اخلاق

'تعارف' فورم ۾ Shabir Ahmed Qureshi طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2016۔

  1. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    فريزر پلانٽ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ماڻھو ء جي ڪهاڻي .
    ڪم جي ڏينهن جي پڄاڻي ويجهو هجي .تقريبا نڪرڻ جي تياري ۾ هرهڪ هئو .انهيءوچ۾ هڪ ٻوٽي اندر تيڪنيڪي نقص جو پتو پيو ، مان انهي جي خبر گيري درستگي لاء پلانٽ ۾ ٻيهر گهڙيس ته مون کي ڪجه وقت لڳي ويو .پويان دوست لائيٽ وسائي دروازا سيل ڪري نڪري ويا.برف جهڙي ڪمري ۾ لائيٽ ۽ هوا جي بغير ڦاسي پيس. سيل فون جو رابطو به ڪون هئو .بي وسي ۾ برف جي قبر ۾ڄمي وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس.
    ڪلاڪ کن ۾ برو حال ٿي ويو .
    اچانڪ دروازي کلڻ جو آواز ٿيو. اميد سان نهاريم ته چوڪيدار هٿ ۾ ٽارچ کنيو ڪا شي ڳولڻ جي انداز ۾ اندر آيو مون تي نگاه پيس هن ٻاهر نڪرڻ ۾ مدد ڪئي جان بچڻ تي رب جو شڪر ادا ڪيم.
    ٻاهر نڪرندي سندس کان پڇيم ته توهان کي ڪينئن خبر پئي ته مان اندر رهجي ويو آهيان چيائين سائين هن پلانٽ ۾ 50 ماڻهو ڪم ڪن ٿا .جن مان رڳو اوهين صبح ايندي مونکي مسڪرائي سلام چوندا آهيو ۽ نڪرڻ وقت خدا حافظ ڇوڻ نه وساريندا آھيو .اڄ اوهان جو سلام ته ياد هئو پر خدا حافظ جي کوٽ محسوس ڪيم گهڻي هورا کورا ٿي .بي چيني ٿي ته سائين ائين ڪڏهن ڪندو ته نه آهي جو وساري ڪا گڙٻڙ آهي ڪاٿي سائين اندر ته نه رهجي ويو آهي ؟ الحمد الله اوهان جي جان بچي.
    سبق. هن کي اها ڄاڻ ڪان هئي ته هڪ ننڍي عمل کيڪار جو به ايڏو وڏو انعام ملندو جو منهنجي جان بچائڻ جو سبب بڻبو پر توهان کي اها ڄاڻ ضرور هئڻ گهرجي ته نيڪي جو سٻاجهو عمل اوهان جي زندگي ۾ ڪنهن معجزي جو باعث بڻجي سگهي ٿو.
    تعليم رڳو سرٽيفڪيٽ يا ڊگري ڪانهي جو ثبوت طور ڏيکارجي پر حقي زندگي ۾ اسان جو ورتاء سڀاء رويو لاڙو ٻولي طور طريقي جو نالو آھي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو