هيپا ٽائٽس (بي ۽ سي) جون مُفت انجيڪشنون حاصل ڪريو ۽ پنهنجي اولاد تي چيڪ رکو.

'صحت سرير جي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    هر اُن شريف ۽ غريب سنڌيءَ کي اپيل ته پنهنجي نا سمجه اولادن تي مسلسل چيڪ رکندا ڪريو خاص طور اُنهن تي ،جنهن کي ڪنهن (نشائي ۽ نادرشاهي وڏيري) يا (راشِي ڪاموري) يا اهڙي ئي عادتن رکندڙ سندن نشائي اولاد سان اُٿڻ ويهڻ جو گهڻو شوق هُوندو آهي جيڪو پوءِ محفلن ۾ پاڻ کي ڪنهن وڏي ماڻهونءَ جي دوستي نسبت رکي اهڙي دوستيءَ کي ڳائيندو، فخر ڪندو ۽ پڏائيندو ٻئي تي فوقيت رکڻ جوشوقين رکندو هُجي، ۽ توهان به د جي ائين واکاڻ ڪندا هُجو ته مُنهنجي فلاڻي جو فلاڻي وڏيري يا ڪاموري يا ان جي سان دوستي آهي ڇو جو پوءِ متان سندن اهڙي دوستيءَ تي پڇتايو متان پوءِ جنهنجو انت به کيس ان وڏ ماڻهونءَ دوستيءَ جي ڄار ۾ وڪڙي (نشن ۽ بي حيائي ڪمن) جو شڪار نه بڻائي ۽ متان سندن (شامون ۽ راتيون) به نشا (ڀنگ، چرس، هيروئن، ڪچو يا ولائتي شراب) واپرائي فحاشت ۾ گُذرنديون هُجن ۽ توهان بيفڪر ٿي آرامي پيا هُجو . ته جيڪي رات جير سان گهر موٽندا هُجن انهن جي باز پرس ضرور ڪندا ڪريو متان پوءِ توهان کي به..
    هڪ تسلسل سان ٿيندڙ اڀياس موجب ۽ اڄ جون سچائيءَ سان پوئيل (زميني حقيقتون) ٻُڌائين ٿيون ته سنڌ ۾ نشائي نادرشاهي وڏيرن ۽ انهن جي شراب ۾ غرق ٿيندڙ اولادن جي چنبن ۾ ڦاسي انهن جي اوطاقن ۽ اوتارا اسڪولن مان پروان چڙهندڙ (موالي ڪلچر) جي تيزيءَ سان وڌجڻ جي ڪري اڄ سنڌ جو مُفلس، لاچار، (مُفت ۽ ونگار تي پلجندڙ نوجوان) ۽ نادرشاهي وڏيري شاهوڪاري نسل ۾ ڦهلندڙ فحاشيءَ ۽ غير اخلاقي حرڪتن جي ڪري اڄ گهڻي ڀاڱي (نوجوان ۽ 40 کان عمر چڙهندڙ پوڙهو) به چسڪ ۽ ٺرڪ اپنائي (هئپا ٽائيٽس بي ۽ سي) جو مسلسل شڪار ٿيندو وڃي. جڏنهن ته ٻي هنڌ سنڌ ۾ ناپائدار (تعليم ۽ صحت) جي سهولتن کان محروم غريب سنڌي ماڻهون انهن نشائي نادرشاهي وڏيرن جي سازشن جا نشان بڻجي هن ناسوري بيمارين ۾ وڪوڙجي رهيا آهن جنهنجو علاج انتهائي مهنگو ۽ مفلس، لاچار، بي روزگار غريب سنڌين لاءِ ناممڪن ٿي ويو آهي.
    مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ناهي جو اڃان به هن دئور ۾ ڪي ڀلائيءَ واريون تنظيمون پنهنجي زڪوات ۽ خيرات جي فندن مان اهڙن علاج جي خاتمي لاءِ اهي مهنگي ۾ مهنگيون ادوائون گهرائي في سبيل الله اهڙن بيمارن جي مدد لاءِ تيار آهن جن جا هيٺ ڏنل موبائل نمبر رابطي لاءِ توهان سان سهڪار ڪري مدد ڪندا ۽ توهانجي بيماري به راز ۾ رکندا.
    جي توهان به ان نادرشاهي وڏيرن ۽ سندن اوطاقن ۾ شام ۽ رات جي محفلن ۾ انهن معيوب حرڪتن جو شڪار ٿي(چرسي، موالي ۽ ڪچو شراپ واپرائيندڙ) بڻجي شڪار ٿي پنهنجي صحت وڃائي چُڪا آهيو ۽ هاڻ پڇڌي راه تي اچڻ چاهيو ٿا ته ته هڪدم اهيٺ ڏنل نمبرن تي رابطو ڪري پنهنجي بيماريءَ (هيپا ٽائيٽس بي ۽ سي) جي لاءِ مُفت اجنيڪشنون حاصل ڪريو ۽ پاڻ کي آئنده اهڙن نادرشاهي وڏيرن جي سازشن کان بچائي باب الاسلام سنڌ جا توحيدي مُسلمان ٿي وڃو.
     
    اعجاز علي ڏهوٽ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. انيل نارائڻ

    انيل نارائڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2015
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    تمام بهترين سهڻا سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو