خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / ڇنڇر 14 مئي 2016 / محمد خان سيال

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2016۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * نيب ڪرپشن کي ڏوهه سمجھڻ ڇڏي ڏنو آهي: سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس(خبر)
    * * نيب سان گڏ، سنڌ سرڪار به ڪرپشن کي ڏوهه سمجھڻ ڇڏي ڏنو آهي (تبصرو)

    * اپوزيشن جي سوالن جا جواب ڪونه ڏيندس: وزيراعظم نواز شريف (خبر)
    * * ويچارو وزيراعظم!.. سوالن جا جواب ايندس ڪونه، ته ڏيندو ڪٿان؟ (تبصرو)

    * ٿر ۾ عورتون 2 ورهين ۾ 3 ٻار ڄڻن ٿيون: سنڌ جو سيڪريٽري صحت (خبر)
    * *ڪوڙ ڳالهائيندي، اوهان کي ٿورو شرم اچڻ گھرجي! (تبصرو)

    * پوسٽ آفيس ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جا 6 عهديدار نيب هٿان گرفتار(خبر)
    * *ڪجهه ماڻهن سوسائٽين کي پنهنجي بابي جي جاگير سمجھندا آهن (تبصرو)

    * سنڌ ۾ 20 هزار پوليس اهلڪار ڀرتي ٿيندا (خبر)
    * * اخباري بيانن ۾ ميرٽ پر عملي طرح سفارشن ۽ ڏوڪڙن تي ڀرتيون ٿينديون (تبصرو)

    * مون استعيفا ڏني هئي، هاڻ نواز شريف جو وارو آهي: يوسف رضا گيلاني (خبر)
    * * پنجاب جو وزيراعظم نواز شريف شرافت سان استعيفا ڪونه ڏيندو، لکي وٺو (تبصرو)

    * سعودي عرب سان معاھدو نه ٿيو، ايراني حج ڪري نه سگھندا (خبر)
    * * سڀ مسلمان سڪون سان حج ڪن ٿا، ايرانين کي اجايو ضد نه ڪرڻ گھرجي(تبصرو)

    * مورن کي ٽُڪا هڻڻ لاءِ ٽيمون ٿر پهچي ويون (خبر)
    * * سوين مورن جي مرڻ کانپوءِ، قائم علي شاهه وانگيان هاڻ جاڳيا آهيو (تبصرو)

    * مٺي: هرڻ ماريندڙ 3 اسيمبلي ميمبر 6 لک ڏنڊ ڀري آجا (خبر)
    * * هجي ها ڪو غريب غربو ته جيل ۾ سڙندو رهي ها (تبصرو)

    * گمبٽ ۾ پرائمري اسڪول کي 30 ورهين کان عمارت ڪونه ملي (خبر)
    * * قائم علي شاهه سرڪار جون سنڌ جي تعليم لاءِ “شاندار خدمتون” (تبصرو)

    * ڪوٽڙي اسپتال ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن، سول جج جو ڇاپو (خبر)
    * * ڀلا زرداريءَ جي دور ۾ ڪو ڳوٺ يا شهر ڪرپشن کان آجو به آهي يا نه؟ (تبصرو)

    * ڪُوئا پارليامينٽ لائونجز ۾ پهچي ويا، اسيمبلي ميمبرن کي چڪ پاتائون (خبر)
    ** ڪوئن ڪنهن ”بين الاقوامي“ سازش هيٺ ائين ڪيو هوندو آهي (تبصرو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو