سنڌ کي سڪائڻ لاءِ ”مٿيان“ ڪهڙي منصوبا بندي پيا ڪن؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ کي سڪائڻ لاءِ ”مٿيان“ ڪهڙي منصوبا بندي پيا ڪن؟​


    محمد ادريس راجپوت



    تازو گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي تناظر ۾ صدر آصف علي زرداري 14000 ڪيوسڪ پاڻي کڻندڙ تونسا-پنجند لنڪ ڪئنال جو وهڪرو 11000 ڪيوسڪ کان گهٽائي 3000 ڪيوسڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن سنڌ ۾ 40،000 ڪيوسڪ گهٽجندڙ پاڻي جي کوٽ ڪجهه گهٽجي سگهي. ياد رهي ته چشما-جهلم لنڪ ڪئنال اڳ ئي بند آهي، سنڌ-طاس منصوبي جي نتيجي ۾ ٺهندڙ چشما-جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا-پنجند لنڪ سڀني ٺهندڙ اڏاوتن جي مقابلي ۾ وڌيڪ خطرناڪ آهن، جو اهي سنڌ جو پاڻي انهيءَ وقت ۾ به معاون درياهن جي ايراضي مان کڻي وڃن ٿا، جڏهن سنڌو درياهه تي رکيل ايراضين لاءِ پاڻي پورو نه هوندو آهي. انهن ٻنهي لنڪ ڪئنالن جي ٺهڻ کان وٺي انهن جي هلائڻ تي جهيڙو رهيو. چشما-جهلم لنڪ نه هلايو ويندو. انهيءَ تي شروع ۾ صحيح عمل ٿيو، پر ضياءُ الحق واري فوجي حڪومت ۾ جڏهن پنجاب جو گورنر جيلاني هو ته انهيءَ ٺاهه تي عمل نه ڪيو. انهيءَ کانپوءِ به ڪيترا ڀيرا انهيءَ ٺاهه جي ڀڃڪڙي ٿي، پر سنڌ جي اعتراضن کي بند ڪرايو ويو. 1991ع واري پاڻي ٺاهه ٿيڻ کانپوءِ اها صورتحال ڪجهه ائين متي ته پنجاب وارا تربيلا ڊيم مان پنهنجي حصي جو پاڻي انهن لنڪ ڪئنالن ذريعي کڻي سگهن ٿا، پر ٿيو ائين آهي ته جڏهن منگلا ڊيم ۾ پاڻي ڀريل هوندو آهي، تڏهن به اهي لنڪ ڪئنال هلايا وڃن ٿا. ٿيڻ ته ائين کپي ته جڏهن منگلا ڊيم ۾ پاڻي موجود هجي ته معاون درياهن جي ايراضين لاءِ منگلا ڊيم مان پاڻي کڻڻ کپي، نه ڪي سنڌو درياهه مان لنڪ ڪينالن ذريعي پاڻي نيو وڃي. خاص طرح انهيءَ وقت ۾ جڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هجي. اسان جي پاڻي ماهرن انهن جي ٺاهڻ ۽ هلائڻ تي سخت اعتراض ڪيا آهن. انهن مان ٻن ماهرن جناب عبدالوهاب شيخ ۽ جناب اي اين جي عباسي جي رپورٽن مان ڪجهه ٽڪرا ڏجن ٿا. عبدالوهاب شيخ صاحب 1970ع ۾ فضل اڪبر ڪاميٽي سامهون انهن بابت هن ريت ڳالهايو.



    The prosperity of Sindh is closely linked with Indus and it is apparently due to this reason, that Sindh is so sensitive, if anyone interferes with the Indus River. Indus water in the body of Sindh is considered as vital as blood is for a human body. So long the Indus was not interferes with, Sindh remained in healthy growth. Unfortunately two thick leeches (Indus links) were stuck very recently to the body of Indus when Sindh was not aware of them. Again the deterioration in the health of Sindh depends upon the sucking programme of these leeches. There is every danger that, if they suck too much, Sindh is liable to be turned in to a desert specially when these links are beyond the boundary of sindh, beyond its control of operation and even observation, very recently when we were short of water, the Taunsa-Panjand link was opened and the water was transferred from the Indus to the Tributary Zone and the water was transferred from the Indus to the Tributary Zone without regard to our historic rights of even basic allocations just to meet certain higher level of uses of the Punjab canals. It is mainly due to this reason that Sindh considers any misdirected or without effective control, operation of Indus links, so hazardous for its very survival.

    [​IMG]

    ترجمو: ”سنڌ جي خوشحالي سنڌو درياهه سان ڳنڍيل آهي. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن به ڪو سنڌو درياهه سان هٿ چراند ڪري ٿو، سنڌ انهيءَ بابت تمام حساس هجي ٿي. سنڌ جي بت ۾ سنڌو درياهه جو پاڻي انساني جسم ۾ رهندڙ رت وانگر آهي، جيستائين سنڌو سان هٿ چراند نه ڪئي وئي سنڌ ۾ صحتمند ترقي ٿيندي رهي. بدقسمتي سان تازو ٻه ٿلهيون ڄئونرون سنڌو جي بت ۾ هنيون ويون ۽ سنڌ وارن کي انهن بابت نه ٻڌايو ويو. سنڌ وارن جي ڪرندڙ صحت جو مدار انهيءَ تي آهي ته انهن ڄئونرن جي رت چوسڻ جي نيت ڪهڙي آهي. جيڪڏهن اهي تمام گهڻو رت چوسن ٿيون ته سنڌ جي رڻ ٿيڻ جو خطرو آهي، ڇو ته اهي سنڌ جي حدن کان ٻاهر آهن ۽ سنڌ وارن کي انهن جي هلائڻ تي ڪو ڪنٽرول ڪونهي. تازو جڏهن اسان وٽ پاڻي جي کوٽ هئي ته تونسا-پنجند لنڪ ڪئنال کوليو ويو ۽ سنڌو مان پاڻي معاون درياهن جي ايراضين ۾ نيو ويو. انهيءَ ۾ اسان جي تاريخي حقن ۽ منظور ٿيل پاڻي جو به خيال نه رکيو ويو ۽ پنجاب کي گهرجن کان مٿي پاڻي ڏنو وڃي، اهو ئي سبب آهي ته سنڌ انهن جي غلط استعمال ۽ صحيح ڪنٽرول بنا استعمال کي پنهنجي بقا ۽ جياپي لاءِ خطرناڪ سمجهي ٿي.“

    فني ڪاميٽي جو چيئرمين جناب اي اين جي عباسي پنهنجي رپورٽ ۾ چوي ٿو ته اهي لنڪ ڪئنال صحيح نٿا هلايا وڃن ۽ انهن کي هلائڻ لاءِ هيٺين رهنما اصولن تي عمل ڪرڻ کپي:

    · ڪنهن به ڏهاڪي ۾ سنڌو جو پاڻي چشما-جهلم ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪئنالن ذريعي معاون درياهن جي هيٺين ايراضي لاءِ انهيءَ وقت تائين نه نيو وڃي، جيسين سنڌو تي رکيل پاڻيءَ جي گهرج عام مفادن واري ڪائونسل جي منظور ٿيل ڏهاڪن واري ورهاست مطابق پوري نه ٿئي.

    · عام حالتن ۾ خريف جي مند ۾ سنڌو مان چشما جهلم ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪئنالن ذريعي سنڌو جو پاڻي معاون درياهن جي هيٺين ايراضين لاءِ کڻي وڃڻ جي ضرورت ڪونهي، ڇو ته جهلم ۽ چناب درياهن ۾ انهيءَ وقت ۾ گهڻو ڪري ڪافي پاڻي هوندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن ڏهاڪي ۾ معاون درياهن جي هيٺين ايراضي لاءِ جهلم ۽ چناب دريائن ۽ منگلا ڊيم سوڌو پاڻي گهٽ هجي ته سنڌو مان چشما-جهلم ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪئنالن ذريعي تڏهن پاڻي کڻي وڃي سگهجي ٿو، جڏهن سنڌو سان سڌو نڪرندڙ واهن جي ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪي واري گهرج پوري ٿي چڪي هجي.

    · منگلا ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ واري عرصي ۾ سنڌو مان چشما-جهلم ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪئنالن ذريعي معاون درياهن جي هيٺين ايراضي لاءِ پاڻي نه نيو وڃي.

    · چشما-جهلم ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪئنال بين الصوبائي واهه آهن ۽ انهن کي انهيءَ نموني هلايو وڃي ۽ رڳو هڪڙي صوبي جي انڊينٽ جي بنياد تي نه هلايو وڃي.

    سنڌ وارن جي مٿين سوچ جي ڀيٽ ۾ ”مٿيان“ سمجهن ٿا ته سنڌ-طاس معاهدي سبب ئي اڀرندا درياهه هندستان ڏي هليا ويا، تنهن ڪري انهن جو حق آهي ته انهن ٽن ويل درياهن تي آباد ٿيندڙ ايراضي کي هو سنڌو جي پاڻي سان فل آباد ڪن، ۽ اهو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن هو لنڪ ڪئنالن کي سدائين هلائين. انهيءَ جو جواز پيدا ڪرڻ لاءِ هو بهانا ٿا ڳولين. ڪجهه سال اڳي ”مٿين“ جي چوڻ تي واپڊا وارن چشما-جهلم لنڪ جي ٽيل تي هڪ بجلي گهر ٺاهڻ جو منصوبو ڏنو. جتي چشما- جهلم لنڪ ڪئنال جهلم درياهه ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، اتي انهيءَ جي پاڻي جي ليول جهلم درياهه ۾ بيٺل پاڻي جي ليول کان 45 فوٽ مٿي آهي. جتي فال کي استعمال ڪري بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. بجلي ته پيدا ڪري سگهجي ٿي، پر تڏهن جڏهن اتي سڄو سال پاڻي اچي. يعني چشما-جهلم لنڪ سدائين وهايو وڃي. پر چشما-جهلم لنڪ هڪ سدا واهه ناهي ۽ اهو تڏهن ئي وهي سگهي ٿو، جڏهن معاون درياهه وارين ايراضين ۾ کوٽ هجي ۽ سنڌو ۾ واڌو پاڻي هجي، تنهن ڪري چشما-جهلم لنڪ ڪئنال سدائين نٿو وهائي سگهجي، پوءِ بجلي گهر ڪڏهن ڪڏهن پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ڪيئن اقتصادي ۽ مالي طرح فائدي وارو ٿي سگهي ٿو. انهيءَ سبب ڪري واپڊا وارن جو بجلي گهر هڻڻ وارو منصوبو ارسا ۽ سنڌ سرڪار جي مخالفت جي ڪري ڪامياب نه ٿي سگهيو.

    هاڻي ”مٿين“ هڪ پرائيوٽ بجلي پيدا ڪندڙ ايجنسي، جنهن کي انگريزي ۾ Independent Power Produce يا IPP چئجي ٿو، تنهن کي تيار ڪيو آهي ته اهي چشما-جهلم لنڪ ڪئنال جي ٽيل يعني پڇڙي تي بجلي گهر هڻن. (ڏسو نقشو). چشما جهلم هيڊرو (پرائيوٽ) لميٽيڊ نالي هڪ ڪمپني BOOT بنياد تي بجلي گهر هڻڻ جو پروگرام ٺاهيو. BOOT مخفف آهي، Build يعني ٺاهڻ، Operate يعني هلائڻ، Own يعني مالڪ ٿيڻ ۽ Transfer يعني ڏيڻ جو. اهي اتي بجلي پيدا ڪري فيصل آباد اليڪٽرڪ پاور ڪمپني کي وڪڻندا. اهو بجلي گهر پنجاب جي خوشاب ضلعي ۾ هوندو. منصوبي جا تفصيل ڪجهه هن ريت آهن، بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 44.331 ميگاواٽ، چشما-جهلم لنڪ ڪينال جو پاڻي استعمال ڪندا، 11292 ڪيوسڪ، جنهن جي وڌ ۾ گنجائش 22000 ڪيوسڪ آهي. اتي 14.777 ميگاواٽ جون ٽي ٽربائنون هڻندا. منصوبي تي ڪل خرچ 8.729 ڪروڙ آمريڪي ڊالرز ايندو. منصوبو 30 جون سال 2014ع ۾ پورو ڪيو ويندو.

    ڪنهن به IPP کي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ نيپرا کان منظوري وٺڻي هوندي آهي. هن نيپرا کي بجلي پيدا ڪرڻ جو لائسنس ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. نيپرا پنهنجن قاعدن مطابق ماڻهن جا اعتراض ٻڌڻ لاءِ اخبارن ۾ نوٽيس ڏنا آهن، جيڪي انگريزي اخبار ڊان ۾ 20 جون 2009ع تي ڇپيا آهن. انهن ۾ چيو ويو آهي ته، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو يا ڌر کي انهيءَ باري ۾ ڪو اعتراض هجي ته نيپرا جي رجسٽرار کي اخبار ۾ ڇپجڻ جي تاريخ جي 14 ڏينهن اندر لکي موڪلي. اخبار ۾ ڏنل نوٽيس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها ڪمپني لاهور ۾ فورٽريس اسٽيڊيم ۾ آهي.

    ٻين کي اعتراض هجي نه هجي، سڀني کان وڌيڪ اعتراض سنڌ کي هجڻ کپي، جو اهو بجلي گهر ٺهڻ ڪري سنڌ جي پاڻي تي اثر پوندو. چشما-جهلم لنڪ جي ڊيزائين گنجائش 22000 ڪيوسڪ آهي. انهيءَ جي آر ڊي 180 تي گريٽر ٿل ڪئنال جو منهن 15000 ڪيوسڪ لاءِ ٺهيل آهي. هينئر گريٽر ٿل ڪئنال 8500 ڪيوسڪ لاءِ ٺاهيو پيو وڃي، جيڪو خريف لاءِ ٺاهجي رهيو آهي. بجلي گهر 11292 ڪيوسڪ لاءِ ڊيزائين ڪيو پيو وڃي، ٻئي ملايون ته ٿين ٿا اٽڪل ويهه هزار ڪيوسڪ. بجلي گهر، هلائڻ لاءِ سڄو سال پاڻي ڏيڻو پوندو پر خريف ۾ گريٽر ٿل ڪئنال ۽ بجلي گهر هلڻ ڪري چشما-جهلم لنڪ ڪينال فل هلندو. آڳاٽي خريف ۾ جڏهن درياهن ۾ وهڪرا گهٽ ٿا ٿين ۽ سنڌ ۾ گهڻو ڪري کوٽ رهي ٿي، ان وقت جيڪڏهن بجلي گهر هليو ته سنڌ جي کوٽ وڌندي. هينئر جڏهن بجلي گهر ٺهيل ناهي ۽ گريٽر ٿل ڪئنال به اڃا پاڻي نٿو کڻي ته به چشما جهلم لنڪ ڪئنال بند هو ۽ تونسا-پنجند ڪئنال صدر پاڪستان ذري گهٽ بند ڪرائي ڇڏيو آهي. جڏهن اها صورتحال اڳتي ٿيندي ته بجلي گهر ڪيئن هلندو ۽ جيڪڏهن هلندو ته سنڌ جي حالت ڇا ٿيندي. سنڌ وارن کي اهو بجلي گهر ڪنهن به حالت ۾ ٺهڻ نه ڏيڻ کپي. منهنجي سنڌ جي چيف منسٽر، وزير آبپاشي ۽ واسطيدار ڪامورن کي پرزور اپيل آهي ته رجسٽرار نيپرا کي سخت اعتراض 14 ڏينهن اندر يعني 4 جولاءِ کان اڳ لکي موڪلين ۽ وفاقي سرڪار تي به زور ڀرين تي انهيءَ منصوبي کي ختم ڪري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو