راجا ڏاهر ۽ ساڻس لاڳاپيل تاريخي واقعا

'ڪالم' فورم ۾ فهيم فدا شورو طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2016۔

  1. فهيم فدا شورو

    فهيم فدا شورو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    تعليم کاتي ۾ استاد
    ماڳ:
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    راجا ڏاهر ۽ ساڻس لاڳاپيل ڪجهه تاريخي واقعا- قسط پهرين
    (فهيم فدا شورو/مسڻ وڏي)

    * راجا ڏاهر ڪير هو؟
    راجا ڏاهر سنڌ جو آخري برهمڻ حڪمران ٿي گذريو آهي. سندس پيدائش راجا چچ جي گهر ۾ 661ع ڌاري ۽ مرتئو 712ع ڌاري سنڌ جي فتح دوران ٿيو. سندس ڏاڏي جو نالو “سيلائج” ۽ سندس وليعهد پٽ جو نالو “شهزادو جئيسينه” هو، جنهن کي تاريخ ۾ “جئيشينهه” به سڏيو وڃي ٿو. جئيشينهه جو عربي ترجمو “المظفر بالاسد” ۽ فارسي ترجمو “شيرِ فيروز” يعني فاتح شير ٿيندو. جئيشينهه پنهنجي نالي جيان واقعي بهادر، ويڙهاڪ ۽ جنگجو پهلوان هو. 712ع واري معرڪي ۾ سندس بهادري جا جوهر اڄ به سنڌ جي تاريخ جو اهم حصو آهن. راجا ڏاهر جو مائٽاڻو نالو “ڏاهر سين” هو. پاڻ هندو ڌرم جي برهمڻ شاخ مان هو. سندس حڪمراني جي دائري ۾ موجوده سنڌ کان علاوه پنجاب جي سرائيڪي پٽي پڻ شامل هئي. برصغير هند و سنڌ ۾ عربن جي پهرين ڪاهه دوران بنو اميه خلافت جي عرب سپهه سالار محمد بن قاسم سندس بادشاهي جو تختو اونڌو ڪيو. راجا ڏاهر هڪ بهترين فرمانروا هئڻ کان علاوه رمل جي علم جو به ماهر هو. سندس مجلس ۾ هر وقت رمل توڙي ٻين علوم و فنون جي ماهرن جو گهڻو تعداد موجود رهندو هو. سندس خاندان جو حڪومت ۾ هجڻ ڪو نسل در نسل نه هو پر سندس پيءُ راجا چچ بن سيلائج کي برهمڻ خاندان جو پهريون حڪمران چيو وڃي ٿو. چچ بن سيلائج جي مرتئي کان پوءِ سندس ڀاءُ چندر بن سيلائج تخت تي ويٺو. جنهن پوري امن امان سان ست سال حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ چندر بن سيلائج جو پٽ برهمڻ آباد ۾ جڏهن ته راجا چچ جو پٽ راجا ڏاهر اروڙ جي تخت تي ويٺو. يعني ته چندر بن سيلائج جي مرتئي کان پوءِ برهمڻ خاندان جا هڪ ئي وقت ٻه بادشاهه هر هڪ چندر بن سيلائج جو پٽ برهمڻ آباد ۾ ۽ چندر بن سيلائج جو ڀائيٽو راجا ڏاهر اروڙ جي تختگاهه تي حڪومت ڪرڻ لڳا. بد قسمتي سان چندر بن سيلائج جو پٽ برهمڻ آباد ۾ پوري عدل و انصاف سان حڪومت نه هلائي سگهيو. خدشو هو ته ٻاهريون قوتون انهي موقعي مان فائدو وٺي حڪومت هلائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿين ان ڪري “ڏاهر سين بن چچ بن سيلائج” مڪمل طرح پوري سنڌ ۽ سرائيڪي پٽي جو مهاراجا بنجي ويو. مهاراجا ڏاهر جي نه صرف سمورن شاهي ڪارندن اطاعت قبول ڪئي پر کيس سنڌ جي عوام الناس ۾ پڻ عدل و انصاف جي حوالي سان نمايان مقام حاصل هو.

    * سنڌ جي تاريخ تي قديم ترين ڪتاب: چچ نامو
    سنڌ جي سونهري تاريخ تي مبني ڪتاب چچنامو غير معمولي حيثيت رکندڙ ناياب ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو اصل نالو “فتح نامه سنڌ” آهي. جڏهن ته مهاراجا ڏاهر جي پيءُ راجا چچ بن سيلائج جي نالي جي ڪري هي ڪتاب علمي ادبي حلقن ۾ “چچنامو” جي نالي سان وڌيڪ مشهور ۽ مقبول ٿيو. چچنامو نه صرف سنڌ جي سونهري تاريخ جو بنيادي ڪتاب آهي پر پوري برعظيم توڙي هند و سنڌ جي تاريخي سلسلي جو آڳاٽو ڪتاب پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اسلام کان اڳ وارين حڪومتن جي باري ۾ ڪافي تاريخي مواد شامل آهي. ان کان علاوه سن 15 هجري کان وٺي سنه 96 هجري (637ع کان 714ع) تائين سياسي پسمنظر ملي ٿو. هي ڪتاب اصل ۾ عربي ٻولي ۾ لکيل آهي. سڀ کان پهرين هن ڪتاب جو ترجمو فارسي زبان ۾ ڪيو ويو ان کان پوءِ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ٻولين ۾ وقت بوقت ترجما ٿيندا رهيا.

    تاريخ جهڙي نازڪ موضوع جو تحقيق سان بنهه گهرو تعلق آهي. تاريخ هجي ۽ تحقيق نه هجي، ته اها تاريخ صحيح معنيٰ ۾ تاريخ نه ٿي سگهي. يا ائين کڻي چئجي ته تحقيق کان سواءِ تاريخ اڻپوري آهي ته انهي ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ان ڪري ضروري آهي ته تاريخ کي تحقيقي تناظر ۾ ئي پيش ڪيو وڃي. انهي ڳالهه جي برعڪس هن ڪتاب ۾ تاريخ کي تحقيق جي بجاءِ افساني جو رنگ ڏنو ويو آهي. جيڪا هڪ حوالي سان تاريخ سان نا انصافي ضرور آهي. ڪيڏو نه بهتر هجي ها جيڪڏهن تاريخ کي افساني جي رنگ ڏيڻ بجاءِ تحقيق جي تناظر ۾ پيش ڪيو وڃي ها ته هوند هن ڪتاب جي قدر و قيمت ۾ اڃان به وڌيڪ بي بها اضافو ٿي وڃي ها. بقول فارسي شاعر جي ته،
    زبان یار من تُرکی
    و تُرکی من نمی دانم۔
    “منهنجي يار جي ٻولي آهي ترڪي ۽ (افسوس جو سندس) ترڪي ٻولي مون کي (سمجهه ۾) نه ٿي اچي.”
    غير تحقيقي تاريخ کي سونهري تاريخ جو درجو ڏيڻ هڪ نامناسب عمل آهي. انهي نام نهاد تاريخ جي ڪري ئي ايامن کان منجهيل مسئلا ڏينهن و ڏينهن مشڪوڪ ٿيندا پيا وڃن. 712ع ڌاري سونهاري سنڌ جي واڳ ڌڻين مٿان اسلام جي نالي تي لڳل راتاهو به ان ڏس جي هڪ ڪڙيءَ سمجهڻ کپي.

    * سنڌ جي تاريخ ۾ ايامن کان تحقيق جون منتظر چند ڳالهڙيون
    *). ڇا مهاراجا ڏاهر ڪٽر برهمڻ ٿي ڪري، پنهنجي سَڳي ڀيڻ سان لانئون لهي سگهي ٿو؟؟؟ (شادي ڪري سگهي ٿو؟)جڏهن ته هندو ڌرم جو هر فرد پنهنجي رشتيداري ۾ سئوٽ، ماسات، پڦاٽ، ماروٽ کي پنهنجي اصل ڀيڻ سمجهي ساڻس لانئون نٿو لهي. ويجهي مائٽي کان هٽي ڪري پري جي رشتيداري ۽ مائٽي ۾ شادي بياهه ڪري ٿو. هندو ڌرم جي پوئلڳ جي ٻانهن ۾ جتي سَڳي ڀيڻ جي راکي ٻڌل هوندي آهي اتي اها راکي سندس سئوٽ، ماسات، ماروٽ ۽ پڦاٽ جي هٿان پڻ ٻڌي ويندي آهي.
    *). عرب فوج جو سپه سالار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل محمد بن قاسم سترهن سالن جي ڄمار ۾ دنيا جي ان طاقتور حڪومت سان مهاڏو اٽڪائي مٿس فتح حاصل ڪري سگهي ٿو، جنهن کان فارس شهنشاهيت جهڙيون سپر پاور قوتون پنهنجي دشمنن سان جنگ و جدال جي وقت سفيد هاٿين ۽ سپاهه جي مدد گهرنديون هيون.
    *). سنڌ جي فتح جي دوران عربن جي طاقتور فوج جو سربراهه سترهن سالن جي عمر جو هڪ نوجوان آهي. جڏهن ته سنڌ ڌرتي جي مهاراجائن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ ڪنهن ايري غيري کي به ميري اک کڻي ڏسڻ جي همت نه ٿيندي هئي. دنيا جي هيڏي وڏي طاقت سان اکيون اکين ۾ ملائڻ لاءِ ڪنهن تجربيڪار، ماسٽر مائينڊ ۽ ڏاهي سپهه سالار جو هجڻ مڃڻ جوڳو آهي جيڪو پوري فوج جي اهڙي ريت ڪمانڊنگ ڪري جنهن سان فتح حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي پوي. جڏهن ته ان جي برعڪس سپهه سالار جي وهي فقط سترهن سال آهي جنهن کي پنهنجي ملڪ جي نيشنلٽي به پوري نه آهي. اڄ به جيڪڏهن اسان دنيا جي دستور کي سامهون رکي ڏسون ته ارڙهن سالن کان گهٽ عمر واري کي پنهنجي ملڪ جي نيشنلٽي ۽ قوميت ئي نه ٿي ملي ، يعني ته دنيا کيس ڪنهن ملڪ جي قوم جو فرد مڃڻ لاءِ ئي تيار نه آهي ته پوءِ سنڌ ڌرتي جي مهاراجا سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ هڪ سپهه سالار جي عمر سترهن سال ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟
    *). ڪنهن اُتاهين ۽ دُور دراز ولايت جي سفر تي نڪرڻ وقت ڇا ڪو مسافر پنهنجي پاڻ سان گڏ گهروارين ۽ عورتن کي گڏ وٺي ويندو هو، جو انهي ڳالهه کي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي جواز طور پيش ڪيو ويو. حقيقت هينئن به ٿي سگهي ٿي ته عرب واپاري ۽ تاجر واپار ڪري، چڱو ناڻو ۽ منافعو حاصل ڪري، عياشيون ڪري غلامن ۽ ٻانهن جي منڊين مان عورتون ۽ ٻانهيون خريد ڪري سنڌ ڌرتي مان بغير اجازت جي پار ٿي رهيا هئا. جتان کين سنڌ جي رهواسين لنگهڻ نه ڏنو. ڇاڪاڻ ته سنڌ ايامن کان غيرت جو مرڪز رهي آهي. هتي جو هر باشندو ارڏو ۽ غيرتمند هو، آهي ۽ تا دم زيست رهندو. هو پنهنجي ملڪ مان ڌارين ماڻهن کي ٽَڪي عيوض خريد ڪيل ٻانهيون ۽ عورتون ساڻ ڪري بغير اجازت جي لنگهڻ ڪيئن ڏيندو. بلڪل نه !!!! ها اهي عورتون جيڪڏهن انهن عرب لُٽيرن، تاجرن ۽ واپارين جون گهرواريون ۽ زالون هجن ها ته اسان جا سنڌ واسي انهن جو تهه دل سان خير مقدم ڪن ها. سندن مهمان نوازي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين ها. پنهنجو الهه تلهه سڀ ڪجهه انهن عورتن جي عزتن ۽ ناموسن جي مٿان قربان ڪري ڇڏين ها. ڌارين کي ڌارين عورتن سان پنهنجي ڌرتي تان بنا اجازت جي گذارڻ غيرت جي برخلاف عمل آهي. اها غيرت ئي آهي جيڪا خداوند عظيم کي پاڻ سان شريڪ ڪار بنائڻ جي اجازت نٿي ڏئي. ثابت ٿيو ته عربن هٿان سنڌ ڌرتي تي ڪاهه ڪرڻ جو اهو جواز بعينهٖ غلط آهي.
    *). تاريخ ۾ سنڌ جي فتح جو هڪ ٻيو جواز اسلام آڻڻ چيو وڃي ٿو. ان حوالي سان عرض ڪندو هلان ته 712ع کان ته پهرين ئي اسلام سنڌ ۾ پهچي چڪو هو. جنهن جو وڏي ۾ وڏو ثبوت ۽ دليل اهو آهي ته سونهاري سنڌ ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي جان نثار اصحابن جون قبرون اڄ به موجود آهن. جنهن مان پتو پوي ٿو ته اهي اصحابي سڳورا سنڌ ۾ 712ع کان پهرين ئي اسلام پکيڙڻ جي ارادي سان پهچي چڪا هئا. سندن ڪاروبار واپار هو، جنهن کي انهن سڳورن محض پيٽ گذر ڪرڻ جي بطور استعمال ڪيو هو. اهي اصحابي سڳورا هتي ڪمائڻ جي نيت سان بلڪل نه آيا هئا. پر محض رسول الله صلي الله عليه وسلم جي دين اسلام جي اشاعت ۽ تبليغ واسطي آيا هئا.جيڪڏهن سنڌ ڄاوا اسلام ۽ نئين مذهب جا مخالف هجن ها ته سڀ کان پهرين هو انهن اصحابن سڳورن کي ايذاءَ ۽ تڪليفون ڏين ها، قتل و غارت ڪن ها جيڪي کين ابن ڏاڏن جي دين تان ڦيري رهيا هئا. تاريخ ۾ اهڙو ڪوئي مثال نه ٿو ملي جنهن مان پتو پوي ته سنڌ واسين انهن اصحابن سڳورن کي ايذايو ۽ ساڻن جهيڙو ڪيو يا کين قتل ڪيو. پر برعڪس ان جي سنڌ واسين انهن سڳورن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، سندن اطاعت ڪئي، نئين دين کان متاثر ٿي پنهنجو اباڻو ڌرم ڇڏي اسلام جهڙي لاثاني دين سان سرفراز ٿي ويا. ڇاڪاڻ ته دين اسلام سنڌ واسين جي طبيعت ۽ فطرت جي عين مطابق هو. انهن کي هي دين قبول ڪرڻ ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڏکيائي محسوس نٿي ٿي. ٻيو ته سنڌ ڌرتي امن و سلامتي جو اهو خطو آهي جنهن مان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم کي اسلام جي خوشبو ايندي هئي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي سامهون سنڌي اجرڪ پيش ڪئي وئي جنهن کي پاڻ صه پسند ڪيائون ۽ گڏو گڏ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي زبان مبارڪ مان سنڌي اکر “سهڻا سهڻا” ٻوليا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو