خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / جمعو 20 مئي 2016 / محمد خان سيال

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2016۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * ڪراچيءَ ۾ 66 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو، انچ به ڦٻائڻ نه ڏينداسون: وڏو وزير(خبر)
    * * سرڪاري زمين تي قبضو ٿيو هوته ان وقت قائم علي شاه ننڊ ۾ غرق هو ڇا؟ (تبصرو)

    * پ پ پ آزاد صحافت تي ويساهه رکي ٿي: وڏو وزير سيد قائم علي شاهه (خبر)
    * * ”آزاد صحافت“ يا ”آزاد ڪرپشن؟“ تي؟ (تبصرو)

    * آبپاشي ملازمن ۽ سيڪريٽريءَ ۾ ڳالهيون ڪامياب (خبر)
    * * خيال ڪجو متان سيڪريٽري آبپاشي اڳتي هلي پنهنجي وعدي تان ڦري نه وڃي (تبصرو)

    * ٿر ۾ پ پ پ 65 مان 53 خاص سيٽون کٽيون (خبر)
    * * ڏاهپ ۽ عقل کان وانجھي بدتميز ڊاڪٽر ارباب رحيم کي سخت صدمو (تبصرو)

    * ننگر پارڪر جون 500 سهڻيون ”سگھري“ جھرڪيون حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪرو(خبر)
    * * رنگارنگي آنا لاهيندڙ ٿر جي سهڻين جھرڪين تي ايڏو ظلم! (تبصرو)

    * مٽياريءَ ۾ هر طرف گندگي، وک وک تي گاڏين جا اسٽاپ، روڊ تباهه ۽ شهر کنڊر(خبر)
    * * زرداريءَ جي راڄ ۾ ساري سنڌ جا ننڍا وڏا شهر ”مٽياري“ بڻيل آهن (تبصرو)

    * صوفي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي سفارش تي مقرري (خبر)
    * * هيڏا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾....!! (تبصرو)

    * وزيراعظم جا پٽ، ٽيڪس نه ٿا ڏين ته کانئن پاسپورٽ واپس وٺو: خورشيد شاهه (خبر)
    ** ۽ فرار ٿيل زرداري ملڪ نه موٽي ته ان کان به پاسپورٽ واپس وٺو (تبصرو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو