صدر پرويز مشرف کي مڪمل صدارتي پروٽوڪول ڏنو ويو، پرويز مشرف ڏکڻ ڪورين صدر روح موهيان کي بيجنگ ۾ جهاز جي اُڏام ۾ رڪاوٽ واري بدمزگي جي شڪايت ڪئي ته ڏکڻ ڪوريا جي صدر ان واقعي تي معذرت ڪندي وضاحت ڪئي ته اوهان جي جهاز جو هتي پهچڻ جو وقت ٺيڪ اُهو ٿي رهيو هو جنهن مهل اسان جي ملڪ ۾ امتحان هلي رهيا هئا، اوهان جي جهاز جي گوڙ جي ڪري شاگرد ڊسٽرب ٿي سگهندا هئا تنهن ڪري اوهان کي ڪلاڪ انتظار ڪرائي پوءِ گهرايو آهي ته جيئن اسان جا شاگرد ان پريشاني کان بچي سگهن!!.

    شايد اها ڳالهه حيرت جهڙي هجي ته ڏکڻ ڪوريا ۾ هر سال نومبر ۾ ملڪ جي يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ جڏهن ٽيسٽ ورتي ويندي آهي ته ملڪ جون اڏامون ڪينسل ڪيون وينديون آهن، بينڪ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ مارڪيٽون ليٽ کوليون وينديون آهن جڏهن ته ملڪ جي پوليس هاءِ الرٽ هوندي آهي ته جيئن شاگردن کي امتحاني مرڪز تائين پهچڻ ۾ ڪابه پريشاني نه ٿئي، اٺن ڪلاڪن تائين مسلسل جاري ان ٽيسٽ ۾ ملڪ جا لکين شاگرد شريڪ هوندا آهن ۽ ان ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ اهم هوندي آهي ۽ ٽاپ يونيورسٽي مان تعليم پرائڻ سرڪاري نوڪري جي گارنٽي سمجهي ويندي آهي. ڏکڻ ڪوريا جو تعليمي نظام دنيا جو بهترين تعليمي نظام سمجهيو ويندو آهي، تازو تعليمي معيار تي ڪيل هڪ عالمي سروي جي آيل نتيجا ڏسي سموري دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن، دنيا جي بهترين تعليمي نظامن جو اڀياس ڪندڙ هڪ عالمي تنظيم (PEARSON)پاران دنيا جي تعليمي نظامن تي خواندگي جي شرح، پرائمري اسڪولن ۾ داخلا جي شرح، مڊل اسڪولن ۾ داخلا جي شرح ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان ڪيل اڀياس موجب آمريڪا جو تعليمي نظام دنيا ۾ چوڏهين نمبر تي آهي جڏهن ته2012ع ۾ تعليمي نظام ۾ پهريون نمبر تي رهندڙ فن لينڊ پنجين نمبر تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته جاپان جو تعليمي نظام ٻين نمبر، سنگاپور ٽين نمبر ۽ هانگ ڪانگ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي، اسرائيل 12هين، روس تيرهين نمبر تي جڏهن ته انڊونيشيا چاليهين نمبر تي پهتل آهي، جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا جو تعليمي نظام دنيا ۾ پهرين درجي جو بهترين نظام تسليم ڪيو ويو آهي. هن وقت 6 ڪروڙن جي آبادي تي پهتل ڏکڻ ڪوريا 1948 ۾ جڏهن جاپان کان آزادي حاصل ڪئي ته ملڪ ۾ تعليم جي صورتحال ايڏي بهتر نه هئي، ملڪ جوشمار ايندڙ ڏهه پندرنهن سالن تائين غريب ترين ملڪن ۾ ٿيندو هو ويتر جو ملڪ ٺهندي ئي اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ جنگ لڳي وئي تنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، ملڪ ۾ معدني دولت نه هئڻ برابر آهي ان لاءِ حڪومت نوجوانن کي ئي پنهنجي دولت سمجهي انهن تي سيڙپ ڪري ملڪ جي تعليمي صورتحال کي بهتر ڪرڻ شروع ڪيو، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليمي ادار کلڻ لڳا ۽ آهستي آهستي ملڪ ۾ تعليمي صورتحال بهتر ٿيڻ لڳي ۽ 2016ع جي انگن اکرن موجب ڏکڻ ڪوريا ۾ 99.9 سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن، ملڪ ۾ گرجيوئيشن جو تناسب 97 سيڪڙو آهي جيڪو آمريڪا ۾ 77 سيڪڙو آهي اڄ ڏکڻ ڪوريا جي شاگردن کي آمريڪا ۽ برطانيا جي شاگردن کان به ذهين سمجهيو ويندو آهي. ڏکڻ ڪوريا ۾ معياري سرڪاري اسڪولن هوندي به ٽيوشن سينٽرن جو به عام رواج آهي جن کي مقامي ٻولي ۾ هاگ وون چيو ويندو آهي ۽ حڪومت سرڪاري توڙي غير سرڪاري تعليمي ادارن جي ڀرپور نموني سان مالڪي ڪندي آهي، تازو اهڙي ئي هاگ وون يا ٽيوشن سينٽر ۾ پڙهائيندڙ استاد ڪم ڪي هون جي سالانه 4 ملين ڊالر جي ڪمائي بابت ميڊيا تي آيل خبرون پڻ سڀني جي دلچسپي جو باعث بڻيل رهيون. ڏکڻ ڪوريا جا مائٽ ٻار جي پيدا ٿيڻ شرط ان جي پڙهائي بابت رٿابندي ڪرڻ شروع ڪندا آهن، توڻي جو حڪومت تعليم تي انتهائي گهڻو خرچ ڪندي آهي پر پوءِ به والدين هر سال ٻارن جي پڙهائي تي هزارين ڊالر خرچ ڪندا آهن، ڏکڻ ڪوريا پنهنجي ڪُل ملڪي آمدني جو وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪندو آهي اها رقم اٽڪل 11.3 بلين ڊالر بڻجي ٿي، ان رقم جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان 2015ع ۾ 43 کرب جو بجيٽ پيش ڪيو هو جيڪواٽڪل 40 بلين ڊالر ٿئي ٿو، جنهن جو چوٿون حصو ڏکڻ ڪوريا تعليم تي خرچ ڪري رهيو آهي. ان کان علاوهه ڏکڻ ڪوريا جي آزادي واري وقت کان ئي تعليم تي حد کان وڌيڪ توجه ڏني وئي آهي، ان جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڏکڻ ڪوريا ۾ اسڪول جو وقت صبح اٺ کان شام پنج وڳي تائين مقرر ڪيل آهي، ٻار ايڏو وڏو وقت اسڪول ۾ گذارڻ کان پوءِ به ٽيوشن وٺندا آهن عام طور تي ڪورين ٻار اڌ رات جو ئي گهر موٽندو آهي، 1994ع کان حڪومت هفتيوار موڪلن جو نظام به تبديل ڪري هر پندرنهن ڏينهن کان پوءِ موڪل جو نظام بڻايو ته جيئن ٻار وڌ کان وڌ تعليم پرائي سگهن. ڏکڻ ڪوريا جو تعليمي نظام آسان ۽ سادو پر وقت جو پابند آهي، هتي جي شروعاتي پرائمري تعليم جو نظام جرمن فلاسفر ۽ ماهر تعليم فيڊرڪ فروبل پاران پيش ڪيل ڪڊز گارڊن (Kids Garden) طريقي تي ٻڌل آهي، والدين جو ٻارن کي شروعاتي تعليم گهر ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر ڇهن سالن جي عمر ۾ ٻار کي هر حال ۾ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرائڻو پوندو آهي، جتي ٻار کي ڪورين، انگريزي، رياضي، اخلاقي تعليم، موسيقي، سائنس ۽ سماجي اڀياس سان گڏ فزيڪل تعليم به ڏني ويندي آهي ۽ گهڻو ڪري اهو سمورو ڪم هڪ ئي استاد حوالي هوندو آهي پرائمري سطع تي ڪجهه والدين انگريزي بهتر ڪرڻ لاءِ ٻار کي ٽيوشن سينٽر به موڪليندا آهن. پنجن سالن جي پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ٻار مڊل اسڪولن ۾ پڙهندا آهن جتي کين سخت ڊسيپلين ۽ ماهر استادن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، هتي هر سبجيڪٽ جا ماهر استاد هوندا آهن، ٽي سال مڊل ۾ پڙهڻ کان پوءِ اٽڪل 25 سيڪڙو ٻار هنري سکيا گهرن جو رُخ ڪندا آهن جتي ٽن سالن جي عرصي ۾ کين زراعت، واپار، ماهيگيري، گهريلو صنعتن ۽ ٽيڪنالاجي بابت تعليم ڏني ويندي آهي، باقي ٻارن کي قرعه اندازي تحت مختلف سيڪنڊري ادارن ۾ داخلا ملندي آهي جتي هر ٻار کي هڪجهڙا موقعا ملندا آهن، هاءِ اسڪول جي ٽن سالن جي پڙهائي ۾ ٻار مختلف ٻولين ۾ سائنس ۽ آرٽ جا سبجيڪٽ پڙهندو آهي جن جو معيار انتهائي بلند هوندو آهي، هاءِ اسڪول مان فارغ ٿيڻ بعد سمورا شاگرد College Scholastic Ability Test ڏيندا آهن اها ٽيسٽ سائنس، انگريزي، ڪورين، رياضي، سماجي اڀياس، فزيڪل سائنس جهڙن مضمونن مان ورتي ويندي آهي ۽ ٽيسٽ جو معيار انتهائي بلند رکيو ويندو آهي، هن ٽيسٽ ۾ ملڪ جو هر شعبو ۽ فرد جڙيل هوندو آهي.

    ڏکڻ ڪوريا ۾ تعليم جي ترقي جي ڪري اڄ ڏکڻ ڪوريا ترقي جو منزلون طئي ڪري رهيو آهي، ڏکڻ ڪوريا جي گادي جو هنڌ سيول اڄ دنيا جو وڏو ڪاروباري شهر تصور ڪيو ويندو آهي، 2007ع ۾ سيول کي دنيا جو ٽيو نمبر ۽ ايشيا جو پهريون نمبر مهانگو شهر قرار ڏنو ويو، دنيا جي وڏين ڪمپنين ايل جي، سام سنگ ۽ هيونڊائي جا مرڪز به سيول ۾ آهن، شهر ۾ ڏوهه نه هئڻ برابر آهن ۽ ٻن ڪروڙن کان به وڌيڪ آبادي واري هن شهر کي ايشيا جي پرامن ترين شهرن ۾ ڳڻيو ويندو آهي،ڏکڻ ڪوريا جي گريجيوئيٽس جي دنيا ۾ وڏي گهرج آهي، يورپ جا سمورا ملڪ ڏکڻ ڪوريا جي نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ ۾ اڳرا آهن، ڏکڻ ڪوريا ۾ سخت محنت وارو ڪم، مهانگائي، ٿوري پگهار واريون نوڪريون ۽ حڪومتي پابندين جي ڪري نوجوانن جو هڪ وڏو اننگ يورپ جو رُخ ڪندو آهي جتي انهن کي آساني سان نوڪريون ملي وينديون آهن، ڏکڻ ڪوريا جا شهري توڙي رياست ملڪ جي واحد وڏي صنعت تعليم کي ڀرپور نموني هٿي وٺرائي رهيا آهن، ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت توڙي عوام تعليم کي ڪاروبار سمجهي ان ۾ سيڙپ ڪري رهي آهي، گڏوگڏ اتي جي عوام توڙي رياست تعليم کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسندي آهي ڏکڻ ڪوريا جي عام چوڻي آهي ته ”استاد خدا جيترو عظيم آهي“، ڏکڻ ڪوريا ۾ استاد 65 ورهين جي ڄمار ۾ رٽائر ٿيندو آهي ۽ جيئن جيئن استاد سينئر ٿيندو ويندو آهي ان جي قدر ۽ احترام ۾ اضافو ٿيندو ويندو آهي کيس ملندڙ پگهار ۽ ٻين سهولتن ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي پر نظام بهتر هلائڻ لاءِ ڪوريا جي تعليم کاتي جو اصول آهي ته ڪوبه استاد هڪ اسڪول تي پنجن سالن کان وڌيڪ نٿو رهي سگهي، هر پنجين سال اسڪول جو سمورو اسٽاف بدلي ڪيو ويندو آهي جنهن سان استادن جو ان اسڪول سان واسطو فقط ڊيوٽي ڪرڻ جي حد جيترو رهندو آهي، اسڪولن جي قاعدن موجب اسڪول جي صفائي جو خيال شاگردن کي رکڻو هوندو آهي جڏهن ته شاگردن تي اسڪولن ۾ گهريلو چپل پائي اچڻ تي به پابندي هوندي آهي، اسڪول توڙي ٽيوشن سينٽرن ۾ اسڪول سليپر الڳ رکيل هوندا آهن ۽ شاگرد اُها جُتي پائي ڪلاس ۾ داخل ٿي سگهندو آهي. اوهان کي شايد حيرت لڳي ته ڏکڻ ڪوريا جي اسڪولن ۾ جسماني تشدد جي اڄ به اجازت آهي، استاد جتي ضروري سمجهي اُتي ٻار کي سزا ڏيئي سگهي ٿو. توڻي جو ڏکڻ ڪوريا ۾ تعليم ڀرپور نموني سان ترقي ڪري رهي آهي پر ٻارن تي مسلسل پڙهائي جو دٻاءُ هجڻ جي ڪري ٻار جسماني توڙي نفسياتي طور تي پريشاني جو شڪار آهن، والدين جي دٻاءُ سبب ڪورين ٻار هر وقت پڙهائي ۾ مشغول رهندا آهن ۽ انهن کي راند روند جو ڪوبه موقعو نٿو ملي ٻي طرف تعليم جي ميدان ۾ شديد مقابلا پڻ شروع ٿي چُڪا آهن جنهن جي ڪري خطرناڪ نتيجا پڻ اچي رهيا آهن ماهرن موجب ڪورين ٻارن والدين جي دٻاءُ جي ڪري انتهائي وڏي نفسياتي پريشر کي منهن ڏيئي رهيا هوندا آهن ۽ مسلسل محنت کان پوءِ به گهربل نتيجا نه ملڻ تي مايوس ٿي نوجوان خودڪشي ڏانهن مائل ٿيندا آهن ان لاءِ نوجوانن تان دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ والدين ٻارن کي راند روند جو به وقت ضرور ڏين ماهرن جو ڪورين حڪومت مٿان به دٻاءُ آهي ته ساليانو 20 ارب ڊالر ڪمائيندڙ خانگي ٽيوشن سينٽرن کي محدود ڪري سرڪاري ادارن جي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪري ٻارن کي ڪجهه واندڪائي جو وقت به ڏيڻ گهرجي.
    [​IMG]
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ها ادا تڏهن ته اهي ملڪ سڪون سان گهارين پيا ۽ انهن ملڪن ۾ ڪا به افراتفري ڪانهي
     
    شبير ساگر هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    تعليم جي سٺي معيار سبب ئي اهي اڄ ترقي جي راه تي گامزن آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو