ايم ڪيو ايم سياسي سبق ڪڏهن سکندي؟

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    ايم ڪيو ايم سياسي سبق ڪڏهن سکندي؟

    شفيق الرحمان شاڪر

    سنڌيء ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي ته “ چري ڪيئن؟ چئي؛ چري ويران وير وڌ!” اها چوڻي ايتري ڏکي به ناهي جو سمجھ ۾ نه اچي سگھي البته ڪو ڏسي وائسي اها چوڻي سمجھڻ ئي نه چاهي ته اهڙن ڏاڍزورن کي ڇا ٿو ڪري سگھجي!مطلب ته چريء جي علاج ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويئي،ڊاڪٽرن.حڪيمن،پيرن فقيرن کان ويندي ڀوپا ۽ عامل به آزمايا ويا ان سڄي جدوجهد کان پوء به ڪو چريء جو حال پڇي ٿو ته آهي ڪو سڌارو مستانيء جي طبيعت ۾؟ جواب ملي ٿو ته انهن علاجن کان پوء هيڪاري سندس چرپڻ وڌي ويئي آهي.يعني “ مرض بڙهتا گيا جون جون دوا ڪي.” اسان جي ملڪ ۾ ڪجھ ماڻهن ۽ گروهن يا جماعتن کي سياسي فوبيائن ۽ نسلي ماليخوليائن جون بيماريون شروع کان وٺي لڳل آهن.مثال؛ پنجاب جي هڪ مخصوص طبقي کي جيڪو پوري ملڪ جو پنهن جو پاڻ کي ئي “عقلي ڪريم” سمجھندو رهيو آهي، اهو سمجھي ٿو ته ننڍن صوبن جو اڪثر عوام يا ته سياسي بلوغت ۽ دانشوراڻي بصيرت کان خالي آهي يا انهن جي ملڪ سان محبت ئي مشڪوڪ آهي.ان ڪري انهن صوبن جي عوام جي راين،مشورن،مطالبن،اعتراضن ۽ خدشن تي سنجيده ٿيڻ جي قطعي ضرورت ناهي.انهيء نام نهاد “ محب وطن ” طبقي جي مجموعي سوچن ۽ روين جو پوسٽ مارٽم ڪبو ته صاف شفاف لباسن جي هيٺان ايڏي ته تاريخي گدلاڻ ۽ گندگي نظر ايندي جنهن جي بدبوء پوري ماحول کي اهڙو ته متفعن ڪندي رهي آهي جو پاڪستان جي هڪ وڏي حصي هميشه لاء علحدگي اختيار ڪري سک جو ساه کنيو.پر پنهن جن غلطين،هٺ ڌرمين،ناانصافين ۽ نفرت انگيز سلوڪ تي نظرثاني ڪرڻ بدران اڄ به ساڳيو طبقو بنگالين کي ئي هر ڏوه جو ڏوهاري قرار ڏئي ٿو.اهو محض هڪڙو طبقو ئي ناهي پر هڪ طاقتور مافيا آهي جيڪا ظلم به ڪندي آهي ۽ مٿان وري وڏي چالاڪيء سان پنهن جو پاڻ کي معصوم ۽ مظلوم به ثابت ڪري ٿي.هونئن ته ملڪ جي تاريخ انهن جي ان “ حب الوطنيء” جي ڪارنامن سان ڀري پيئي آهي ۽ انهن “قومي وحدت” ۽ “ملڪي يڪجهتيء” لاء جيڪي “قربانيون” ڏنيون آهن انهن جا اڪيلا گواه صرف اهي پاڻ ئي آهن پر هتي اسان صرف هڪڙو مثال ڏيون ٿا ان ڳالهه جو ته انهن کي پاڪستان ۾ رهندڙ ٻين ڪمزور قوميتن جو ڪيترو درد ۽ احساس آهي! اهو معاملو آهي ڪالا باغ ڊيم جو جنهن جي اڏاوت کي پنجاب کي ڇڏي ڪري سڀ صوبا متفقه طور تي رد ڪري چڪا آهن پر سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جو اهو “ محب وطن”طبقو ان معاملي مان هٿ پٽي.وقت به وقت اهو سرندو اڃا تائين وڄندو رهي ٿو ۽ انهن جي نزديڪ جڏهن ننڍن صوبن جي عوام ۾ “سياسي بصيرت” يا “ حب الوطني” جي دولت اچي ويندي ته ڪالاباغ ضرور ٺهندو جو ڪالاباغ ڊيم پنجاب جي مفاد ۾ آهي ان ڪري سمجھو ته پاڪستان جي مفاد ۾ آهي.بهرحال انهن ويچارن سان جيڪر ڪو نفسياتي مسئلو آهي يا ڪا کين ڪا اعصابي پريشاني آهي ته پنهن جو اهو مسئلو هاڻي کين پاڻ حل ڪرڻو پوندو.ٻين ذهني ۽ جسماني طور صحتمند انسانن کي سندن انهن بيمارين سان ڪا دلچسپي ناهي رهي.اهي نڙيون هڻي هڻي پنهن جون نڙيون ڀل سڪائي ويهن پر هاڻي “ وسيع تر قومي مفاد” جي پردي پويان اهڙا مڪر ڀريا ناٽڪ هلي نه سگھندا.اهو ئي طبقو ۽ اهائي سوچ بدقسمتيء سان اسان جي سنڌ ۾ به موجود آهي.هي جيڪي اسان جا مسلمين ڀائر هجرت جو ويس پائي هتي پهتا انهن ۾ بنيادي طور تي ٽن قسمن جا ماڻهو هئا

    هڪڙا جيڪي صرف معاشي ۽ زندگيء جي آسائشن حاصل ڪرڻ جي نيت سان هتي آيا.انهن وٽ نطريي وغيره نالي ڪا شيء نه هئي.بس، ڪليم،قبضا،پئسو ۽ وسيلن تي ڪنٽرول،اهي .ئي انهن جون سرگرميون رهيون ۽ اڄ به آهن.

    ٻيو گروه اهو هو جيڪي واقعي نطرياتي قسم جا سلجھيل،مهذب ۽ درد دل رکندڙ ماڻهو هئا،انهن نه رڳو اهو ته پنهن جو پاڻ کي مهراڻ جي مٽيء جي سڳنڌ سان ملايو پر سنڌ جي جائز حقن ۽ حيثيت لاء به آواز بلند ڪيو ۽ عملي طور تي به سنڌ جي ترقيء ۽ تعمير ۾ سنڌي بڻجي پنهن جو حصو ملايو پر بدقسمتيء سان اڄ اهڙن ماڻهن جي اڪثريت يا ته دنيا ڇڏي چڪي آهي يا هاڻي انهن جو ڪردار تمام گھڻو محدود آهي يا محدود ڪيو ويو آهي.

    ٽيون گروه اهو هو جنهن جي نس نس ۾هتان جي ٻي آباديء خلاف تعصب،بغض ، ڪيني،حسد ۽ نفرت جو زهر ڀريل هوجڏهن حسد ۽ ڪينو دلين ۾ ڇوليون هڻندو آهي ته پوء اها شيء ثانوي بڻجي ويندي آهي ته ان رويي ۽ سوچ جو حاصل ڇا رهيو؟حاسد جو ته نصب العين ئي اهو هوندو آهي ته هن کي ڪا شي ملي يانه پر سامهون واري وٽ جيڪا شي آهي اها ان کان ضرور کسجڻ گھرجي.اهو گروه جنهن 80 جي ڏهاڪن ۾ باقائدي ان زهر جو ٻج سنڌ جي سٻاجھي ۽ پرامن ڌرتيء تي ڇٽيو هو اڄ اهو هرطرف زهردار وڻ پيدا ڪري چڪو آهي، انهيء ٻج کي نالو ڀلي آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس فيڊريش جو ڏيو،متحده قومي موومينٽ جو ڏيو،حقيقي يا حق پرست گروپ جو ڏيو يا وري پاڪستان سرزمين پارٽي جي لقب سان ياد ڪريو،انهن جي تري۾ اها ئي تعصب جي باه دکي رهي آهي،انهن جي پاڙ ۾ اها ئي نفرتن جي اڏوهي لڳل آهي،اهي سڀ بارود جي ڍير تي ويهي باه سان راند ڪري رهيا آهن جنهن جا نتيجا اهي پاڻ ۽ ٻي قوم به ڏسي چڪي آهي،انهن هڪ ڏينهن لاء به اکين تان تعصب جي عينڪ ناهي لاٿي جو شيون انهن کي حقيقت جي روپ ۾ نظر اچي سگھن،سمجھ ۾ نٿو اچي ته اهي ملڪ،قوم ۽ خود مهاجر ڪميونٽيء کي اڃا ڪهڙي ايڊوينچر طرف وٺي وڃڻ گھرن ٿا جتان واپسيء جا سمورا رستا اڪثر بند ملندا آهن.ايم ڪيو ايم سان ماضيء ۾ ٿيل سلوڪ ۽ موجوده سندس بيوسي،سياسي جمود ۽ حالتن مطابق تبديلي جو رستو اختيار نه ڪرڻ وارا سوال اڃا به وڌيڪ سوالن کي جنم ڏين ٿا ته سياست پر ڪنهن جي لاء ۽ ڪهڙي قيمت تي! سنڌين کي سندس ماضيء ۾ ڏنل گھاء ئي ڪي گھٽ ناهن جو سندن سنڌ ورهائڻ جي تازن مطالبن تي ڪا شڪايت ڪجي.جن ماڻهن جي پنهن جي بقا ۽ سلامتي،.پنهن جو سياسي مستقبل ۽ ماضيء جا سڀ صدما ذهني طور تي مفلوج ڪنهن هڪڙي اڌ چريي انسان جي خوشين جي قربان گاه تي صدقو ٿيندا هجن،انهن کان ٻي ڪهڙي اميد رکجي ته اهي هتان جي اصل ڌرتي ڌڻين جي دلين جا گھاء نه کريندا،زخمن تي نمڪ پاشي نه ڪندا،ماضيء جي زيادتين تي پشيمان ٿيندا،اڳتي لاء صوبي جي گڏيل مفادن لاء گڏجي جدوجهد ڪندا،پنهن جي جنم ڀوميء جي سيني تي ورهاست جي خوني لڪيرن جا خيال نه چٽيندا،شايد اڃا اهو سبق سکڻ لاء ايم ڪيو ايم لاء مناسب وقت نه آيو آهي يا وري اها اهو سبق سکڻ ئي نٿي چاهي،ڪراچيء ۾ پاڻي ۽ صفائي جو مسئلو هجي ته به نئين صوبي مطالبي جي ڌمڪي،ميئرن کي اختيار نه ملن ته به سنڌ تي چڙهائي،ڏوهاري ماڻهو گرفتار ٿين تڏهن به ڏوه سنڌ ڪيو.لڳي ٿو ته بليڪ ميلنگ،ڌمڪين ،دڙڪن ۽ دهمان جي سياست ايم ڪيو ايم جي فطرت ۾ ايترو ته رچي وسي ويئي آهي جو جو اها ٽريڪ تبديل ڪرڻ ايم ڪيو ايم جي وس ۾ نه رهيو آهي پر اها ته ڏاڍي خطرناڪ راند آهي جيڪا ايم ڪيو ايم مسلسل کيڏي رهي آهي،ان حقيقت کي وساريندي ته پٽاخا ٻاري سدائين ٻين طرف اڇلائڻ دوران ڪڏهن ڪڏهن پنهن جا ئي هٿ سڙي پوندا آهن.هٿ سڙندا رهن ٿا پر تعصب ۽ نفرتن جي نشي ۾ اذيت جو ڪو احساس في الحال ته نٿو ٿئي، آخر ۾ ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار جنهن پاڻيء جي لاء مظاهري جي موقعي تي سنڌ ۾ هڪ دفعو وري نئين صوبي جي ڳالهه ڪئي آهي ان جي لاء اقبال جي هيء سٽ لکبي ته

    “ اگر ميرا نهين بنتا تو نه بن، اپنا تو بن!”
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو