سنڌ سلامت ڪتاب گهر جو آغاز

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2016۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انساني تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ته پتو پوندو.. انساني شعور تڏهن کان وٺي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي جڏهن کان ڪاغذ ۽ ڇپائي جا طريقا اڃان ايجاد به نه ٿيا هئا..
    مشاهدي ذريعي حاصل ٿيندڙ ڄاڻ کي جيتوڻيڪ ان وقت محفوظ ڪرڻ ممڪن نه هو پر ان جي منتقلي سيني کان سينو ٿيندي رهي.. انسان جڏهن نوان علم ڳوليا، ڪائنات جي رازن کي سمجهيو ته آهستي آهستي ان جي علم ۽ هنر جي ضرورتن کيس مجبور ڪرڻ شروع ڪيو ته هو پنهنجي علم ۽ هنر کي محفوظ ڪري.. هُو چاهڻ لڳو ته پنهنجي ڄاڻ، کوجنا ۽ علم ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري.. ان مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ هُن ڪيترن ئي قسمن جي طريقن کي اختيار ڪيو..پر آخرڪار هن دڳ حاصل ڪري ئي ورتو..
    سن 501 ۾ چينين پراڻن ڪپڙن ۽ وڻن جي ٽارين کي استعمال ڪندي ڪاغذ جو ابتائي ورجن ايجاد ڪيو... جنهن کان پوءِ علم ۽ مشاهدن کي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ويو ان عمل ڪتاب گهر ٺاهڻ شروع ڪيا.. ۽ اهي ڪتاب گهر ئي آهن جن ذريعي علم ۽ هنر نه رڳو دنيا ۾ پکڙيو بلڪه جديد ترين سائنسي ۽ مشيني ترقي ٿي سگهي..
    هڪ انسان جڏهن مصروف زندگي مان تنگ ٿي ويندو آهي ۽ زماني جا غم جڏهن ان تي ڇائنجي ويندا آهن ته هوُ انهن تلخين ۽ پيڙائن کان بچڻ لاءِ مختلف پناهون ڳوليندو آهي.. هُو چاهيندو آهي ته ذهني طور هوُ پنهنجي پاڻ کي ڪنهن ٻئي طرف مصروف رکي..
    مان چاهيندس ته اهڙو انسان راند روند ۾ لڳڻ، فلمون ڏسڻ ۽ نشو ڪرڻ بجاءِ ڪتاب پڙهڻ طرف اچي جو ان سان هوُ نه رڳو پنهنجيون ڪلفتون وساريندو آهي پر ان جي سوچ ۾ وسعت پڻ ايندي آهي.. ڪتاب پڙهڻ سان انسان ۾ نه رڳو فضيلت ايندي آهي پر ان جي اندر آگهي جو هڪ شعور پيدا ٿيندو آهي..
    اها پڻ حقيقت آهي ته ڪتاب بهترين ساٿي ٿيندا آهن... ڪتابن جو هڪ هڪ ورق واضح، کليل ۽ سچو هوندو آهي.. ڪتاب زندگي جي ڪڙواهٽڻ ۾ مٺاڻ پيدا ڪندو آهي.. ان سان وقت ريجهندو آهي، احساس سنورجندو آهي، فڪر گهٽجندو آهي ۽ ذوق نکرجندو آهي.. ياد رکو ته اهو سڀ ڪجهه مهذب ڪتابن مان ئي حاصل ٿيندو آهي..
    ڪتاب هڪ شفيق دوست ۽ معتبر رهنما ٿيندو آهي.. ڪتاب علم جو نور ۽ قلم جي عظمت جو هڪ خوبصورت اظهار آهي.. ۽ جيڪي ماڻهون علم ۽ قلم جي ان ميلاپ جي حوالي هوندا آهن اهي ڪڏهن به گمراهه ناهن ٿيندا..
    ڪتاب يقينن اڪيلائپ جي نعمت آهن، ادب ۽ هنر جا خزانا آهن ۽ علم جو اهڙو سمنڊ ٿين جيڪي هر ڪنهن جي ضرورت سندن ظرف مطابق پوري ڪندا آهن..
    پر جيئن ته مهانگائي جي هن دور ۾ نوان ڪتاب خريد ڪرڻ گهڻن لاءِ ڪافي مشڪل ٿي پيا آهن ۽ وري هر انسان جي پنهنجي پنهنجي پسند ۽ ذوق مختلف ٿيڻ ڪري مطلوبا ڪتاب ملڻ به آسان ناهن هوندا.. اهو ئي سبب آهي جو اسان ڪتاب پڙهڻ بس وساري ويٺا آهيون..
    پرهاڻي هن جديد دور ۾ ڪتاب ڊجيٽلائيز ٿيڻ شروع ٿي چڪا آهن.. ۽ دنيا ۾ هر ٻوليءَ جا لکيل ڪتاب تيزي سان انٽرنيٽ تي اچي رهيا آهن.. ايتري قدر جو دنيا جي وڏي ۾ وڏي برٽش لائيبريري به پنهنجا اڌ ڪروڙ ڪتاب ڊجيٽلائيز ڪندي انٽرنيٽ تي آڻي رهي آهي..ان طرح پسند جا ڪتاب سي به مفت ۾ ملڻ بلڪل ممڪن ٿي رهيا آهن..
    سنڌ سلامت جنهن جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليءَ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع ڪرڻ آهي پڻ دنيا سان گڏ سندس رفتار سان هلڻ جو سانباهو ڪيو آهي..ڇو ته تاريخ هميشه انهن قومن جو احترام ڪيو آهي جن پنهنجي علمي سرمائي جي حفاظت ڪئي آهي.. سنڌ سلامت پڻ پنهنجي ٻوليءَ جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نه رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن جي علم، هنر ۽ مشاهدن کي کي ڊيجيٽلائيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيءَ سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي ...
    اهو ٻڌائيندي انتهائي سرهائي ٿي رهي آهي ته انهي عزم ڏانهن وک وڌائيندي اڄ سنڌ سلامت طرفان ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ جي ابتدا ٿي رهي آهي..


    سنڌ سلامت ڪتاب گهر جو ابتدائي ورجن هر آپريٽنگ سسٽم جهڙوڪ ونڊوز، اينڊرائيڊ يا آئي فون سان مطابقت رکندڙ بڻايو ويو آهي.. اهو ئي سبب آهي جو جو هتي موجود ڪتابن کي ڳولڻ، ڊائونلوڊ ڪرڻ ۽ آن لائين پڙهڻ انتهائي آسان آهي..

    هن جي خوبين ۾ شامل آهن..
    • ڏيکاء ۾ وڻندڙ : خوبصورت انٽرفيس سان ريسپانسوِ اسٽائيل جيڪو هڪ ئي وقت ۾ ڊيسڪٽاپ ڊيوائسز کان پام ڊيوائيسز تائين پاڻمرادو ڊيوائس سڃاڻي پاڻ کي ڊيواسز مطابق ڍالي ڇڏي ٿو ته جيئن خوبصورتي ۽ استعمال متاثر نه ٿئي.
    • استعمال ۾ هلڪو: غير ضروري ۽ وزني ڪوڊنگ بجاءِ رڳو بنيادي فيچرس رکندي سائيٽ کي هلڪو بڻايو ويو آهي ته جيئن سائيٽ تي ڦيرو ڀريندڙن کي پنهنجي مطلوبا ڪتاب تائين پهچندي وڌيڪ انتظار ڪرڻو نه پوي.
    • ڳولا ۾ بهتر : بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ڳولا ۾ رڳو ٽن شرطن ليکڪ، پبلشر ۽ ڪتاب جي نالي کي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن درست ۽ تڪڙا نتيجا حاصل ڪري سگهجنجڏهن ته ڪتاب جي متن جي ڳولڻ کي في الحال غير فعال رکيو ويو آهي ته جيئن ڳولا جا اضافي نتيجا ڳولا ڪندڙ کي منجهائيندڙ نه لڳن. ان کانسواءِ ٽيڪسٽ ايريا ۾ سنڌ سلامت سنڌي ڪيبورڊ ايڊيٽر پڻ ڊيفالٽ طور فعال ڪيو ويو آهي ته جيئن ڳولا ڪندڙ وٽ جيڪڏهن ايم بي سنڌي پروگرام نه هجي تڏهن به سنڌي لکي سگهن.
    • پڙهڻ ۾ سنهنجو: آن لائين مطالعي کي ڊيواسز جي مطابق رکڻ لاءِ ڊيفالٽ فانٽ SSRead کي مناسب سائيز سان لڳايو ويو آهي پر ڪمزور نظر رکندڙن لاءِ وڌيڪ ٽن فانٽس ۽ فانٽ سائيز کي گهٽائڻ وڌائڻ جي سهولت پڻ رکي وئي آهي. ان کانسواءِ هر ڪتاب کي مختلف صفحن بجاءِ هڪ ئي صفحي تي لوڊنگ پروسيس سامهون رکي رکيو ويو آهي.
    • محفوظ ڪرڻ ۾ سولو:هر وقت انٽرنيٽ جي سهولت نه رکندڙن لاءِ هر ڪتاب کي پي ڊي ايف طور محفوظ ڪرڻ جي سهولت پڻ ڏني وئي آهي جنهن سان نه رڳو ڪتاب آف لائين پڙهي سگهبو پر ڪتاب کي E-Gift پڻ ڪري سگهبو..
    • شيئرنگ ۾ آسان: ڪتابن کي دوستن سان سوشل نيٽ ورڪ تي ونڊڻ بلڪل آسان آهي.. ان سان توهان جو صلاحيل ڪتاب نه رڳو ٻيا پڙهي سگهندا پر توهان جي ڏنل حوالي جي تصديق به ڪري سگهندا..


    سنڌي ادب کي ڊجيٽلائيزڊ ڪرڻ جي هن ڀلوڙ مشن جا ساٿي:
    توڙي جو هن وقت سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ابتدائي ورجن ۾ آن لائين پڙهڻ توڙي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ 71 ڪتاب موجود آهن پر اسان جي خواهش آهي ته هڪ سال جي اندر سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ڊيٽا بيس ۾ سنڌي زبان جي هر موضوع تي 1000 ڪتاب شامل ٿين.. پر اهو مقصد حاصل ڪرڻ اڪيلي سر ڏکيو ثابت ٿيندو ان سلسلي ۾ اسان کي توهان جي سهڪار جي پڻ ضرورت رهندي ..

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي مدد توهان ڪهڙي طرح ڪري سگهو ٿا.؟
    • جيڪڏهن توهان وٽ ڪو ناياب ڪتاب ڪتابي شڪل ۾ يا اسڪين ٿيل هجڻ جي صورت ۾ موجود هجي ۽ اهو ڪاپي رائيٽ کان آزاد هجي ته ان کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شامل ڪرڻ لاءِ موڪلي سگهو ٿا..
    • جيڪڏهن توهان وٽ ڪنهن ڪتاب جو مواد ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهي ته ان کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شامل ڪرڻ لاءِ موڪلي سگهو ٿا..
    • جيڪڏهن توهان سنڌي ٽائيپ ڪرڻ ڄاڻو ٿا ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ بطور لائيبريرين شريڪ ٿي سگهو ٿا..
    • جيڪڏهن توهان گرافڪس ۽ ڊيزائننگ ڄاڻو ٿا ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ڪتابن جا سرورق بڻائي سگهو ٿا ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ بطورِ گرافڪس ڊيزائينر شامل ٿي سگهوٿا.

    اڄ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جو آغاز ان اميد سان ڪجي ٿو ته هن ذريعي سموري دنيا ۾ موجود سنڌي نه صرف ڀرپور لاڀ حاصل ڪندا پر مقصد جي پورائي لاءِ پنهنجو پورو پورو ساٿ نڀائيندا..


    والسلام
     
    Mozmil، محمد راشد شر، ذولفقار بڙدي ۽ 21 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    دوستن جي ڪاوشن،محنتن ۽ خلوص کي سلام ۽ لکين مبارڪون!
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    تمام سو ادا
    هاڻ اسان جهڙا مفت خور موجن ۾ هوندا
    هڪ ننڊڙو عرض ته سنڌ سلامت تي نئون موضوع ڪيئن ۽ڪٿي لکجي ٿو.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    واه واه بهترين ڪم جس لهڻا دوست تعريف ۾ لفظ ڪجه معنيٰ نه ٿا رکن هي سنڌي ٻولي تي ۽ سنڌين تي سندن احسان آهن جو ڪتابن جا ڪتاب سافٽ ڪاپي ۾ موجود آهن ۽ هي سلسلو هلي پيو پوري سٿ کي سلام ......خوشي جي انتها تي محسوس ڪجي ٿو پاڻ کي ...شڪر الحمد الله
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين ڪم،هاڻي ڪتاب پڙهڻ بلڪل آسان ٿي پيو
    لک قرب سجاد چنا ۽ ٻين دوستن جا
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    تمام
    اهم ۽ وقتائتو ڪم هٿ ۾ کنيو اٿو. اها وقت جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ ڀرپور تعاون ڪبو
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
    بهترين
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مونکي خوشي آهي ته اهو خواب اڄ ساڀيان ٿيو جنهن لاءِ مان اڪثر سوچيندو رهندو هوس. اهو خواب هيو ٽيڪسٽ بيسڊ ڪتاب گهر جو.

    مونکي پنهنجي ٽيم خاص ڪري نوجوان دوستن عبيد الله ٿهيم ۽ سجاد علي چنا تي فخر آهي جن هي سهڻو ٽيمپليٽ چونڊيو، ان تي رات ڏينهن ڪم ڪيو ۽ اسان لاءِ آسانيون پيدا ڪيون جيئن ڪتاب اپلوڊ ڪرڻ ۾ ٽيڪنيڪل پريشانيون نه ٿين.

    مان ٿورائتو آهيان رشيد سمي جو جنهن الجهنن کي سلجهايو، قرب آهن ڊاڪٽر حفيظ لغاريءَ جا، ٿورا آهن گل حسن لاکي جا جيڪي سٿ ۾ شامل رهيا آهن.

    خاص ٿورا انهن ليکڪن، پبلشرن ۽ دوستن جا جن ڪتاب ڪمپوز ڪري موڪليا يا ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    مان پنهنجي پاران هڪ دفعو وري ليکڪ دوستن ۽ پبلشرز کي وري اهو نماڻو عرض رکندس ته ڪتاب موڪليو ۽ علم ۽ ڄاڻ کي عام ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪيو. هي قومي ڪم آهي ۽ اسان جو فرض آهي ته ٻوليءَ جي ترقي لاء ڪردار ادا ڪيون.
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مونکي کوڙ سارن دوستن جا ميسيج، ٽيلفون ڪالز ۽ رايا ملي رهيا آهن. ڪتاب به ملي رهيا آهن. ساڳي وقت دوستن جو صلاحون ۽ تجزيا به ملن پيا.
    دوستو هي شروعات آهي ان ۾ ڪوتاهيون به ٿي سگهن ٿيون پر اوهان جي رهنمائي رهندي ته ڪاميابيون اسان جو مقدر بڻجي وينديون.

    ڪجهه دوستن جا رايا ۽ انهن جا خيال پيش ڪندس
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان جو دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو محسن ۽ ٻوليءَ لاءِ جاکوڙيندڙ شبير ڪنڀار سنڌ سلامت ۽ ڪتاب گهر لاءِ لکي ٿو:

    سنڌي ٻوليءَ لاءِ سِــنڌ سلامت جون خدمتون:

    ’سنڌ سلامت‘ جو نالو انٽرنيٽ تي موجود سنڌين جي لاءِ ڪو نئون نالو ناھي، ڇاڪاڻ تہ سنڌي ٻوليءَ لاءِ لڳاتار ڪا نہ ڪا ڪرت ڪندي ھن سٿ جا ساٿاري سدائين سرگرم نظر اچن ٿا. ھن فورم ’سنڌ سلامت‘ پنھنجي خدمتن جي شروعات ’وي بليٽن‘ وسيلي 15 اپريل 2009ع کان شروع ڪئي، چئن سالن جي سفر کانپوءِ، انٽرنيٽ تي ٻوليءَ جي ضرورتن ۽ سھوليتن کي نظر ۾ رکندي، فورم کي ’زين فورو‘ تي منتقل ڪيو ويو. جنھن لاءِ ائڊمن جو چوڻ آھي تہ کين 10 ڪلاڪ تہ رڳو ڊيٽا لَڏائڻ ۾ لڳا. بيشڪ ھيءُ بنھ توجه طلب پورھيو آھي، پر انھي ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ سھڻي سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ جو مزو ئي پنھنجو آھي، ڇاڪاڻ تہ ’ان سُرڪيءَ جو ساءُ‘ نھايت ئي نرالو آھي، سندن پيار جي پورھئي رنگ لاتو ۽ سنڌ سلامت ’زين فورو‘ تي لڏڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. ان ڪاميابيءَ کانپوءِ فورم تي پنھنجي مُک مقصدن کي وري ورجايو ويو جنھن ۾ ’تعليم، ڊجيٽل قرآن، سنڌي انگريزي ۽ انگريزي سنڌي ڊڪشنري، سنڌ سلامت فونٽ سرور، سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نئين ترتيب، ڊائونلوڊ ۽ يوٽيوب سيڪش جو سڌارو، فورم جي سافٽويئر جي اپڊيشن ۽ ميمبرن لاءِ ايوارڊ وغيرھ‘ شامل ھئا.

    وقت سان گڏوگڏ سٿ جي ساٿارين پنھنجا خواب ساڀيان ڪري ڏيکاريا جيڪي ھيٺين ريت آھن:

    سنڌي ٽيڪسٽ ايڊيٽر:

    ھي بنيادي طور ھڪ بوڪمارڪليٽ آھي جنھن جي استعمال سان ويب برائوزر جي ٽيڪسٽ ايريا ۾ انسٽاليشن کانسواءِ ئي سنڌي لکڻ جي سھوليت موجود آھي ۽ سولو وري ايترو جو، فقط وڻندڙ ويبسائٽ کي بوڪ مارڪ ڪرڻ جيان رڳو ھن کي بوڪ مارڪ ڪري ائڪٽوِ ڪرڻ جي ضرورت آھي پوءِ ھي ٽيڪسٽ ايريان ۾ ڪلڪ ڪرڻ سان پاڻمرادو نمودار ٿي اوھان کي سنڌي لکڻ جي قابل بڻائي ٿو؛ ھيءَ سھوليت ڀرڳڙي صاحب جي ويب سائيٽ تان پڻ آڇي وڃي ٿي. ھيءَ سھوليت انھن دوستن لاءِ خاص طرح فائديمند آھي جيڪي مھمان جي حيثيت ۾ ڪنھن آفس يا ٻئي دوست جو ڪمپيوٽر استعمال ڪن ٿا. ڇاڪاڻ تہ اھڙن سسٽمز ۾ انسٽاليشن جا حق حاصل نہ ھوندا آھن، تنھنڪري جيڪر سنڌي انسٽال نہ بہ ٿيل ھجي تہ بہ سنڌي لکڻ لاءِ ھي سھوليت نھايت ڪارآمد آھي.

    سنڌي سرچ انجڻ:

    ھي ايڪسٽينشن يا ايڊآن گوگل ڪروم ۽ فائر فاڪس برائوزر لاءِ ٺاھي وئي آھي، جنھن کي استعمال ڪندي، ٽيڪسٽ ايريا ۾ گهربل سنڌي مواد لکي ان کي پنھنجي مرضيءَ موجب گوگل يا سرچ انجڻ بنگ تي ڳولي سگهجي ٿو. جنھن جا نتيجا وڊيوز، تصويرن ۽ ٽيڪسٽ ۾ سڄي دنيا جي مختلف ويبسائيٽس تان ملي سگهن ٿا.

    برائوزر لاءِ سنڌي فونٽ:

    ھيءَ سنڌ سلامت سٿ جي نھايت چست ساٿاري پياري عبيد ٿيھيم جي جوڙيل گوگل ڪروم ۽ فائر فاڪس برائوزر جي ايڪسٽينشن ۽ ايڊ آن آھي جنھن جي استعمال سان فيسبڪ، ٽئٽر ۽ ٻيون سنڌي اردو ويبسائيٽون خوبصورت ڏيک ڏيندڙ فونٽ ۾ ڏسي سگهجن ٿيون.

    فونٽ سرور:

    سنڌي ويبسائٽن ۾ فونٽ ايمبيڊنگ سڀ کان پھرين سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن استعمال ڪئي ۽ اڄ ڪلھ ھن جو استعمال عام جام آھي، ھن ۾ فونٽ انسٽال ڪرڻ کانسواءِ ئي ويبسائيٽ مڪمل ويبسائيٽ جو ڏيک، مقرر فونٽن ۾ ڏيکارڻ جي سھوليت رکي ويندي آھي، جنھن ۾ ھڪ وقت ڪيترائي فونٽ ويب سرور تي رکي پنھنجي ويب ۾ انھن کي ايمبيڊ ڪيو ويندو آھي، جيڪي ويسائيٽ سان گڏ سسٽم ۾ عارضي طور لوڊ ٿيندا آھن ۽ ويبسائيٽ کي مڪمل خوبصورت ڏيک ۾ ڏيکاريندا آھن. ايمبيڊنگ جي انھيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي ھن سٿ جي ساٿارين ’سنڌ سلامت‘ فونٽ سرور قائم ڪيو آھي، جتي سنڌي فونٽ ورائٽي موجود ڪئي وئي آھي، جنھن کي فقط ھڪ ڪوڊ لائين لکي ڪنھن بہ ويبسائيٽ ۾ ايمبيڊ ڪري سگهجي ٿو.

    ڪروم سنڌي ٿيم:

    ھي گوگل ڪروم جي ٿيم آھي، جيڪا سنڌ جي ثقافتي تصويرن سان آويزان آھي، جنھن جو ڏيک نھايت وڻندڙ آھي.

    بلاگر ٽيمپليٽ:

    جيئن تہ گوگل جي بلاگر کي استعمال ڪندي ھاڻ سنڌي ليکڪ پڻ، پنھنجا بلاگ جوڙي رھيا آھن ۽ نوان ليکڪ پڻ اھڙا تجربان ڪري رھيا آھن، گوگل جي ھي پراڊڪٽ مفت آھي پر ڇاڪاڻ تہ ان ۾ سسٽم فونٽ ۽ پنھنجو جدا ڏيک آھي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ لاءِ مناسب نہ ٿو لڳي، ان کي نظر ۾ رکندي سڀ کان پھرين، ’ذيشان رشيد‘ ھي ٽيمپليٽ ’اُميدون‘ جي نالي سان جوڙي پيش ڪئي آھي، جنھن جي استعمال سان بلاگ جو فونٽ لطيفي ۽ ڏيک ساڄي کان کاٻي وارو ۽ ڏيک بيحد وڻندڙ ٿي وڃي ٿو. ان کانپوءِ فورم تي ٻيا بلاگر ٽيمپليٽ پڻ جاري ڪيا ويا آھن.

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر:

    ’سنڌ سلامت سٿ‘ ھونءَ تہ ٻوليءَ لاءِ بيحد ڀلا ڪم ڪيا آھن، پر انٽرنيٽ تي ٽڙيل پکڙيل ڪتابن کي ميڙي سيڙي انھن جا پي ڊي ايف جوڙي، انھن کي ھڪ ھنڌ ھٿيڪو ڪرڻ جي ڪرت انتھائي ساراھ جوڳي آھي، ھي ڪم فورم جي جڙڻ کان وٺي جاري آھي پر ان ۾ وڌيڪ وڻندڙ واڌارو اھو ٿيو آھي، جو سٿ جي ساٿارين ’سنڌي ڪتاب گهر‘ جي نالي سان ويب پورٽل جاري ڪيو آھي، جنھن ۾ سنڌي فونٽ ايمبيڊ ڪري ڏيک نھايت وڻندڙ رکيو ويو آھي، ھي ريسپانسو ويب پورٽل نھايت لائيٽ ويٽ آھي، انڪري سسٽم ۾ جلد لوڊ ٿي پنھنجا ڏيک ڏيکاريندو آھي. ھتي ڪتابن کي صنف وار ’ناول، شاعري، ڪھاڻيون، الطاف شيخ جا سفرنامہ، سفرنامہ، تاريخ، فلسفو ۽ سياست، لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تخليقون، شخصيتون ۽ خاڪا، سائنس علم ۽ رسالا، مذھب، ٻاراڻو ادب ۽ مختلف موضوعن‘ ۾ ورھائي فھرست جوڙي وئي آھي، جنھن مان پنھنجي ضرورت آھر ڪتاب ڳولڻ تمام سولو ڪم ٿي پيو آھي. ھن کان اڳ مان پنھنجي ڪمپيوٽر ۾ ڪتاب لاھي رکندو ھئس، تہ جيئن وقت سر پڙھي سگهجن پر ھاڻ دل تسلي ٿي اٿم، ڇاڪاڻ تہ ڪتاب ھتي ھر وقت سٺي ترتيب سان موجود آھن، انڪري فيصلو ڪيو اٿم تہ، انھن کي پنھنجي ڪمپيوٽر ۾ لاھي رکڻ جو جهنجهٽ ڪين ڪبو، پر سڌو سنئون ڪتاب ھاڻ ھتان پڙھبا. نہ رڳي اھو پر سڀ کان وڏو ۽ ڪارائتو ڪم ھي آھي تہ انھن ڪتابن کي ٽيڪسٽ ۾ پڻ رکيو ويو آھي تہ جيئن شاگرد، استاد، اسڪالر ضرورت آھر انھن مان ٽيڪسٽ ڪاپي ڪري ٻيھر استعمال ڪري سگهن.
    ھن ڪم تي سٿ جي ساٿارين کي لک شابسون ڏيان ٿو، پر قوم کي ھٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿو ڪريان تہ ”خدارا! انھن ڪتابن مان ٽيڪسٽ کي مثبت ڪمن واسطي ڪاپي ڪري ضرور استعمال ڪجو، پر استعمال سان گڏ ليکڪ ۽ ڪتاب جو حوالو لکي پنھنجي اخلاقي ذميواري نڀائجو، ائين نہ ٿئي تہ ھنن ڪتابن مان ٽيڪسٽ کڻي پنھنجي نالن سان ڪتب آندو وڃي ۽ اڳتي ھلي، منتظمين کي ھيءَ سھوليت، اسان جي ناڪاري پرڪارن کي ڏسندي بند ڪرڻي پوي“ آئون ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي انتظاميہ کي پڻ صلاح ٿو ڏيان تہ ھن ويب پورٽل کي مثال ڪري وٺو ۽ پنھنجي ويبسائيٽ کي لڳل ڪوڊ کولي علم جو دروازو سنڌي ماڻھن لاءِ کوليو، ڇاڪاڻ تہ علم لڪائڻ لاءِ نہ پر ورھائڻ لاءِ ٿيندو آھي.
    ڏسڻ وارا ڏسي رھيا آھن تہ سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽل عمارت سازيءَ تي ڪم، تمام خلوص ۽ خاموشيءَ سان ھلي رھيو آھي، ھيءَ پڻ حقيقت آھي تہ ھنن ھمراھن ڪڏھن دھل وڄائي پاڻ ڪين پڏايو آھي، نہ ڪي اسان کي بانور ڪرايو آھي، تہ ھو ڪھڙيون ڏکيائيون ڏسي ھي ڪم ڪري رھيا آھن، پرھنن تہ ھرحيلو ھلائي پنھنجو پاڻ ملھايو آھي ۽ ايئين ئي ھر ڪو حال آھر ڪنھن نہ ڪنھن ڪنڊ کان پنھنجو ڪردار نڀائي رھيو آھي. اچو تہ اباڻي ٻوليءَ جي سڌاري، واڌاري، ترقي ۽ ترويج ۾ پنھنجو نور نچوئيندڙ ھنن ھمراھن جي پٺي ٺپري سندن سلامي ٿيون ۽ کين مان ڏئي مٿانھون ڪريون، تہ جيئن ڪُرڪڻ واري ڪِني ڪرت ڪندڙن ۽ اجائي بڪ بڪندڙن مَسھو ماڻھن جي منھن ۾ ڌوڙ پئجي وڃي. مان ’سنڌ سلامت‘ جي ساٿين سليمان وساڻ، رشيد سمي، عبيد ٿھيم، سجاد، حفيظ لغاري ۽ ٻين دوستن کي سندن ڪوششن تي مبارڪون ٿو ڏيان، دعا آھي تہ رب سائين سندن علم ۽ ھنر ۾ برڪتون فرمائي. آمين ”سـنڌي ٻولي، منھنجي ٻولي“
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي ٻين ٻولين سان مقابلي لاءِ سدائين جاکوڙيندڙ دوست ۽ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لينگيوئيج انجنيئرنگ تي ڪم ڪندڙ اسان جي محسن دوست امر فياض جي راءِ:

    مان سنڌ سلامت جي سڄي ٽيم تي جيترو فخر ڪيان سچ ته اهو گھٽ آهي. مان هن ٽيم ۾ نه هوندي به سچ ته پنهنجي پاڻ کي هن سٿ ۾ موجود سمجھندو آهيان.
    هيءَ پروجيڪٽ منهنجي خوابن جي ساڀيان جيان آهي. جنهن لاءِ مان هر فورم هر پروگرام ۾ منٿ ميڙ رکندو پئي آيم.
    ير جس هجي سائين سليمان وساڻ، رشيد سمو، سجاد، عبيد ۽ سڄي سنگت کي جنهن ٽيڪسٽ بيسڊ هيڏو مواد آن لائين ڪرڻ جو سانباهو ڪري نيٺ انٽرنيٽ جي هماليه تي سنڌي ٻوليءَ جو جھنڊو کوڙيو...
    منهنجا مانوارئو منهنجا دوستئو... مبارڪون واڌايون .. سدا سلامت رهو.. جيئن سنڌ سلامت آهي.
    آمين.
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سنڌ سلامت سٿ جي سڀني رڪنن کي واڌايون هجن ۽ انهن جي محنت ساراهڻ جوڳي آهي ، جڙيا هجو شال ، سدا سلامت رهو
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سنڌ سلامت سٿ جي طرفان هڪ بهترين وک سليمان وساڻ وٽ جڏهن به وڃڻ ٿيندو هو ته هو ڪتابن کي سهڙڻ ۾ لڳو پيو هوندو هو سندس هڪ خواب هيو جيڪو پورو ٿيو........

    سنڌ سلامت سٿ جي سڀني رڪنن کي واڌايون هجن ۽ انهن جي محنت ساراهڻ جوڳي آهي
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    جس هجي سنڌ سلامت ٽيم جي دوستن جن هڪ وڏي ڪم ۾ هٿ وڌو ۽ ان کي ڪاميابي ڏانهن کڻي ويا
    اڃان به دوستن جون ڪوششون جاري آهن
    ڪجهه ڪتاب مون وٽ به آهن جيڪو ٽائيپ ٿيل آهن اهي دوستن کي موڪلي ڏيان ٿو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين لاڳاپيل فورم ۾ وڃي کاٻي پاسي "نئون موضوع موڪليو" جي عنوان سان نيري رنگ جو بٽڻ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تمام بهترين ڪوشش آهي، ڏاڍي خوشي جي ڳالهه آهي جو هاڻ سنڌي ٻولي ۾ ڪتابن جو هڪ کليل ذخيرو انٽرنيٽ تي مهيا ڪيو ويو آهي، اسان جهڙا مست ڪتابن جا ڪيڙا هاڻي بنا ڪنهن پئسي ڀرڻ جي اهڙي پيج تي ڀيرو ڀري علم ۾ اضافو ڪندا....
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. شاهنواز جتوئي

    شاهنواز جتوئي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2016
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين تمام بهترين ڪوشش آهي. سنڌ سلامت زنده آباد....
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. Mujeeb Rehman

    Mujeeb Rehman
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جون 2016
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    58
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Givt.Employee
    ماڳ:
    Dadu
    تمام بهترين ڪوشش ماشاءالله
    جس ۽ مبارڪون لهڻن سڀ دوست جن جون محنتون آھن..سچي دل سان ۽ خدمت جو احساس رکي ڪيل محنتون سدائين مٺو ميوو ماڻينديون آھن.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي واڌايون، خاص طور ڪتاب گهر تي ڪم ڪندڙ ٽيم جس لهڻي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت ويب سائيٽ، سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان سهڻي، ڪارائتي ۽ پاڻ ملهائيندڙ ويب سائيٽ آهي، دوستن جون مسلسل ۽ ڪارائتون ڪاوشون هميشه ساڀيان ٿيون آهن، سنڌ سلامت ڪتاب گهر به سنڌ سلامت جي انتظاميه جوهڪ ڪارائتو، لاڀائتو ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ انمول قدم آهي، هن ڪتاب گهر ۾ ڪيترائي ڪتاب موجود آهن ۽ وقت سر اڃان واڌ ٿيندي رهندي ... ڇاڪاڻ ته دوست پرازم ۽ جاکوڙي آهن ...
    آءُ سلام ڪريانٿو سنڌ سلامت جي سموري انتظاميه کي ۽ خاص طور تي رشيد سمون، سليمان وساڻ، عبيد ۽ سجاد کي ....
    اميد ته سنڌي نوجوان علمي، ادبي ۽ تاريخي مواد ڳولهيندي سنڌ سلامت ويب سائيٽ جي سهائتا ضرور وٺندا رهندا ...

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا .....
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جون 2016
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو