خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / اڱارو 24 مئي 2016 / محمد خان سيال

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2016۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * ڪالاباغ ڊيم جھڙين رٿائن تي اڀياس ڪرايون پيا: چيئرمن واپڊا ظفر محمود (خبر)
    * * ته جيئن بدنام واپڊا، پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌين جو خون چوسي سگھي (تبصرو)

    * وزيراعظم جي استعيفا کانسواءِ ٻيو ڪهڙو رستو آهي؟ مولابخش چانڊيو (خبر)
    * *مولوُ ڄٽ! سنڌ اندر قائم علي شاهه جي استعيفا کانسواءِ ٻيو ڪو رستو آهي ڇا؟ (تبصرو)

    * سنڌ ۾ گرميءَ وگھي مرندڙن جو ڪيس عابد شيرعلي خلاف داخل ڪريو: راشد سومرو (خبر)
    * * ڪاش! سنڌي نواز شريف جي ماسات تي اهڙو ڪيس ڪن (تبصرو)

    * پ پ پ سنڌ کي ڇا ڏنو آهي؟ نون ليگ اميدوار اسلم ابڙو (خبر)
    * * ڀلا، ”پنجاب جي وزيراعظم“ نواز شريف سنڌ کي ڇا ڏنو آهي؟ (تبصرو)

    * سنڌ مان 3 ورهين ۾ سڀ کان وڌيڪ ساڍا 38 ارب روپيا ٽيڪس وصولي ٿي: اسحاق ڊار(خبر)
    * * پر پوءِ به نواز شريف جو سنڍو اسحاق ڊار سنڌ دشمني ڇڏي ڇو ڪونه ٿو؟ (تبصرو)

    * وزيراعظم نواز شريف لنڊن ۾ زرداريءَ سان ملندو؟ (خبر)
    * * ...اهڙي ريت ”ڪرپشن“ ۽ ”عصبيت پرستيءَ“ جو ميلاپ ٿيندو(تبصرو)

    * تعليم کاتي ۾ اهڙا به استاد ڀرتي ٿيا جن ميٽرڪ پوءِ ڪئي: سنڌ سرڪار(خبر)
    * * قائم علي شاهه جي بيڊ گورننس واري سرڪار جو”شاندار“ ڪارنامو (تبصرو)

    * ٿرپارڪر ڪوئلي جون رٿائون پنجاب لاءِ زهر قاتل هونديون: خورشيد شاهه (خبر)
    * * خورشيد صاحب..!! شايد پهريون ڀيرو سچ ڳالهايو اٿوَ (تبصرو)

    * نواز شريف کي ادارا تباهه ڪرڻ تي جيل ۾ وجهنداسون: عمران خان (خبر)
    * * اهڙي خير جي ڪم تي ڀلا ڪنهن کي اعتراض هوندو؟ (تبصرو)

    * سنڌڙي انبن جي پٽائي ۽ پيڪنگ لاءِ واپارين ملتان کان مزدور گھرايا (خبر)
    * * سنڌ اندر سنڌي مزدورن سان ايڏي نفرت ڇو؟ (تبصرو)

    * پير پڳارو 8 ورهين کان سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي: مهتاب اڪبر راشدي (خبر)
    * * نوڪري پڪي پر پير پڳاريَ 7 مرحوم جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿوَ؟ (تبصرو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو