گوگل هن سال,I/O ڪانفرنس ۾ ڪهڙا نوان اعلان ڪيا؟توهان به ڄاڻي وٺو.

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ فاروق سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2016۔

  1. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    هر سال جيان هن سال به گوگل پنهنجي سالياني I/O ڪانفرنس ۾ نوان نوان پروجيڪٽ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي,انهن پروجيڪٽن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو.
    Project Jecquard
    هن جو مقصد ڪپڙن ۽ حرڪتن جي مدد سان سمارٽ ڊوائيسن کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي.
    سمارٽ جيڪٽ هڪ جينز جيڪٽ آهي،جنهن کي خاص ڪري سائيڪل سوارن لاءِ ٺاهيو ويو آهي.هن جيڪٽ ۾ ٻانهن جي ڪفن ۾ ٽچ سينسرز لڳايا ويا آهن،جنهن جي ذريعي سائيڪل سوار ڪال وصول ڪري سگهن ٿا،ڪال رجيڪٽ ڪري سگهن ٿا،ميوزڪ ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا،نيوگيشن کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا.
    گوگل هن پروجيڪٽ کي مشهور جينز ٺاهيندڙ ڪمپني ليوي ۽ ايڊوانس ٽيڪنالاجي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.جنهن تي ڪم ڪري رهيا آهن.هن پراڊڪٽ جي باقاعده شروعات 2017 ۾ ٿي ويندي.


    Google Ara consumer Phone
    هن پراجيڪٽ جي تحت گوگل اهڙا ماڊيولر فون ٺاهيندي جنهن تحت فون جا هارڊوئير تبديل ڪري سگهبا يعني صارفين جڏهن به ڇاهي فون جو پروسيسر،اسٽوريج،ڪئميرا وغيره تبديل ڪري سگهي ٿو.گوگل آرا فون لاءِ الڳ هارڊويئر اسٽور به ٺاهيندي جتي آرا فون لاءِ هارڊويئر وڪري لاءِ پيش ڪيا ويندا.
    آرا ماڊيولر فون باقاعده وڪري لاءِ 2017 ۾ پيش ڪيا ويندا.

    [​IMG]

    Google Home
    هي هڪ ننڍو اسپيڪر آهي جنهن کي ڀت سان لڳائي ڪري پوري ڪمري جي ڪمانڊ ڏئي سگهو ٿا،گوگل جي جديد وائس اسسٽنٽ ٽيڪنالاجي سان ليس هي اسپيڪر اسسٽنٽ سوالن جا جواب ڏئي سگهي ٿو،ميوزڪ کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو،۽ ٻين اوزارن کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو.
    گوگل هن هوم اسپيڪر کي ڪڏهن مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائيندي اهو اڃا ناهي ٻڌايو.

    [​IMG]
    Android N 7.0
    گوگل ائنڊروئيد جو نئون ورزن ائنڊروئيد اين متعارف ڪرائيندي،نئين ورزن جا 2 پرويو جاري ڪيا ويا آهن.هن نئين ورزن کي هن سال جي سيپٽمبر يا نومبر ۾ متعارف ڪرايو ويندو
    Allow and Duo​
    ايلو هڪ چيٽ ميسيجنگ اپليڪيشن آهي،هي اپليڪيشن توهان جي فون نمبر جي بنياد تي ڪم ڪندي يعني توهان کي سائن اپ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.هن نئين چيٽ اپليڪيشن ۾ سمارٽ ريپلائي جو فيچر شامل آهي.اينڊ ٽو انڪريپشن جو فيچر به آهي ان کان علاوه هن اپليڪيشن تي توهان کي.طئي ڪرڻو پوندو ته ميسيج ڪيتري دير تائين هجي.ٻيا به کوڙ فيچر شامل آهن.هي اپليڪيشن ائنڊروئيد ۽ آئي او ايس پليٽ فارمن لاءِ ٺاهيو ويو آهي.هي اپليڪيشن جلد پلي اسٽور تي ڊائونلوڊ لاءِ موجود هوندي.
    Google Duo
    هي اسڪائپ وانگر ويڊيو ڪال لاءِ اپليڪيشن آهي،هن نئين ويڊيو.چيٽ اپليڪيشن ۾ اينڊ ٽو انڪريپشن جو فيچر به شامل آهي جنهن سان توهان جو ويڊيوز ڪال محفوظ رهنديون.هي اپليڪيشن سست رفتار انٽرنيٽ تي به ڪم ڪندي.هي اپليڪيشن ائنڊروئيد ۽ آئي او ايس لاءِ ٺاهي وئي آهي.جلد هي ويڊيو اپليڪيشن ڊائونلوڊ لاءِ حاضر هوندي.

    [​IMG]
    Google Assistant
    هي هڪ اهڙي ڊوائيس آهي جنهن سان توهان جي زندگي کي تبديل ڪري ڇڏيندي.
    هي ڊوائيس توهان آن رهي ڪري ان ڊوائيس جي ذريعي سوالن جا جواب وٺي سگهو ٿا.گوگل تي سرچنگ دوران توهان جي مدد ڪري سگهي تو.گوگل مطابق هي ڊوائيس پنهنجن ٺاهيل ڊوائيسن يعني هوم،ائنڊروئيد،ڪروم ڪيسٽ وغيره ۾ شامل ڪندي.


    [​IMG]

     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    نعرئي گوگل..
    جيئي گوگل..
    گوگل خان
    زنده باد..
    جيئي جيئي
    گوگل جيئي


    پاڻ اهو ئي ڪري سگهون ٿا گوگل کي داد ڏيڻ لا..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    دنيا ترقيءَ جون معراجون پئي طئه ڪري
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو