جي توحيدي دين اسلام وارا عرب قابض سنڌ آهن ته صوفي ازم وارا ايراني،عراقي،شامي۽بغدادي قابض سنڌ ڇو نه؟

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُحسن جويو صاحب ! اهو ته ٻُڌايو ته توهان ۽ توهان جي آڙٽيڪل سان جي ها !ها !ڪري نبين جي سرزمين عرب ۽ اسلام لاءِ گهٽ وڌ گُفتا ڳالهائينڊڙ آهن توهان اصل سنڌ جي ڪهڙي ڪُٽنب سان واسطو آهي جيڪي يقينن هندن جو قومون ۽ انهن هندن جي مسلم ٿيڻ ۾ (ميمڻ ۽ شيخ) ئي آهن. هڪ ڳالهه ٿو ڪريان جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو!
    [​IMG]
    اها به دُنيا جي تواريخ رهي آهي ته سنڌ جي به سنڌ تي قابض هر ايندڙ حڪمرانن ۽ سندن پويان ايندڙ سندن ڇاڙتن هميشه لوڪل سنڌ جي ماڻهن کي غلام ابن غلام ڪري رکيو رکيو آهي، ۽ انهن مٿان ڏاڍ، جبر، نادرشاهي ظلم، ڌاڙيلي ۽ پوليس گيري خوف يا لوڪل سنڌين جي غربت جو فائدو وٺي کين نشن ۾ غرق ڪري پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو آهي ۽ ڪندا اچن.
    ته 7000 سال قبل مسيه کان وقت جي مڙني 27 حملا ڪندڙ قابضن، پنهنجي دئور حڪومت کي بهتر سمجهائڻ لاءِ ڪن درباني ليکڪن ۽ تواريخ دانن جو سهارو ورتو هو ۽ پوءِ انهن سچ کي مسخ ڪيو ۽ حقيقتون لڪائي حاڪم وقت جي ساراه ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ حاڪم وقت جي مرضيءَ سان تواريخ به جوڙي، ۽ اهڙا نوڪر ليکڪ پوءِ ايوارڊ يافته ۽ انعام و اڪرام جا مستحق به بڻايا ويا ۽ جن نه مڃيو تن کي نادرشاهي گهوڙن جي سُنڀن سان چيچاڙي چيچاڙي قتل ڪيو ويو ۽ پوءِ ڊپ ۽ خوف ۾ پويان اولد هر پيڙه تي گهوڙا ڙي گهوڙا ڙي ڪندا اچن.
    ته سنڌ ۾ به تسلسل سان ايندڙ ۽ قوت وٺي اختتام تي پُهچندڙ(نادرشاهي ڏاڍ) کان پوءِ جڏنهن کين اصلي سنڌين کي گهوڙن جي سُڀُن سان چيچاڙي (گهوڙا ڙي.. گهوڙا ڙي) ڪرائي وئي ته اُهي سچ لکڻ ۽ چوڻ جي پوءِ جسارت ئي نه ڪري سگهيا هُئا ۽ نادرشاهي ڏاڍ کان اڳ ۾ ايران ۽ بغداد جو چولو پاتل نئون مذهب (صوفي ازم) جيڪوعباسين جي چوٿين خليفي (معتسم با الله) کان پوءِ ۽ جن کي (سرائڪي ماءُ ٻولي ڳالهائيندڙن) اپنايو هو ۽ جنهنجو بُنياد ٿي تڏنهن جي سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ (مُلتان ) مان پيو ته پوءِ (سومرن، ميرن ۽ ٽالپورن ) جي دئور ۾ ترقي ڪري انهيءَ (ايران ۽ بغداد جي صوفي ازم) ڪاه ڪري، هڪ طرف سنڌي ماڻهن کي غلام بڻائي رکڻ لاءَ نشن جو عادي بڻايو ته ٻي طرف عربن جي دئور ۾ ڦهلجندڙ (توحيدي دين اسلام) ، جيڪو مڪي ۽ مديني کان شفٽ ٿي سنڌ پُهچي سنڌ کي (باب الاسلام )جو عظيم رُتبو ڏنو، اُن جي ڪاٽ شروع ڪري ڏني.
    ۽ پوئي انهن سنڌي نادرشاهي وڏيرن جو اهو (صوفي ازم) جيڪو سنڌ جي (اوتارن، وڏيرن جي اوطاقن، گهوسڙو اسڪولن، خانگاهن ۽ مزارن وسيلي (سُر، ساز، سوز ۽ سنگت) کڻي بيوس سنڌين کي ريجهائي ۽ اپنائڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ پوءِ جنهن ا(يران ۽ پوءِ جي بغداد) جي رواجي عرب دشمني ڪري توحيدي دين اسلام کي تنقيد جو نشان بڻايو ويو آهي.
    پر هاڻ انٽرنيٽ، گوگل سرچ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وُجود ۾ اچڻ کان پوءِ اهڙن درباني تواريخدانن ۽ ليکڪن جي مڪمل اسڪريننگ ٿيڻ شروع ٿئي آهي جيڪي حاڪم وقت جي مرضيءَ تحت لکندا هُئا ۽ سچ کي لڪائي نوڪري پڪي ڪندا هُئا. ته هاڻ ٽيڪنالاجيءَ ڪري ريسرچ ڪرڻ ۽ مسخ ٿيل (تواريخ کي نئين طريقي) سان جوڙن ئي اڄ جي (ريسرچ اسڪالرس) جو ڪم آهي نه ڪي انهن وقتي حاڪمن جي ايوارڊ يافته نوڪر تواريخدانن جو.
    حيرت تڏنهن ٿيندي آهي ته جڏنهن سنڌ تي 27 قابضن سان گڏ ايندڙ ۽ سنڌ ۾ وسجندڙ دوست مُسلمان هوندي ، عرب مان سنڌ شفٽ ٿيندڙ (توحيدي دين اسلام) ۽ عرب خلاف ڳالهائين پيا ۽ ايران جي تعريف ڪن ٿا ۽ اتان سنڌ هجرت ڪري ايندڙ اسلام جي ٻئي خارجي رُوپ جنهن جو بُنياد ئي (سر، سوز، ساز، سنگيت ۽ سنگت) تي آهي ۽ فقيري، گيدڙي پوشاڪ پهريل (صوفي ازم) سڏبو آهي ان تي ڪو به لب ڪشائي نه ٿو ڪري ڇو؟
    ته ڪن ۽ اهڙي ئي خيال رکندڙ (مائينڊ سيٽ) جا (ريسرچ اسڪالر) به درٻاري تواريخدان ليکڪن جي ئي ڪتابن جا حوالا ڏئي پنهنجي ريسرچ مڪمل ڪن، حالانڪ ريسرچ ڪبي ئي (سابق لکتن ۽ خامين کي ري وزٽ ڪري لکڻ) يا (نئي ترتيب ڏيڻ يا نئي ٿيوري ۽ کوج ڪرڻ) نه ڪي ساڳي لڪيرن کي هر هر اڪرڻ ۽ ورجائڻ ۽ تواريخ کي وري نئون رنگ ڏئي مرضيءَ موجب مسخ ڪرڻ.
    ته جڏنهن سنڌ م 711ع کان پوءِ ٻُڌ ڌرم جو خاتمو ٿيو هو ۽ انهن مان ڪن هندن اسلام قبول ڪيو ته اهي اصلي سنڌي باشندا پوءِ ٽن طبقن ۾ (ديوان، ميمڻ ۽ شيخ) ۾ ورهاجي ويا. جڏنهن ته سنڌ ۾ ٻيون ايندڙ مسلم قومون ته قابضن سان گڏ (ايران ۽ بغداد، چائنا، عراق، شام وغيره کان ئين سنڌ ۾ آيون هُيون ۽ سعودي مرڪز (مڪي ۽ مديني) مان سنڌ ۾ ايندڙ مسلمانن ۽ اسلام خلاف ڳالهائڻ ۾ به اهي ئي عجمي (ايراني، عراقي، بغدادي، مصري، شامي وغيره) قومون ئي اهن جيڪي پاڻ به ته (غاصب سنڌ) هُيون ۽ جيڪي اڄ به مسلم ته سڏاين پيون، (روزا، نماز، حج، زڪوات، قبرن ۾ پورڻ، جنازي نماز پڙهڻ جهرا عمل پيو ڪن) پر ليڊر شپ اڄ به راجا ڏاهر کي شهيد ٿي چوي۽ بمقابل اسلام (ٻُڌ ڌرم مذهب) جي سپورٽ قبول پيون ڪن اهو تضاد سمجه ۾ نه پيو اچي؟
    ۽ شهيد (زنده) جيڪو عرب لغت جو لفظ آهي جيڪو اسلام خاطر ڪُفر سان وڙهڻ نبي سائين جن ڏنو ۽ قرآن پاڪ ۾ اهڙي مسلم شهيد جو زنده هُئڻ به ثابت آهي ته مسلمان جو غير مسلم سان وڙهي مڙهڻ جو لقب آبه اُهي مسلم هوندي به (راجا ڏاهر) لاءِ استعمال پيا ڪن ؟
    حيرت هڪ طرف توحيدي دين اسلام جيڪو عرب کان سنڌ 711ع ۾ آيو ان جي مخالفت ۽ طريقا ۽ نظريا اهي پيا اپنائجن پيا ته اها ٻه مُنهن منتق ته ڪو سمجهائي. ها جي ڪو هندو ذات ۽ مذهب وارو فرد اها واويلا ۽ فرياد ڪري، يا ڪو ميمڻ ۽ شيخ زوري مسلم ٿيڻ تي ڳالهائي ته ڳالهه ٺهي به ٿي يا ڪو منڪر ٿي واپس هندو ٿي وڃي ته اهو به چئي سگهي ٿو جو مسلمانن جو راجا ڏاهر جي حرڪتن ڪري سنڌ تي اسلام جو غلبو 711ع کان 836ع تائين رهيو ۽ پوءِ صوفي ازم سنڌ ۾ داخل ٿي ويو. ته اهي عجمي سنڌ تي قابض ۽ صوفي ازم وارا جيمي پاڻ به قابض سنڌ آهن ، جي عرب مان نه آيل هُندا ته (ايران ۽ بغداد، مصر، ترڪ، شام وغيره) مان آيل ته هوندا. حيرت هڪڙا قابض ٻين قابضن تي پيا ڳالهائين؟
    سنڌ تي 7000 سال قبل مسيح کان پوءِ 27 ڪاهون ٿيون هُيون جنهن ۾ آراين، ارغونن، چنگيز خان، اسڪندر اعظم، سمارا ايمپائر (سومرا ، سما ۽ ٽالپر) به هُئا. جي سنڌ تي ٻُڌ ڌرم وارن جي اهميٿ آهي ته پوءِ اُهي ته رُڳو (ديوان، ميمڻ ۽ شيخ) آهن ته ٻيون ذاتيون ڪيئن؟ ٺيڪيدار بڻجي ويون آهن. (ميمڻ ۽ شيخ) به ان ڪري جو جڏنهن هندو مسلمان ٿيو ته اوچي ذات (ميمڻ )۽ اڇوت ذات اسلام ۾ ضم ٿي (شيخ) سڏارايو ۽ اهي ويڇا پوءِ به رهيا.
    توهانجي ذات جو ان ۾ ڪو ذڪر ئي ڪونهين ته توهان کي سنڌ تي ڪاهي اچڻ واربن عربن جو ايڏو درد آهي ته پوءِ (ايران ۽ صوفي ازم )وارن جو ڇو ناهي اُهي به ته سنڌ تي ڪاهي آيا هُئا. حيرت ته (ديوان، ميمڻ شيخ ) دانهون نه پيا ڪن پر اُهي پيا ڪن جيڪي بيشڪ پوءِ سنڌ ۾ مرج ٿي چُڪا پر آيا ته قابضن سان گڏ هُئا نه ته جي عرب زيادتين جو ٽارگٽ آهي ته توهان کي ڇا چئجي ؟ اهو سوال اهي مُنهنجو. ته رُڳو ايراني مُحبت ۾ نبي سائين جن جي سرزمين عرب ۽ (توحيدي دين اسلام ) کي پنهنجو ٽارگٽ نه بڻايو ۽ اهو به هندو سپورٽ ۾ ! جڏنهن توهان اڄ به مُسلمان پيا سڏايو. جي ڪو دانهن ڪرڻ جو حق رکي ٿو ته اهو هندو يا هندوءَ مان مسلم ڪنورٽ ٿيندڙ اصلي سنڌي (ميمڻ ۽ شيخ) ڪري ۽ جن مالڪن کي اهي (نادرشاهي وڏيرا) ،هاڻ سنڌ جي (ڳوٺن ۽ شهرن) مان دربدر ڪيو پيو وڃي ۽ سندن زمينن، مال، ملڪيت تي پوءِ عجمي (نادرشاهي وڏيرا) قابض ٿي چُڪا آهن ته راجا ڏاهر جو اولاد هندو به نادرشاهي ڏاڍ ڪري سنڌ ڇڏي پيو وڃي اهو ڇو؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    ادا توهان تصوير جا ٻئي رخ ڏيکاريا آهن نه ته اسان هڪ پاسي مولوين جي ڳاله ٻڌندا هياسين ۽ ٻي پاسي هنن همراهن جي جنهن جي ڳاله ٻڌ تاريخي حوالا اندازا اسان جهڙو مجهي پئي ٿو اصل ڳاله ته توهان ڪئي آهي پرادا سوال ته توهان هن ليک ۾ به نڪرن ٿا ڇا توهان جواب ڏيندا؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    ڇا عربن سنڌ تي حملو جهاز لٽجڻ کان پوءِ ڪيو يا ان کان پهريان به هنن سنڌ تي حملا ڪيا جي ڪيا ته ڪهڙي ڏوه جي ڪري؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    ٿصوف واري نڪتي تي ڪجھ اختلاف رکڻ باوجود توهان جي مدلل جواب سان بلڪل متفق آهيون.زبردست دليل آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو