خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / سومر 23 مئي 2016 / محمد خان سيال

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2016۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * فوج ملڪ سنڀالي ته ڪهڙو ڏوهه ٿي پوندو؟ پير پڳارو(خبر)
    * * نيٺ پير پڳاري پنهنجي اصل ايجنڊا ظاهر ڪري وڌي..!! (تبصرو)

    *جيڪي ظلم ٿيا، سي لکندا رهو، حساب ورتو ويندو: صدرالدين شاهه (خبر)
    * * پهريان ٻڌايو ته اوورسيز وزير جي حيثيت ۾ اوهان سنڌي ٻاهر ڇو ڪونه موڪليا آهن؟ (تبصرو)

    * پ پ پ وارن سنڌ کي مال غنيمت سمجھي لُٽيو آهي: ذوالفقار مرزا (خبر)
    * * سچا آهيو پر سنڌ کي لُٽيندڙن سان اوهان ڪيترا ورهيه ڀاڱي ڀائيوار به رهيا آهيو(تبصرو)

    *مان سنڌ جي حقن لاءِ جي ڊي ايَ ۾ شامل ٿيو آهيان: مرتضى جتوئي (خبر)
    * * نواز شريف جو بي اختيار وزير، سنڌ جي حقن لاءِ ڪهڙا ڦاڙها ماريندو؟ (تبصرو)

    * پ پ پ 8 ورهين ۾ سنڌين کي تباهه ڪيو آهي: اياز لطيف پليجو(خبر)
    * * درست پر اوهان به بلوچ گينگوار سان ملي 60 کان مٿي سنڌي ڪڇي شهيد ڪرايا هئا(تبصرو)

    * مشرف، ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ ٻاهر ويو آهي: پير پڳارو(خبر)
    * * سنڌين سان نسلي متڀيد رکندڙ جنرل (ر) مشرف سان ايڏي همدردي!! (تبصرو)

    *سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي: پير پڳارو (خبر)
    * * جيڪا پ پ پ جي بدتر حڪومت کان به وڌيڪ بڇڙي هوندي (تبصرو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو