خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / اڱارو31 مئي 2016 / محمد خان سيال / آخري پوسٽنگ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2016۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    نوٽ: انهيءَ موضوع تي هيءَ آخري پوسٽنگ آهي ـ ”خبرون تي ٽيڪاٽپڻيءَ“ وارو روزانو ڪالم، مون 7 ـ 8 مهينن کان باقاعدگيءَ سان هلايو آهي جيڪو پڙهندڙن ۾ گهڻو مقبول رهيو ـ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”رنگ رتل ڇڏجي، ميلو متل ڇڏجي“ سو انهيءَ کان اڳ جوڪنهن مرحلي تي پڙهندڙ تنگ ٿي ڪالم بند ڪرڻ لاءِ چون، مان پاڻ ئي انهيءَ سلسلي کي وقتي طور پهرين جون 2016 کان بند ڪريان ٿو (م خ س) ـ

    * 1675 ارب روپين جي وفاقي ترقياتي پروگرام ۾، سنڌ لاءِ رڳو 62 ارب رکيا ويا (خبر)
    * * نواز شريف جون سنڌ سان زيادتيون، ”هيري سندي هير، ٽنگ ڀڄي به نه لهي“ (تبصرو)

    * وزيراعظم سان ڪو ٺاهه ناهي ٿيو ۽ نه ئي فضل الرحمان سان ملاقات: آصف زرداري (خبر)
    * * ڪڏهن ڪڏهن ته، سچ به ڳالهائيندا ڪريو(تبصرو)

    * لوڊ شيڊنگ مان عوام کي، پ پ پ ڇوٽڪارو ڏياري سگھي ٿي: نثار کھڙو (خبر)
    * * پر سنڌ مٿان ”عذاب“ قائم علي شاهه مان ڪير ڇوٽڪارو ڏياريندو؟ (تبصرو)

    * سنڌ ۾ ملازم عورتن کي هراسان ڪرڻ وارن واقعن ۾ واڌ (خبر)
    * * سنڌ جي ڪرپٽ سرڪار مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي (تبصرو)

    * سکر مان دهشتگرد عبدالجبار سومرو گرفتار، آپگھاتي جيڪٽ ملي (خبر)
    * * افسوس! هاڻي ڪجھه سنڌي به دهشتگرديءَ ۾ ڪاهي پيا آهن (تبصرو)

    * وڏو وزير قائم علي شاهه ڪچرو ڏسي ڪاوڙجي ويو، 4 آفيسر سسپينڊ (خبر)
    * * ايم ڪيو ايم جو ايڏو ڊپ؟ اڳ به گٽرن تي ڍڪڻا هڻائڻ لاءِ پاڻ نڪتو هو(تبصرو)

    * پگھارون ۾ 30 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي: خورشيد شاهه (خبر)
    * * اوهان پنهنجي دور ۾ وري ڪهڙا ڦاڙها ماريا هئا؟ (تبصرو)

    * 8 اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان نه ڪرڻ، آئين جي ڀـڃڪڙي آهي: سسئي پليجو(خبر)
    * * ”پنجاب جي وزيراعظم“ نواز شريف مان، چڱائيءَ جي اميد اجائي آهي (تبصرو)

    * ڪرپشن ڪندڙ پاڻ کي ليڊر سڏائن پيا: اسماعيل راهو(خبر)
    * * ڀلا! سنڌ ـ دشمن نواز شريف جي باري ۾ اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ (تبصرو)

    * ڀريا روڊ ۾ مقابلو ڄاڻائي ماريل مولويءَ جي وارثن جو ڌرڻو، لاش دفنائڻ کان انڪار(خبر)
    * * بي گناهه انسان کي مارڻ نه گھرجي، چاهي مولوي هجي يا غير مولوي (تبصرو)

    * حيسڪو کاٽو پٽن لاءِ ”سوني جھرڪي“، آفيسر لکين ڪمائن ٿا (خبر)
    * * سکڻو حيسڪو ڇو؟ ساري سنڌ ”سوني جھرڪي“ آهي (تبصرو)

    * انجيلينا جُولي خطرناڪ حد تائين ڪمزور ٿي وئي (خبر)
    * * لڳي ٿو ته ڪيترن عاشقن جي دلين کي به ڪمزور ڪري وئي هوندي (تبصرو)

    * احمد سعيد طرفان پي آءِ اي کي 80 لک روپين جي لاڳت جي جوتن جو تحفو(خبر)
    * * اڳوڻي چيئرمن پنهنجي دور ۾ ”سروس“ جوتا هڻي پي آءِ اي جو ٻيڙو ٻوڙيو هو(تبصرو)

    * آچر 5 جون تي ”ايڪسپو سينٽر“ ۾ غريبن لاءِ مفت بازار لڳندي (خبر)
    ** جيستائين غريبن کي خبر پوندي، تيستائين 5 جون ئي گذري ويندي (تبصرو)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو