حاضر جوابي

'تعارف' فورم ۾ Shabir Ahmed Qureshi طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2016۔

  1. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    Thinking out of the box.روايتي انداز کان هٽي ڪري سوچيو.
    آعلي مقابلي جي امتحان ۾ پڇيل سوال جو جواب ۾ هڪ اميد وار طرفان جذباتي.اتساهي ۽ چونڪائيندڙ جواب مليو جنهن کي ٻڌي ممتحن متاثر ٿيو ۽اميدوار کي اهل قرار ڏنو ويو.
    سوال هئو ته اوهان هڪ ڪار ۾ اڪيلا طوفاني شام جو موسلا ڌار برسات ۾ هائي وي تي ڊرائيو ڪندا ٿا وڃو .اچانڪ هڪ بس آسٽاپ نظر اچي ٿو. اتي ڪجه ماڻهو بس جي انتظار ۾ آهن .تن مان ٽي شناسا چهره نظر اچن ، هڪ معمر خاتون جيڪا بيمار آهي جهڙوڪ مرڻ جي قريب .ٻيو هڪ پراڻو دوست اوهان جو محسن جنهن هڪ واري اوهان جي جان بچائي هجي. ٽي شخصيت هڪ اهڙو پارٽنر جنهن جي قربت لاء اوهان خواب ڏٺا هجن .
    اوهان جي ڪار ۾ صرف هڪ ماڻهو جي ويهڻ جي گنجائش آهي . اوهان ڪنهن کي انساني اخلاقي يا شناسائي جي ناتي ڪار ۾ ويهاريندو؟
    نوجوان ڪمال سادگي سان ۽ خود اعتمادي سان جواب ڏنو “ ان صورتحال ۾ آئون گاڏي جون چاٻيون پنهنجي دوست کي ڏئي کيس معمر خاتون کي ڪار ۾ويهاري اسپتال پهچائڻ جو چوندس .مان بس اسٽاپ تي بس اچڻ تائين ساٿي جي قربت ۾ چار گهڙيون گذارڻ کي ترجيح ڏيندس “ .هن خوبصورت دلپذير جواب تي کيس ڪاميابي ملي .
    ان کي چئبو آهي روايت ، رٽي ۽ ٻڌسڌ کان هٽي سوچ.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو