موالي ڪلچر ۽ ان جي رکوالي ڪندڙن خلاف ميدان تي نڪرو ته سنڌ آٽوميٽيڪل خوشحال بڻجي ويندي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 جون 2016
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سڀ سمجهون به ٿا پر پوءِ به پنهنجي علاقي ۾ ڪُجهه نٿا ڪري سگهون ! ڇو جو ارد گرد (نادرشاهي وڏيرن) به اهڙوئي (بچاءُ ماحولي ڄار) وڇايو آهي! جو ان جو حصو به بڻجڻو پوي ٿو ۽ پُٺيان ، تسلسل سان پاسيرا ٿيڻ لاءِ درس به ڏيون ٿا ! پوءِ به اهڙن ئي (نادرشاهي وڏيرن) جي سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش رکون ٿا ! هٿ ٻڌي (گو هيڊ) جو سگنل ڏئي ڀائيوار به هوندا آهيون ! پوءِ اها مُنافت ۽ تصادم جو سبب ڇا؟
    هڪ ڳالهه ٿو ڪريان ! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
    سنڌي اٻوجهه ۽ معصوم ماڻهن کي نشن جي سُتي پياري جيڪو (نادرشاهي وڏيرن ) سنڌي ماڻهن جي رڳن ۾ پويل زهر قاتل وڌو آهي ته ان سُتيءَ ۾ نچوڙي پيارل (موالي ڪلچر) جو خاتمون آڻيو، ته سنڌ ۾ پوءِ (آٽوميٽڪ) خوشحالي اچي ويندي. جيڪو بظاهر قلمي حد تائين لکڻ ، چوڻ ، تقريرون ڪرڻ سان هڪ آسان ، قابل قبول ۽ سهل پر عملي طور انتهائي ڏُکيو علاج آهي ۽ نادرشاهي وڏيرو جنهن پنهنجي بچاءَ لاءِ اهي ڍالون (پاليل ڌاڙيلن، پاٿاريدار ۽ راشي بيوروڪريسيَ يا ڪامورا) جن کي هو (سفارشن ،ڪاپي ڪلچر ۽ ڪوڙين ڊگرين ۽ مڃتا ايوارڊن) سان پاڻ لاءِ ڍال بڻايو ويٺو آهي ته ڇا توهان پنهنجي ئي علائقي جي ان (نادرشاهي وڏيرين) خلاف (بغاوت جو عَلم ) بُلند ڪرڻ جي جسارت ڪري سگهو ٿا ، جن جو انت توهان (قائد اعظم، ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بينظير ڀٽو) جي شهادتن جي صورت ۾ ڏسي چُڪا آهيو جن کي انهن (نادرشاهي وڏيرن )جي تعاون سان ئي شهيد ڪيو ويو ته جيئن ڪو ٻيو بهادر سنڌي (غريب عوام ) ۽ نادرشاهي عظمت خلاف آواز بُلند نه ڪري سگهي؟ ڇا؟ نادر شاهي وڏيرو انهن سنڌي غلامن ۽ مُفت چسڪو وٺندڙ (موالين) کي آزادي ڏيندو. جن جي اڪثريت ۽ گهڻائي روپ آهن جهڙوڪ(اڳڙين ۽ ليڙن ۾ موالي، وائيٽ ڪالرس پوشاڪن ۾ ويڙهيل اُهي شاعر، اديب، ليکڪ، فلاسافر يا ڏاها جن جي علم جي ابتدا اوتارا اسڪولن مان ٿئي ٿي) ۽ جن کي مدعو ڪرڻ لاءِ مُفت نشي جي لالچ ڏئي ۽ محفلن ، سيمنارن دوارن ۽ محفلن برخواست ٿيڻ کان پوءِ ۽ اڳين سيٽن يا اسٽيجن تي پيپسي يا منرل واٽر ۾ نشو( ديسي يا ولائتي) مُفت ٺروملي ٿو.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]

    اهي سڀ عجمي قابضن جا ڦهلايل (نادرشاهي) موالي ڪلچر اپنائڻ يا ان جي پوياري ڪرڻ جا (سائيڊ افيڪٽس) آهن جن کي امن پسند، اٻوجهه، مهمان نواز، جهموريت پسند، باب الاسلام سنڌ جو تُوحيد پرست سنڌي (اصلي ۽ نسلي سنڌي) برداشت ڪندو اڄي. انهن سڀني سُورن جي خاتمي جو صرف هڪ واحد حل ! سنڌ مان (نادرشاهي) موالي ڪلچر جو مڪمل خاتمون. جيڪو هاڻ تيزيءَ سان (سفارشي، ڪاپي ۽ ڪوڙين ڊگرين ۽ ايوارڊن ) جي ڪلچر صورت ۾ سنڌ جي مڙني ادارن ۾ ضم ٿي ميرٽ ۽ ٽيلينٽيڊ سنڌيءَ جو خاتمون ڪري (نادر شاهي وڏيرڪي) سفارشن سان ڦهلجندو وڃي ۽ اهڙن مالڪ (وڏيرن ۽ ڪامورن ) جي چسڪي، تسڪين ۽ فحاشت جي فروغت جو سبب پيو بڻجي. آخر غريب سنڌيءَ جي غيرت ڪڏنهن پلٽو کائيندي ۽ ڪڏنهن پنهنجي پاڻ کي (وڏيرڪي غلامي) مان آزاد ڪرائيندي؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    افسوس.........
    اهڙن ڪڃرخانن لا اسلام ۾ جيڪا سزا ٻڌايل آهي سا ڏني وڃي..
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُحترم رسول بخش دائود پوٽا صاحب جن جي خدمت ۾ ۽ سندن ليک احمد سومري صاحن جي جواب ۾! هڪ ڳالهه ٿو ڪريان جو سوال آهي هاڻ سنڌ جو ! نه تُنهنجو (وڏيرا) نه مُنهنجو (عوام).
    حضور، ٽيڪسن جي ڪُليڪشن ٿئي ٿي ، هيڪوڻي نه (ٽيڻين چئونڻين) ڪيئن ٿا چئو پر اها سرڪاري خزاني ۾ بيشڪ ڪانه ويندي هوندي جو نادرشاهي وڏيرن جا ڀرتي ڪيل اهي ملازم ۽ ڪامورا اها (رُشوت) ڪُليڪشن پاڻ ئي ڦٻائي ويندا آهن. سرڪاري خزاني ۾ ڪونه ٿا جمع ڪرائين. ان ۾ ڪو شق ناهي ته سنڌ جو استحصال نادرشاهي وڏيرن جي مدد سان ۽ کُلم کُلا (بشمول جيوڊيشري وفاق) ۽ ان جا (ادارا )پيا ڪن جنهن ۾ هاڻ (ميڊيا ۽ ان جا اينڪر) به شامل ٿي ويا آهن) جيڪا ڊڪٽيٽرن جي پاليسي رهي آهي ڇو جو سنڌ ئي آهي جيڪو وفاق کي 70 سيڪڙو ناڻو ڏئي ٿو ۽ جتان پاڪستان جي اُها ( ليڊر شپ) تيار ٿيندي آهي جيڪي (هٿيار سان نه پر قلم ۽ ڏاهپ) سان عوام جو ووٽ وٺي ميدان تي ايندي آهي ۽ جن لارڊ مائونٽ بيٽن کان پاڪستان ورتو (قائد اعظم)، جنهن 1971 ۾ قيد 93،000 جنگي قيدي بشمول مقبوض پنجابي علائقا ڳالهه ٻولهه سان ۽ ٽيبل ٽاڪ تي ورتا ۽ جنهن نه صرف پاڪستان پر مُڪمل اسلامي دُنيا کي اسلامي بم (نيوڪليئر ٽيڪنالاجي) ڏئي مستحڪم بڻيو ۽ عوامي حڪموت (جهموريت) قائم ڪئي، ۽ نتيجن صيحوني طاقتن ۽ سنڌ جي (نادرشاهي وڏيرن )جي مدد سان ڦاهيءَ چاڙهيو ويو (شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو) ۽ پوءِ سنڌ جي ٽين نياڻي نماڻي (بينظير ڀُٽو شهيد) انهيءَ منشور سان ميدان تي لهي پاڪستان ۽ اسلامي دُنيا کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ (ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني) جنهن کي به ڊڪٽيٽرن ۽ ان جي تيار ٿيل سياستدانن ۽ شنڌ جي نادرشاهي وڏيري ، سوشلزم کي ڪوڙو ڄاڻائي (طالبان) جي مدد سان شهيد ڪرايو ته جيئن سنڌ مان هميشه لاءِ (جهموريت پسند ليڊر پئدا ٿيڻ بند ٿي وڃن) ۽ نادرشاهي وڏيرو قابض ٿي وڃي ته جيئن اڃان سنڌ جا وڌيڪ ٻه حصا (شهري ۽ ٻهراڙي) جُدا ڪري 70 سيڪڙو وشاهوڪار سيلن تي قبضو ڪري ڇڏجي. سنڌ جي شهرن جو انتظام هڪ شهري ٽڪڙي جو ڪنٽرول (ڊڪٽيٽر، انهن جي ساٿين ۽ ميڊيا جي حوالي ڪجي) ۽ بهراڙي ٽڪڙو (نادرشاهي وڏيرن ۽ اهڙن ڀُٽو دشمن ليڊرن جي حوالي ڪجي جنهن کي عوام ووٽ جو حق ڏئي اسيمبلين ۾ نٿي پُهچائي ۽ پوءِ هو وفاق جا پُٺيان دروازا استعمال ڪري سنڌي قوم جو استحصال ڪن ۽ کين موالي ڪلچر ۾ سُمهاري غلام ابن غلام بڻائي رکن. انهن سنڌ دشمن سازشن ۾ به ته نادرشاهي وڏيرو ۽ ان جا حواري آهن نه ته ڇو ٿا انڪار ڪريو؟ ٿابت ٿيو ته انهن سڀني سنڌ دشمنن جو ڪارڻ ۽ سبب ته اُهوئي (نادرشاهي وڏيرو) آهي نه جيڪو هڪ طرف وفاق کي سنڌ ۾ مداخلت ڪرڻ تي نه صرف اُڪسائي ٿو (وفاق جو ٻانهن ٻيلي ٿي پوئين دروازن کان اچي سنڌ ۾ حڪومت ڪري ٿو يا پنهنجي علاقائي اثر رسوخ ۽ سفارش سان ۽ نون جهموري دعويدارن جي مدد سان ،سنڌ جي غريب ماڻهن جي منشا تحت جوڙيل (جهموري حڪومت ۾ مفاهمتي پاليسيءَ جي مدد سان) جهموريت ڪوڙو ڪوڙو ۾ داخل ٿي انداران کاٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ۽ جهموري حڪومت ۽ پارٽيءَ تي قبضو ڪري ٿو جيڪا صرف ۽ صرف ڀُٽو ليڊر شپ قبول ڪري ٿي. پوءِ تيز در تيز اوطاقا ميٽنگن ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ۽ حڪموت ۽ نوڪرين ۾ حصو وٺي نه سنڌ عوام کي غلام ابن غلام بڻائي ٿو پر پارٽيءَ کي به اندارن ئي اندران کاٽ هڻي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پارٽيءَ جي جيالن ۽ وفادارن کي هڪ پاسي ڪرائي پاڻ غريبن ۽ ڀُٽو فيمليءَ جي پارٽي4ءَ تي قبضو ڪري ويهي ٿو ۽ سنڌ جي نوڪرين ۾ مفاهمتي پاليسيءَ جي آڌار تي پنهنجي موالي ماڻهن، مُنشين، گهوسڙو ماسترن ، نوڪرن، ڇوڪيدارن، بورچين ۽ اولادن، مٽ مائٽن، دوستن لاءِ نوڪرين ۽ اهم بيوروڪريسي جو حصو وٺي ادارن مان به (ٽيلينٽيڊ ۽ ميرٽ سنڌيءَ )کي ٿُڏو هڻي ڪڍي ٿو ته اهو ڪير دائود پوٽا صاحب ؟
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 جون 2016
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    IT's TOO MUCH, YOU SOLD LOT OF SINDH TO INVADERS!
    هڪ طرف سنڌي موالي نچڻ ۾ پورا ، ٻي طرف سنڌي وڏيرا ۽ راشي ڪامورا ۽ سماج جا ڪوڙا ٺيڪيدار پاڻ ڏاها کين نچائڻ ۾ پورا ، ٽي طرف موالي ڪلچر فروغ ڪندڙ وڏيرن جي ذاتي انا پرستيءَ ۽ هڪ هٽيءَ ،هڻي پوري سنڌي قوم کي مُتحد ڪرڻ بجاءِ وڻ ڪاٺي ڪرائي ۽ هڪ هار ۾ پوئڻ بدران جُدا جُدا ڦهلارئي غير مُتحد ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجن ميرٽ ۽ ٽيلينٽيڊ سنڌين سان سفارشي، ڪاپي ۽ موالي ڪلچر جي آڌار تي اڻ سهپ ، پر ڌارين قوم لاءِ سنڌ ۾ اچي قابض ٿيڻ جي دعوت عام ۽ نعرا کولا سنڌيت جا ۽ کين سنڌ جي هر ايريا ۾ قبضي ڪرڻ جي رٿا ۾ ڀائيواري ۽ پوءِ اسان سندن سازشون ۽ ذاتي يا ڪاروباري دُشمنيون پنهنجيون سمجهي، پڙهيل لکيل سنڌي سڏائيندي به ( موالي سنڌين هٿان) بيوقوف بڻجي بس پنهنجن ئي سنڌين جو پڳون لاهڻ ۾ پورا آهيون.
    طارق ڀاءُ ا جي سنڌ ۾ موالي ڪلچر گروپ وارن طرفان ايئن ته ٿيندو نه ! آخر ڪنهن بُزرگ جي پيشنگوئيءَ موجب سنڌ جيڪا40 سال پهرين انهن عذابن ۽ ظلمن جي ڪري غرق ٿيڻ آهي ته ٿيندي.
    تڏنهن ته چوندو آهيان ته انهن سمورين وائيٽ يا ڪارن ڪالرن وارن موالين کان جيڪي (سياسي، سماجي، سنڌي ادارن توڙي ڊرائنگ روم، سيمنار، ميٽنگن ۽ اوطاقن، توڙي اخبارن ، ميڊيا چئنل) تي چولا پايو لڪا يا ويا آهن ۽ سنڌ ۾ اندران ئي اندران فحاشت ڦهلائڻ سان گڏ ڌارين کان کاٽ پيا هڻائين ۽ جيڪي ڌارين سان سنڌ سماج بگاڙڻ ۾ ٻانه ٻيلي آهن تن جو اتان قبضو ته ختم ڪرايو ته سنڌ به بچائي سگهجي.
    نه ته ....ڀاءُ لوڏو ته ڪنڌار کان ئي اچڻو آهي. تڏنهن ته اهي ڪنڌاري به سنڌ جا سمورا بارڊر آرام سان پاس ڪرائي سنڌ ۾ ڇڏيا ويندا آهن ۽ انهن تي ڪو چيڪ ناهي هوندو ته هو پنهنجي اسلحي ۽ نشن پتن سان هتي جي مارڪيٽ ۾ اچن ۽ پوءِ انهن جي مدد سان سنڌ تي آرام سان قبضو ڪجي ۽ مدد لاءِ موالي ۽ موالي ڪلچر فروغ ڪرڻ وارا وڏيرا ته اڳئي ور ۾ پيل آهن مُفت نشي جو ڀتو وٺي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 جون 2016
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    نادرشاهي وڏيرو نه ؟ جيڪو جُڙيل حڪومت ۾ شامل ٿي پنهنجي مُفادن جي جنگ وڙهي ٿو؟ ۽ سڀ وسيلا هٿيائي، ڪوڙين نوڪرين جا اسڪين ٿيل آرڊر پئسن تي اٻوجهه سنڌين کي وڪڻي، پنهنجي علائقي ۾ زمين جو ٽڪرو ڏئي گهوسڙو اسڪول ۽ اسپتالون جوڙي پوءِ انهن تي قبضو ڪري ويهي ٿو ۽ جڏنهن سڀ ڪُجه هٿيائي ٿو ته اهو نادرشاهي وڏيرو پوءِ وري وفاقي ڊڪٽيٽرن ۽ انهن جي ساٿين جو سهارو وٺي ٻي ڪنهن نئين نواڻ جهموريت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري اُن کي به انداران اندران کولو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. باقي رهي ڳالهه ايگريڪلچر جي ته سُهڻا ڪهڙي دُنيا ۾ ٿا رهو، پاڻي آهي ڪٿي جو ايگريڪلچر جو فروغ ٿئي اُهو ته پنجاب جي پرهايل ريگستاني زمينن لاءِ پيو وڃي ۽ سنڌ ماڻهون ته هاڻ نلڪن ۽ کوهن مان به پيئڻ جو پاڻي نه پيا حاصل ڪري سگهن. ڌاڙيلگيري، لوفر پائي، موالي ڪلچر تيزيءَ سان ٻهراڙيءَ ۾ فروغ پيو ٿئي ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ ڪاروباري طبقا (واڻيا، ميمڻ ۽ شيخ) به انهيءَ رفتار ۽ ظلم ۽ جبر ڪري ڳوٺ ڇڏي شهرن ۾ اچي ويا آهن يا ٻاهرين مُلڪن ۾ هليا ويا آهن ۽ واڻيان ته پاڪستان ئي ڇڏي پيا وڃن ۽ جيڪي اڃان (ڏن) ڏيڻ جي صلاحيت رکن پيا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ (ڏن) ڏئي يا ونگار تي موجود آهن پر سندن عزتن ۽ مال متائن کي هميشه انهن نادرشاهي وڏيرن جي موالي ۽ نشائي اولادن جو خطرو آهي ته توهان ڪيئن ٿا چئو ته سنڌ جو مسئلو نادرشاهي وڏيرو ناهي؟ جڏنهن ته سائين اهي موالي راشوت خور بابو ڪلرڪ، گهوسڙو اُستاد، وڏين عهدن وارا ڪامورا به ته ان مُفاهمتي پاليسيءَ تحت انهن نادرشاهي وڏيرن جا ماڻهون شامل ڪيا ويا اهن نه؟ جيڪي هڪ لنڊن پلان ( D)رٿا بنديءَ تحت سنڏ جا ٻه ٽڪڙا ڪري هڪ شهري ٽڪڙو سنڌ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ (ڊڪٽيٽرن ۽ انهن جي ساٿين بشمول اڙدو ميڊيا ۽ ان جا سنڌ دشمن اينڪر) ڦباهي سنڏ جو سڌو سئون ڪنٽرو حاصل ڪن جن اڳئي ٻهرين ديسن مان پناهگير گهرائي سنڌ جي شهرن ۾ آباد ڪرايا آهن ته جيئن سنڌين کي اڪليت ۾ ڏيکاري سندن واتر بندي ڪري سگهجي. ائين ڪونهين ڇا. سائين تصوير جو پُٺيون پاسو به پڙهو جيڪو هميشه سنڌي ڏاهن جي پڙهڻ کان رهجي ويندو آهي پوءِ پوري سنڌ مصيبت ۾ پئجي ويندي آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Mujeeb Rehman

    Mujeeb Rehman
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جون 2016
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    58
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Givt.Employee
    ماڳ:
    Dadu
    سائين عملي ڪم ڪهڙو به هجي ان ۾ ڏکيائيون ته اينديون ئي آھن..۽ عملي ڪم علم وارا ئي ساڀيان ڪندا آھن..ان ڪمن لاء سنڌ ۾ علم جي لاٽ ٻارڻ لاء جدوجهد ڪرڻي پوندي..۽ ان لاء تنقيدي دنيا کان ٻاھر نڪري تعميري دنيا جي طرف اچڻو پوندو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    تنقيدي دُنيا کان ٻاهر نڪري اچجي ته تعميري دُنيا جُڙي ئي ڪان ٿي سگهي ائين جيئن ڏيکائي جسم مان روح نڪري وڃي ته سڀ ٺُس. يا دماغ ۾ شعور ڪم ئي ڪونه ڪندو ۽ اندران احتصاب ڪونه ٿيندو جي لاشعور ڪڍيو وڃي. جدوجهد لاءِ اهڙو ذهن به گهرجي ۽ علم جي لاٽ ٻارڻ لاءِ به لازمي آهي ته تعميري تنقيد ڪجي، جيئن توحيد کان سواءِ اسلام آهي ئي ڪونه ڀلا ٻيا 72 فرقا ٺاهي پنهنجي پنهنجي جوريندا وڃو جو اسلام جو سڄو بُنياد توحيدي عقيدي تي آهي ۽ توحيد عقيدو آهي ڇا ؟ (لا اله( يعني ناهن ڪي ٻيا معبود ۽ الي الله (مگر هڪ الله) ۽ پوءِ عملي ڪم جنهن کي سونپيو ويو آهي يعني (مُحمد رسول الله ) مُحمد (صلي الله عليه وسلم ئي الله جو پيغام پُهچائيندڙ آهي) ٻئي وحي آهن.
     
  11. Mujeeb Rehman

    Mujeeb Rehman
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جون 2016
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    58
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Givt.Employee
    ماڳ:
    Dadu
    بلڪل منهنجي چوڻ جو مطلب به اھو ئي هو ته تعميري تنقيد ڪجي نه، پر اسان وٽ ته تنقيد براء تنقيد آھي صرف ۽ اھا صحپ برداشت گهٽ ھجڻ جي ڪري آھي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو