کاھوڙڪي کير : لطيف سائين جي سرواڻي ۾ سنڌ جي چند صوفين ۽ سڄاڻ ڌرين جي جماعت ھئي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تازو فيسبوڪ تي سليم ڀٽو لطيفي صاحب جي هڪ ليڪچر جو چرچو پيو هلي. پاڻ چون ٿا ته :

    کاھوڙڪي کير لطيف سائين جي سرواڻي ۾ سنڌ جي چند صوفين ۽ سڄاڻ ڌرين جي جماعت ھئي جنھن مغل دور ۾ سنڌ جي آجپي لاء جاکوڙيو جنھن ۾ سنڌي عوام جي ھر طبقي شموليت ڪئي ۽ خاص طور اھل علم، پورھيت ۽ ھارين جو وڏو تعداد ھو. ھن آجپي جي تحريڪ 1736 ۾ سنڌ جون جاگيرون جيڪي سرڪار طرفان سندن سھڪارين کي مليل ھيون انھن کي آباد ن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ڇا ڪاڻ ت انھن جاگيرن جي آباد ٿيڻ سان اڻ سڌي يا سڌي طرح فائدو قابض مغل حڪمرانن کي ٿيو پئي تنھنڪري حڪومت جي سياسي ۽ معاشي سگھ ٽوڙڻ لاء ھارين جاگيرون غير آباد رکيون ۽ انھي سال ڍل جي اوڳاڙي ۾ ايتري گھٽتائي آئي جو ٺٽي جو گورنر نواب صادق علي، مرڪزي/دھلي حڪومت جي سالياني ڏن جي رقم ن ڏئي سگھيو تنھنڪري ھن کي ھٽائي سنڌ جو ٺٽو پرڳڻو ب مقامي ڪلھوڙا حڪمران جيڪي سنڌ جي باقي حصي جا حاڪم ھئا انھن کي ڏنو ويو. کاھوڙڪي کير قومي آجپي جي ھلچل جو پھريون عملي نتيجو اھو نڪتو جو ورھايل سنڌ ھڪ ڀيرو وري گڏيل سنڌ جو روپ اختيار ڪيو ۽ سنڌ ڌارين حاڪمن جي بجاء مقامي ماڻھن جي ھٿ ھيٺ آئي. کاھوڙڪي کير ھلچل جو مقصد سنڌ جي آجپي لاء جاڳرتا پيدا ڪري ماڻھن جي گھڻائي کي ھم خيال ۽ ھم قدم بڻائي گھڻائي جي ڀلائي لاء غلام سنڌ جي آزادي حاصل ڪر ڻ ھو.

    (Saleem Bhutto Latifi)

    وڊيوهن لنڪ تي

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جي سرواڻي ۾ اها امن پيار محبت ۽ ڀائيچاري واري تنظيم هئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو