راجا ڏاهر ۽ ساڻس لاڳاپيل تاريخي واقعا (2)

'ڪالم' فورم ۾ فهيم فدا شورو طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2016۔

  1. فهيم فدا شورو

    فهيم فدا شورو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    تعليم کاتي ۾ استاد
    ماڳ:
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    راجا ڏاهر ۽ ساڻس لاڳاپيل ڪجهه تاريخي واقعا – قسط ٻي
    فهيم فدا شورو / مسڻ وڏي

    سنڌ جي مهاراجا ڏاهر سين جي باري ۾ تفصيلي مواد پهرين قسط ۾ اپلوڊ ڪيو ويو. ساٿين طرفان مليل پذيرائي ۽ مانائتي موٽ لاءِ تهه دل سان ممنون و مشڪور آهيان. هتي آئون عرض ڪندو هلان ته آئون ڪو محقق يا مؤرخ نه آهيان پر محض اوهان وانگر تاريخ جهڙي دلچسپ موضوع سان دلچسپي رکندڙ هڪ سنڌي سٻاجهڙو آهيان. دين ڌرم واري ڳالهه کي پاسيرو رکي مون کان اهو هرگز برداشت نه ٿيندو، جو منهنجي سونهاري سنڌ جي سونهري تاريخ سان پنهنجو يا پرايو ڪا هٿ چُراند ڪري، اصل تاريخ کي گم ڪري، پنهنجي هٿ ٺوڪي ۽ نام نهاد تاريخ کي “سونهري تاريخ” جو درجو ڏي. منهنجي صبر ۽ سهپ جو پيالو اهڙي عمل سان هڪ بار نه پر صد بار لبريز ٿيڻ منهنجي طبيعت ۽ فطرت جي نمائندگي ڪري ٿو. انهي ڪري ڪوشش ڪندس ته سنڌ جي بيان ڪيل تاريخ ۾ مون کي جتي به ڪو جهول نظر آيو، آئون حقيقتن ۽ دليلن جي بنياد تي انهي جهول جي نشاندهي ڪندي وقت جي مؤرخن ۽ تاريخدانن کي تاريخ جي مرهم پٽيءَ ڪرڻ جي گذارش ڪندو رهندس. ڏُک جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي سونهاري سنڌ جي تاريخ عربن لکي آهي. ڌارين طرفان لکيل تاريخ ۾ هڪ جهول نه بلڪه ڪئين جهول ۽ غلط ڳالهين جو هجڻ هڪ لازمي ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته هو اسان جي رهڻي ڪهڻي، رسم و رواج، بود و باش، تهذيب و تمدن کان بلڪل ناواقف ۽ جاهل آهن. اهي ڌاريا صرف اسان جي ديس جي نالي کان ئي واقف آهن جيڪو صدين کان اسان جي قدآور تهذيب جو اهڃاڻ آهي. ٻيو ٿيو ڪل خير.
    اسان جا ڪافي سنڌي ڀائر، جن تي اسلامي اثر گهٽ ۽ عربن جو اثر وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهي انهن ڌارين جي لکيل تاريخ کي ئي اصل تاريخ سمجهي “آمَنا و صدقنا” سمجهي ايمان آڻيو ويٺا آهن ۽ چون ٿا ته اسان سنڌين تي عربن جو اهو وڏو ٿورو ۽ احسان آهي جو انهن اسان جي تاريخ لکي اسان کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو آهي. انهن ڀائرن کي سنڌ جي هزارين سال تهذيبي جاين جهڙوڪ موئن جو دڙو جو عيني مشاهدو ڪرڻ جي تجويز ڏيندس. آئون انهن سنڌي ڀائرن جي اڌ ڳالهه سان سان ضرور اتفاق ڪندس ته، عربن اسان سنڌين جي تاريخ لکي ضرور آهي پر ڪيترن ئي جهول ۽ غلط ڳالهين جي ڀرمار سان لکي آهي. جنهن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي. عرب اميرن ۽ حاڪمن پنهنجي درٻاري مؤرخن جي هٿان “مَن گهُري تاريخ” لکرائي اسان سنڌين مٿان “اڻ ڳڻيو احسان” ڪيو آهي. جنهن کي ڪوبه ساڃاهه وند ۽ زنده دل ضمير تسليم ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه هوندو. تاريخ ۾ اسان جي سنڌ ۾ سلامتي، امن و امان، عدل و انصاف، صدين کان هلندڙ مهمان نوازي، اسان جي راجائن جي همت، حوصلي، بهادري، پهلواني، جنگي حڪمت عملين کي ڪنڊائتو رکي عربن جي بهادري، همت ۽ حوصلي کي ڳايو ويو آهي. تاريخ ۾ 17 سالن جي نو عمر نينگر جي هٿان سنڌ فتح ٿيڻ وارو ڍنڍورو ٻڌائي اسان کي دنيا جي سامهون ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙو نه ڇڏيو آهي ۽ اسان جي مٿان اهو يا عمر لعن طعن هنيو ويو آهي ته اوهان سنڌين کي هڪ ڳڀرو ڇوڪر ماري مڃائي ثابت ڪيو آهي ته اوهان صدين کان وٺي مفلوج، سست، گيدي، بي همت، بَڊِي، غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل قوم آهيو، اوهان جي ڪا تاريخ نه آهي ۽ ان نو عمر نينگر جي انهي راتاهي کي “ڪرامت” ۽ “معجزو” جو نانءُ ڏنو ويو آهي جنهن جي چهري تي اڃا تائين مُڇين جي ساوڪ ۽ ڏاڙهي جا چند وار به مُشڪل سان آيا آهن. لهاذا، تاريخ جي انهن تصديق طلب ڳالهين کي اوهان سڄڻن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ پنهنجو “فرض عين” سمجهان ٿو. (فهيم فدا شورو)

    *) سنڌ “باب الاسلام” آهي
    انهي ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سنڌ باب الاسلام نه آهي. سنڌ واقعي باب الاسلام آهي. جيڪڏهن باب الاسلام مان مراد لغوي معنيٰ “امن و سلامتي وارو دروازو” ورتي وڃي ته ان جو مطلب هي ٿيندو ته دنيا جي تختي تي سنڌ ملڪ پنهنجي وجود کان وٺي هر باشندي، پنهنجي پرائي لاءِ امن ۽ سلامتي جو مرڪز رهيو. اها الڳ ڳالهه آهي ته هن باب الاسلام کي وقت بوقت ڌارين جي يلغار جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن “باب القتلام” به بڻايو ويو. تاريخ ۾ اهڙا ڪافي حوالا موجود آهن. پوءِ اهي حوالا سنڌ تي عربن جي ڪاهن جي صورت ۾ هجن يا مدد خان جهڙن ملعون پٺاڻن جي حمله آور ٿيڻ جي شڪل ۾. اهي تاريخي حوالا ڌارين جي يلغار جي صورت ۾ هجن يا تازو پناهگيرن جي ايندڙ ڪٽڪن جي شڪل ۾.
    باب الاسلام جي لغوي معنيٰ کي ڇڏي جيڪڏهن شرعي اصطلاح “اسلام جو دروازو” مراد ورتي وڃي ته اسان 712ع ڌاري محمد بن قاسم واري ڪاهه کان پوءِ سنڌ کي اسلام جو دروازو مڃڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيون. ڇاڪاڻ ته “اسلام جي دروازي” جو اعزاز سنڌ کي هن کان پهرين ئي حاصل هو. انهي حوالي سان ڪجهه حقيقت تي مبني ڳالهين جو ذڪر خير ڪرڻ ضروري آهي.
    1). سنڌ ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي جان نثار اصحابن جون قبرون موجود آهن. اهي اصحابي جيڪي سنڌ ۾ دين اسلام جي تبليغ، نشر و اشاعت جي سلسلي ۾ آيا انهن جو تعداد ست (7) هو. سنڌ جي مايه ناز عالم دين ۽ محقق علامه غلام مصطفيٰ قاسمي رحمت الله عليه جي چوڻ مطابق انهن ست اصحاب سڳورن مان ٻن جون قبرون نيرون ڪوٽ (موجوده حيدرآباد) ۾ آهن. ظاهر آهي ته اهي اصحابي جيڪي دنيا کان لاطمع بنجي فقط اسلام جي اشاعت جي سلسلي ۾ آيا هئا. اهي نيرون ڪوٽ شهر ۾ نه رهيا هوندا انهن جي رهائش ٻهراڙي سائيڊ تي هوندي. البته باقي پنج سڳورن جون قبرون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آهن. جن مان هڪ اصحابي شڪارپور- سکر روڊ جي ويجهو، سکر کان ٿوري مفاصلي تي مدفون آهي. انهن اصحابن امن و سلامتي جي مرڪز سنڌ ملڪ کي اوليت ڏني، هتي ئي شادي ڪيائون ۽ هتي ئي پنهنجي عمر گذاري مدفون ٿي ويا.
    2). مخدوم محمد هاشم ٺٽوي علامه جلال الدين سيوطي جي حوالي سان ٻه روايتون منقول ڪيون آهن. پهرين روايت: محمد بن علي بن ابي طالب رضي الله تعاليٰ کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ٻه وفد هڪ سنڌ مان ۽ هڪ آفريڪا مان هڪ ئي ڏينهن مون وٽ آيا. جن پنهنجي خوشي سان اسلام قبول ڪيو........ ٻي روايت: رسول الله صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي اصحابن کي پنهنجي خط مبارڪ سان سنڌ جي ماڻهن ڏانهن موڪليو. جڏهن هو سنڌ ۾ نيرون ڪوٽ ۾ آيا ته سنڌ جي ڪن ماڻهن سندن هٿ تي اسلام قبول ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ ٻه اصحابي سڳورا پنهنجي سنڌي ميزبان سان گڏ موٽي عربستان ويا ۽ ٽي اصحابي سنڌ ۾ رهي پيا جن جي تبليغ سان ڪيترا ئي سنڌي اسلام دين قبول ڪري مسلمان ٿيا.
    3). سنڌ جي ڪيترن ئي راجائن توڙي مهاراجائن نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن ڏانهن تحفه، هديا به موڪليا آهن. جن ۾ ٻين شين سان گڏ ڪعبت الله جو غلاف، سونو هرڻ، سنڌ جو مشهور سنهو ۽ نرم ڪپڙو ململ جنهن کي ان وقت “سنڌڻ” سڏيو ويندو هو. ۽ اهو سنڌي لفظ “سنڌڻ” قرآن مجيد جي مختلف سورتن سورت الڪهف جي آيت نمبر 31، سورت الدهر جي آيت نمبر 21، سورت الدخان جي آيت نمبر 53 ۾ به “سُندُس” جي عربي اچار سان آيو آهي. جنهن جي معنيٰ سنهو نرم ململ ڪپڙو آهي.
    4). اسلامي شريعت جي حنفي مسلڪ جو باني حضرت امام اعظم ابو حنيفه نعمان بن ثابت آهي. هي سنڌ جو جت هو. سنڌ ۾ سندن رهائش سنڌ جي شهر جاتي ۾ هئي. امام ابو حنيف جو ڏاڏو حضرت زوطي جت جاتي شهر مان دين اسلام جي قبول ڪرڻ جي نيت سان نڪتو ۽ حضرت سيدنا امير المومنين علي ابن ابي طالب جي هٿ تي ايمان آندائين ۽ عمر ڀر سندس معتقد ۽ صحبتي رهيو.
    4). امام بخاري هڪ هنڌ لکيو آهي ته هڪ ڀيري ام المومنين بي بي عائشه صديقه رضه بيمار ٿي پئي. سندس ڀائٽن علاج لاءِ هڪ سنڌي جت حڪيم کي علاج لاءِ گهرايو هو.
    5). حضرت خطيب بغدادي جنهن صحاح سته (حديث جا مشهور ڇهه ڪتاب) مان حديثون چونڊ ڪري لکيون آهن. حديثن جي چونڊ واري انهي ڪتاب جي آخر ۾ اسماءِ رجال جي هڪ لسٽ ڏني آهي. اسماءِ رجال جي معنيٰ آهي، اهي ماڻهو جن حديثون روايت ڪيون. انهي لسٽ ۾ حضرت خطيب بغدادي هڪ نالو ڏنو آهي. “ابو عثمان عبدالرحمان بن مَل”. خطيب بغدادي عربي اچار ۾ مَل کي ميم جي پيش سان “مُل” ڪري لکيو آهي. پر اصل ۾ اهو ميم جي زبر سان “مَل” آهي. اهو ابو عثمان عبدالرحمان بن مَل سنڌي واڻيو هو. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي دور ۾ اسلام قبول ڪرڻ جي نيت سان سنڌ مان روانو ٿيو. خُشڪي جو سفر ڪندي ڪندي اهو سنڌي واڻيو حضرت عمر فاروق جي دور ۾ مديني منوره ۾ پهتو ۽ سندس هٿ تي اسلام قبول ڪيائين.
    مٿين حوالن مان معلوم ٿيو ته راجا ڏاهر جي دور ۾ سنڌ ۾ اسلام پهچي چڪو هو. بلڪه هڪ حوالي سان ان کان پهرين ئي سنڌ ۾ سنڌي مسلمان رهندا هئا. لهاذا سنڌ باب الاسلام محمد بن قاسم جي ڪاهه جي ڪري نه بلڪه ان کان به اڳ سنڌ باب الاسلام آهي.
     
  2. سعيد عباس ٻرڙو

    سعيد عباس ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2015
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڊيٽي آهي
    ماڳ:
    خيرپور
    تمام بهتر سائين تمام سٺو لکي رهيا آهي لکندا رهو، ۽ خوش رهو اوهان جي هن محنت کي سعيد جو سلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو