فقير امداد علي سرائي جون سائين جي ايم سيد جي باري ۾ ساروڻي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2016۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    فقير امداد علي سرائي جي سائين جي ايم سيد جي باري ۾ ساروڻي

    خدابخش جويو

    فقير امداد علي سرائي لطيفيات جو وڏو ڄاڻو هو. هن فقير عالم خان ڪاٺيي جي گهر ۾ ڪاٺياواڙ محلي نصير آباد، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 4 سيپٽمبر 1936ع تي جنم ورتو.ابتدائي تعليم نصير آباد مان ۽ مئٽرڪ ڪراچي مان ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بي ڪيائين. ٺٽي ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلرڪ طور ملازمت ڪيائين، بعد ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار،انچارچ مختيارڪار ۽ آفيس سپرنٽينڊنٽ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن رهيو. هن ٺٽي ۾ نوڪري ان ڪري ورتي ، جو کيس ننڍي هوندي کان شاهه جي رسالي سان لڳاءُ هو ۽ هو چوندو هو ته رسالي جي ستر سيڪڙو ٻولي لاڙي آهي. شاه جي رسالي جي ابتدائي سکيا ۽ تعليم مرحوم فقير طيب جت کان ورتائين. جيڪو لطيف سائين جي 120 حاضري فقيرن مان نهيٽي فقير جت جو تڙ پوٽوهو. ان کان سواءِ فقير عبدالله ميمڻ، فقير حاجي صديق فقيراڻي جت (ڪيٽي بندر) ، فقير حاجي خميسي چانڊيي ۽ فقير رمضان جت جو صحبتي هو.فقير رمضان جت جو والد فقير احمد جت ڊاڪٽر دائود پوٽي سان رسالي جي ترتيب ۾ ڪافي وقت مددگار رهيو هو. سرائي امدا عليءَ، شاه جي ڪلام جي تحقيق ۽ اڻ ڇپيل ڪلام هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٻه ڀيرا رڻ ڪڇ ، ٻاڙ مير، آدي پور، گانڌي دام، احمد آباد، ڪلياڻ ڪيمپ (الهاس ننگر) ۽ بمبئي جو سفر ڪيو.جتي هن جون ملاقاتون حاجي بصريي جت، آگي جت، آدم جت، سيد محمد شاه نابين ۽ مائي مِٺان سان ٿيون. هن شاهه جي قدمن جي سلسلي ۾ نارائڻ سر، ڪوٽيسر مندر، ڏيڻودر جبل (تعلقي نکراٽي)، لوڻيا ڳوٺ ۽ هبي توڙي ٻين قديم تاريخي ڳوٺن جو چڪر هنيو.

    فقير امداد سرائي جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: 1. املهه اڻ توريا (شاه جا اڻ ڇپيل بيت) 2. قدم ڪاپڙين جا 3. ڪشتي منجهه ڪڻا. ان ڪتاب تي کيس 10 هزار روڪ ۽ 5 تولا سون جو ايوارڊ مٽياري ساداتن کان مليو. هن 16 سيپٽمبر 2002ع تي وفات ڪئي.

    شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري تي مهارت رکندڙ فقير امداد علي سرائي، سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کان پوءِ پنهنجون ان متعلق ساروڻيون بيان ڪندي چيو هو ته:” سائين جي ايم سيد، شاه جي شاعري جو وڏو پارکو ۽ عالم هو.

    ڌوڌڻ ڌمڻ ڇڏيو، اجهاڻيا اڱار،

    لڏي ويا لوهار، ڪير گهڙيندو رڪ کي.

    سائين جي ايم سيد، شاهه جي رسالي جو وڏو ڄاڻو هو، منهنجي ڄاڻ موجب هو گهڻن تعليمي ڊگري وارن ڊاڪٽرن ۽ پروفيسرن کان شاهه ڀٽائي رح جي رسالي ۽ شاهه جي ٻوليل ٻولي ۾ سهاڻ، سڃاڻ ۽ سمانو عالم هو.سائين جڏهن منهنجا ٻه ڪتاب ”املهه اڻ توريا“ ۽ ”قدم ڪاپڙين جا“ پڙهي ڏٺا تڏهن سندس خواهش ٿي ته آئون سندس اڳيان حاضر ٿيان ۽ ساڻس لطيفي روح رهاڻ ڪريان. مون کي پڻ ساڻس ملڻ جي آس ٿي ۽ مون پڻ سندس اڳيان حاضر ٿيڻ جو پڪو پهه ڪيو۽ ساڻس ڏيٺ ڪئي. جيڪا حيدر منزل ڪراچي ۾ سوا ڪلاڪ تائين هلي. ان کان پوءِ مون کي مرڪي چيائين ته ڪينجهر ڪناري سندس دعوت رٿيل آهي اتي اڪيلائيءَ ۾ کيس شاهه صاحب جي رسالي کان ٻاهر وارا بيت ٻڌائڻ لاءِ وچن ڪيان.

    1991ع ڌاري سائين زمان شاهه جي پجارو ۾ ڪينجهر ڍنڍ تي 2 وڳي حاضر ٿيس. ماني کائي سائين ءَ مون کي نويڪلائي ۾ سندس آرام واري ڪمري ۾ وٺي ويو. سائين جو خادم ماستر غلام قادر کيس زور ڏيندو رهيو ۽ سائين مون کي اشارو ڪيو ته ڪجهه خدا جي ڏني مان کيس ٻڌايان. مون بيت پڙهڻ شروع ڪيا، سائين ڪنڌ ڌوڻي چوڻ لڳو ته فقير تنهنجي ڏاڍي سريلي ۽ صحيح پڙهڻي آهي. پر اهي بيت رسالي جا پڙهيا اٿئي. هاڻ نوان بيت جيڪي رسالي کان ٻاهر ، هندستان مان جت قبيلي کان آندا اٿئي انهن مان ڪي ٻڌاءِ. مون اڻ ٻڌل املهه بيت پڙهڻ شروع ڪيا ته الڻ فقير جيڪو کٽ جي اوٽ ۾ لڪيو ويٺو هو ، ان وچ ۾ هڪ بيت پڙهيو ته سائين ”چپ ڀِڪوڙي“ کيس دڙڪو ڏئي چيو ته ماٺ ڪر ،يا اٿي وڃ، توکي شاهه جا بيت صحيح پڙهڻ نٿا اچن.فقير امداد علي سرائي کي بيت پڙهڻ ڏي. ۽ کيس ويهي ٻڌ. پوءِ مون سندس فرمائش تي سر ليلان مان نوان بيت پڙهڻ شروع ڪيا ۽ آخر سائين هڪ بيت تي روئي ويٺو ۽ کيس بيت ظاهري ۽ روحاني طرح ڏاڍو وڻيو. مون کي داد ڏيندي چيائين ته فقير وڏي جاکوڙ ڪئي اٿئي ۽ شاهه جي ٻولي ۾ مالڪن کان سٺي ڏات ملي اٿئي. منهنجي هٿ وس هجي ته توکي سنڌ يالوجي جو سربراه مقرر ڪرايان . پوءِ مون کي چيائون ته پير حسام الدين شاه راشدي مون سان جيڪا تنهنجي واکاڻ ڪئي سا برابر سچي آهي. جنهن بيت تي سائين روئڻ شروع ڪيو هو اهو هيءُ هو:

    ليلا هيلا ڇڏ، اِي ڪَرِ ڪميڻيون ڪن،

    هرکيو هن هار تي، سودا ڪا نه ڪجن،

    جوڌا پٽ جوڀن جا، مڻي تي نه مٽجن،

    مٿيان ڀلي مٽجن، ڪانڌ مٽائجي ڪين ڪي.

    سائين جي اها ياد هميشه دل تي تازي رهندي مان سندس پونئرن سان شاه جي هن بيت سان عذرخواهي ڪيان ٿو

    وڻجارن وائي، سدا آهي سفر جي

    آيل اها ئي، مون ماريندي ڳالهڙي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 جون 2016
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو