الطاف شيخ چنڊ چوانءِ سچ : الطاف شيخ

'الطاف شيخ جا سفرنامه' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (161) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ نامياري سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ جو لکيل آهي.
    الطاف شيخ جا پڙهندڙ کانئس هن قسم جا سوال پڇندا رهن ٿا: مختلف ملڪن ۾ نمازن جا ٽائيم ڇا آهن؟ اهي ملڪ جِتي 22 ڪلاڪ ڏينهن يا رات ٿئي ٿي ته پوءِ اهڙن هنڌن تي نماز يا روزي جا وقت ڇا ٿين ٿا؟ دنيا جا مسلمان هڪ ئي ڏينهن تي عيد ڇو نٿا ڪن؟ عيد يا رمضان شروع ٿيڻ جي تاريخ جو پهرين حِساب ڪِتاب ڇو نٿو ڪيو وڃي جيئن سج لهڻ ۽ سج اڀرڻ جو توڙي سامونڊي وير لهڻ ۽ چڙهڻ جو اڳواٽ ڪيو وڃي ٿو. نوري سال ڇا آهن؟…. ان قسم جا انيڪ سوال جن جو واسطو ائسٽرونامي (Astronomy) يعني علم فلڪيات سان آهي ۽ جيڪو سبجيڪٽ تعليم دوران مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهايو وڃي ٿو ۽ الطاف جو اهو سبجيڪٽ دلپسند رهيو آهي. هن اهڙن سوالن کي مد نظر رکي الطاف سائنسي انداز ۾ پڙهندڙ کي آسان طريقي سان سمجھايو آهي. ان کان علاوه هن ڪِتاب ۾ الطاف شيخ جا مختلف عنوانن تي لکيل مضمون پڻ آهن، جيئن ته:

    • غلط انگريزي لکڻ واري ڇوڪري.
    • چمچاگيريءَ جي موسم
    • ولايت جي نوڪري ۽ اسين
    • ڄمڻ کان اڳ نانيءَ مهانڊو
    • پوليس کي شڪ آهي ته مون پڄائي آهي.

    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن پاران 2009ع ۾ ڇپرايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



     

هن صفحي کي مشهور ڪريو