خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / ڇنڇر 28 مئي 2016 / محمد خان سيال

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2016۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * سنڌ ۽ بلوچستان جو ترقياتي رٿائن ۾ شامل نه ڪرڻ تي سخت احتجاج (خبر)
    * * ”پنجاب جي وزيراعظم“ نواز شريف کان خير جي اميد ڪرڻ اجائي آهي (تبصرو)

    * دل چوي ٿي ته اسيمبلي ميمبرن تي ريل چاڙهي ڇڏجي: سراج الحق (خبر)
    * * ”ريل چاڙهجي“ يا ”ريل تي چاڙهي“ کين ڏُور موڪلي ڇڏجي (تبصرو)

    * ميرپورخاص ۾ سم ، ڪلر ۽ پاڻيءَ جي گھوٽاليَ، انبن جا باغ ناس ڪري ڇڏيا (خبر)
    * * جيئن قائم علي شاهه سرڪار، ساري سنڌ کي ناس ڪري ڇڏيو آهي (تبصرو)

    * ايندڙ بجيٽ عوام دوست هئڻ گھرجي: اقتصادي ماهر (خبر)
    * * پر ملڪ اندر اقتصادي ماهرن جي ٻُڌي ڪير ٿو؟ (تبصرو)

    * 12 مهينا ۽ سال ۾ 2 ڀيرا انب لهڻ واريون نيون جنسون ڳوليون ويون (خبر)
    * * واه! وات ٿو پاڻي ٿئي! هاڻ 12 ئي مهينا انب ملندا! (تبصرو)

    * فرينڊلي اپوزيشن هجون ها ته آصف ـ نواز ملاقات ٿئي ها: خورشيد شاهه (خبر)
    * * هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ته کائڻ جا ٻيا هوندا آهن (تبصرو)

    * سنڌ سامونڊي حدن تي مڪمل مالڪي گھُري ورتي (خبر)
    * * مسَين مسَين ڪا ڪم جي ڳالهه ڪئي اٿوَ (تبصرو)

    * مڙس سمجھائڻ لاءِ زال کي هلڪي مارڪُٽ ڪري سگھي ٿو: مولانا شيراني (خبر)
    * * اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو سربراهه شايد ذاتي تجربو ٻڌائي ٿو (تبصرو)

    * نواز ليگ جو مملڪتي وزير حڪيم بلوچ، نواز شريف کي ڇڏي ويو (خبر)
    * * شايد احساس ٿي ويو هوندس ته نواز شريف ”پنجاب جو وزيراعظم“ آهي (تبصرو)

    * مٽياريءَ ۾ بااثر وڏيري پورهيت جي ڏاڙهي، مڇون ۽ وار ڪوڙائي ڇڏيا (خبر)
    * * سنڌ ۾ وڏيرن جو راڄ، چاهين ته جوتا وات ۾ وجھرائين يا مٿو ڪوڙائين (تبصرو)

    * بيعزتيءَ سان وزارت نه ٿو سنڀالي سگھان: حڪيم بلوچ (خبر)
    * * پر بي اختيار مرتضى جتوئي ته وزارت کي اڃا به چهٽيو پيو آهي (تبصرو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو