صوفي ازم آخر ڪهڙو هڪ پي. ايڇ ڊي ڊاڪٽر جو قوم کان کُلو سوال

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    صوفي ازم-آخر ڪهڙو؟ ڊاڪٽر فهميده حسين جو پوري قوم کان کُلو سوال؟
    [​IMG]
    آءٌ سمجهان ٿي ته اسان کي سنڌ ۾ صوفي هئڻ بابت ڪا دعويٰ ڪرڻ کان اڳ واضح ڪرڻو پوندو ته اسان جي ان مان مراد ڇا آهي؟ ڇا قلندر جي ميلي تي ڇير پائي ڌمال هڻندڙ سلفي جا سوٽا هڻندڙ بي عمل مجذوب فقيرن ۽ فقيرياڻين (پنجاب مان گهڻو ڪري آيل) گيڙو رنگ جا ڪپرا، ڳچيءَ ۾ مالهائون، ٻانهن ۾ ڪڙا پائي ڦيريون پائيندڙن کي هاءِ لائيٽ ۽ رومانٽسائيز ڪرڻ گهرجي؟ ڇا اهو صوفي ازم آهي؟ ائين ڪرڻ سان اسين خود ان سنڌ جي صوفي ازم جي ڪهڙي خدمت ڪري رهيا آهيون جيڪو شاهه لطيف، شاهه عنايت يا سچل سرمست جو ابن العربيءَ کان متاثر عملي زندگيءَ جو فڪر هو! جيڪو هنن شاعرن پنهنجي سماج ۾ جاڳرتا لاءِ، انسان سڌار تحريڪ جي هڪ پهلوءَ يا جزي طور پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو هو، جنهن ۾ حق ۽ حق پرستيءَ جو سبق آهي، انسان دوستي ۽ ڀائيچاري جو درس آهي، طبقاتي اوچ نيچ ۽ مذهبي، مسلڪي مت ڀيد خلاف تصور آهي، اهو هڪ اعليٰ انساني قدرن ۽ بنيادي انساني حقن جو حامي اعليٰ نظريو آهي، اهو اڄوڪي هن دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيل دنيا ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ جي مقابلي ۾ بيهاري سگهجي ٿو پر دنيا ۾ اهو ان رنگ ۾ هاڻي رهيو ئي ڪونهي، اسان جي سماج کي هن وقت عقليت (rationality) واري نظريي جي ضرورت آهي، هڪ ترقي پسند، روشن خيال،سماجي جاڳرتا ۽ سماج سڌار نظريي جي ضرورت آهي جيڪو انسان دوستيءَ ۽ حق پرستيءَ جا گڻ رکندو هجي، موجوده دور ۾ سنڌ جي صوفي مت کي ٻيهر سمجهڻو (redefine) ڪرڻو پوندو. انهيءَ نظريي کي سائنس، ٽيڪنالاجيءَ، معاشي، سياسي، سماجي ترقيءَ جي لاءِ ضروري نظام جي هڪ جزي طور کڻڻو پوندو نه ته اهو اڪيلي سر غلط تشريحن ۽ تصورن جو شڪار ٿي اسان لاءِ ڪارائتو نه رهندو.
    [​IMG]
    اسان ان کي اڄ جي سماج ۾ اڻ سهپ، انتهاپسنديءَ ۽ شدت پسنديءَ جي خلاف هٿيار طور استعمال ڪندي دنيا جي ترقي يافته مهذب ملڪن ۽ تهذيبن وانگر ترقيءَ جا ٻيا سمورا هٿيار به هٿ ۾ کڻڻا پوندا، جن ۾ جديد تعليم، سائنسي علمن ۽ ٽيڪنالاجيءَ ذريعي زهني آزادي ۽ عروج حاصل ڪرڻ جو راز لڪل آهي، تصوف جي نالي ۾ ٿيندڙ مدي خارج، منفي عملن، مزار ڪلچر، موالين ۽ ڌمالين جي رومانس کان ڌار ٿيڻو پوندو، پنهنجن مفڪر شاعرن کي محض پڙ وجهڻ، مرادون پنڻ ۽ پٽ ڏيڻ وارا پهتل پير سمجهڻ بدران، سندن اعليٰ فڪر ۽ سماجي آدرش جي حصول لاءِ ڪيل شاعريءَ جي اهڙي سمجهاڻي ڏيڻي پوندي، جنهن سان اسان جي ماڻهوءَ جي سوچ آزاد ٿئي، سماج ۾ روشن خياليءَ کي فروغ ملي. انهن جي پيغام کي هن موجوده دور سان سلهاڙڻو (relate ڪرڻو) پوندو. ان لاءِ جيڪي قدم کڻڻا ضروري آهن اهي سوچي سمجهي کڻڻا پوندا، باقي صوفي يونيورسٽيون قائم ڪري، ماڻهن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ بدران صوفي سلسلن ۽ طريقن جي تعليم ڏيڻ سان ڪجهه هڙ حاصل ٿيڻو ڪونهي!
    سن 2014 ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ بين الاقوامي صوفي ڪانفرنس ”مست الست“ جي سري سان ڪوٺائي وئي هئي جنهن ۾ مون به حصو ورتو هو، (ان کان اڳ به مون اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيل ڪجهه اهڙين ڪانفرنسن ۾ پنهنجا پيپر پڙهيا هئا) ڇو جو بنيادي طرح آءٌ صوفي ازم جي انسان دوست، روشن خيال، رواداري واري سيڪيولر سوچ ۾ يقين ٿي رکان، پر مٿي ذڪر ڪيل ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ مون کي اندازو ٿيو ته هاڻي صوفي ازم کي دنيا ۾ هڪ ٻئي رنگ ۽ رخ ۾ جياريو پيو وڃي ۽ ان جي انسان سڌار (reformation) تحريڪ جي بدران صوفي سلسلن ۽ مسلڪن جي ترقي، ترويج ۽ فروغ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ اسين هروڀرو ان کي پنهنجي صوفي شاعرن سان سلهاڙي انهيءَ جي نئين روپ کي سگهارو ڪري رهيا آهيون جيڪو سنڌ جي اصلوڪي روپ مٿان هاوي پئجي سگهي ٿو. سنڌ جي صوفي مت جو ته بنهه پنهنجو الڳ فڪر ۽ فلسفو آهي.
    [​IMG]
    انهيءَ ڪانفرنس ۾ سموري دنيا مان مختلف ملڪن ۾ موجود پيرن، قلندرن، مذهبي شخصيتن جي روضن، درگاهن، ۽ صوفي شاعرن جي مزارن جي سجاده نشينن يا انهن سان لاڳاپيل مذهبي عالمن کي گهرايو ويو هو جن کي ٻڌڻ جو موقعو مليو جن تصوف جي مختلف مڪتبه فڪر- چشتي، قادري، سهروردي ۽ نقشبندي وغيره وغيره بابت پنهنجا پيپر پڙهيا ۽ انهن طريقن ۾ مذهب جي تصور سان گڏ تبليغ جو به فرض ادا ڪيو، ان وچ ۾ مولانا رومي ۽ سندس مثنويءَ مان ۽ ٻين فارسيءَ جي استاد شاعرن جي ڪلام مان روحانيت ۽ مابعدالطبعياتي تجربن بابت ڏاڍا پر مغز پر بنيادي طرح مذهبي رنگ ۾ رنگيل مقالا ٻڌاسين.
    [​IMG]
    ان ڪانفرنس ۾ گيڙو رنگ جا اسڪارف پاتل نوجوان به هئا ته مختلف صوفي طريقن جي پوئلڳن کي پاتل مخصوص قسم جا طُرا پٽڪا ۽ ٽوپيون به هيون، وچ وچ ۾ رقص ڪندڙ درويش (whirling Dirwesh) وارو ناچ به اسڪرين تي پيش ڪيو ويو، اسين به ٺهي جڙي سنڌ جي صوفين جي انسان دوستي، برابري، ڀائپي، امن، انصاف، رواداري ۽ سيڪيولر وچ تي ڳالهائڻ لاءِ پنهنجا مقالا انگريزي ۽ اردوءَ ۾ لکي ويا هئاسين. پر ٿيو ڇا ته انهن سمورن صوفين ۽ سندن مداحن جي ميڙ کي سنڌ جي صوفين ۽ انهن جي ان فڪر ۽ فلسفي بابت ٻڌڻ سان ڪا دلچسپي ڪا نه هئي ۽ جڏهن سنڌ جي صوفي ازم جو سيشن شروع ٿيو ته اهو هال صفا خالي ٿي ويو جيڪو صبح کان کچاکچ ڀريل هو ۽ سامهون اسٽيج تي ويهڻ کانپوءِ ڏٺم ته مشڪل سان ويهه ڄڻا، سي به سڀ سنڌي اسان کي ٻڌڻ لاءِ ويٺا هئا، (هڪڙو ترڪي اسڪالر ڪنهن سبب اتي ويهي رهيو هو – ڪا مجبوري هوندس).
    سو سائين اسان جو سنڌ جو صوفي ازم ڪنهن جي لاءِڪا به اهميت نٿو رکي، اڄ ڪلهه صوفي ازم جو جيڪو گهڻو پرچار ڪيو پيو وڃي ۽ ڪانفرنسون، صوفي فيسٽيول وغيره پيا ٿين، اهو نج پج ظاهر پرست ملن جي مذهب جي خلاف مشهور صوفي مسلڪن طريقن ۽ سلسلن جي نسبت سان متبادل مذهبي رخ سان تبليغ جو طريقو آهي. هن سال به ڪلچر ڊپارٽمينٽ طرفان ٻي صوفي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، ان جي ابتدائي تيارين وارين گڏجاڻين ۾ مون اهڙو احتجاج به رڪارڊ ڪرايو، جنهن جو ڪجهه اثر ٿيو الائجي نه، اهو مون کي معلوم ٿي نه سگهيو جو آءٌ ان ڪانفرنس ۾ حاضر نه ٿي سگهي هئس.
    ڊاڪٽر فهميده حسين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو