انڊيا جي ماڻهن لاءِ نوڪريون جام ڇو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0


    الطاف شيخ

    انڊيا جي اخبارن جا اشتهارن وارا صفحا کولي کڻي ڏس ته نه فقط آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جي jobs سان ڀريل نظر اچن ٿا پر سعودي عرب، دبئي، ڪويت جهڙين اسان جي پاڙيسري ملڪن ۽ ملائيشيا ۽ برونائي جهڙن مسلمان ملڪن جي نوڪرين لاءِ پڻ ”فلاڻين نوڪرين لاءِ هي ڄاڻ يا ڊگري رکندڙ انڊين جي ضرورت آهي.“ عرب ملڪ جيتوڻيڪ اسان جا پاڙيسري ملڪ آهن، هنن کي کپي ته اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر، انجنيئر، مڪينڪ ۽ مستري گهرائين. بيروزگاري به اسان جي ملڪ ۾ گهڻي آهي. پر جڏهن به اتي جي ڪنهن واسطيدار عرب ڪارخانيدار يا سرڪاري ڪاموري سان ڳالهاءِ يا توڙي کڻي ملائيشيا ۾ ان بابت مڪاني ماڻهن يا اسان جي پاڪستاني settlers سان ڳالهاءِ (جن ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور پاسي ڪارخانا، ڪاروبار ۽ جهازي واپار آهن) ته هو ان بابت جيڪي سبب ڏين ٿا اهي هن ريت آهن:

    *پاڪستانين وٽ ٺلهيون ڊگريون آهن علم ايترو نه اٿن جيترو انڊين کي آهي.پوءِ انڊين ڀلي کڻي هندو هجي يا مسلمان، سک هجي يا عيسائي جنهن سبجيڪٽ ۾ گريجوئيشن يا پوسٽ گريجوئيشن ڪئي آهي، هو ان جي ڄاڻ ۾ ڀڙ آهي. نوڪرين ڏيڻ بعد هن تي مغز ماري نٿي ڪرڻي پوي.

    *اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي انڊين محنت ڪئي آهي ۽ هو سادگي ۾ رهيو آهي. ان ڪري هن جي اها عادت نوڪري دوران به رهي ٿي. هو ٻٽاڪون هڻڻ بدران ڪم جي ڳالهه ڪري ٿو. نئين نئين ideas ذريعي پنهنجي اداري جي ترقي ۽ مالڪ لاءِ خوشحالي جا رستا پيدا ڪري ٿو.هڪ اڻ ڄاڻ ۽ بنيادي تعليم کان غير واقف ورڪر جو حل ناچ نه آئي آنگن ٽيڙها وارو ٿيو پوي. هو پنهنجي ڪمزوري ۽ ڪوتاهي کي لڪائڻ لاءِ ويتر مالڪ/حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪريو ويهي.

    *انڊين توڙي بنگلاديشي تمام گهڻو obedient آهي. هو گهٽ پگهار ۽ ڏکين حالتن ۾ به خوش ٿي ڪم ڪري ٿو. هو علم ۽ ڄاڻ جي بنياد تي مسئلن جا حل پيش ڪري ٿو ۽ نه مسئلا.

    *پاڪستان کي اجائي سجائي موڪلن ڪرڻ جي پٽ آهي. ڪو دوست يا مائٽ اچڻو آهي يا ان سان ملڻ لاءِ وڃڻو آهي يڪدم موڪل کپي. ڪنهن مائٽ مٽ جي شادي يا طهر يا مڱڻو آهي موڪل کپي. ننڍڙي ڳالهه تي رسي contract ختم ڪريو ڇڏين يا ٿوري ئي بهتر نوڪري ملڻ تري پراڻي ڇڏي مالڪ کي رولڙي ۾ وجهيو ڇڏين. انڊين يا بنگلاديشي هڪ دفعو ڪنهن هنڌ نوڪري ۾ لڳايو وڃي ٿو ته وري موڪلون نٿو ڪري. پنهنجي ڪم ۾ ئي لڳو رهي ٿو.

    *پاڪستاني ٿوري ئي ڪم جي پريشر وڌڻ تي يا گهڻا ڪلاد ڊيوٽي ڏيڻ تي چڙچڙا ٿيو پون ۽ پاڪستانين ۾ غير قانوني حرڪتون ڪرڻ جو رجحان گهڻو آهي. ڪجهه اهي سبب آهن جو هر ملڪ انڊين کي نوڪري ڏيڻ لاءِ prefer ڪري ٿو ۽ ٻئي نمبر تي بنگلاديشي ۽ سريلنڪن کي.

    نوڪري جي معاملي ۾ هڪ ٻي ڳالهه ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جي اخبارن ۾ جيڪي ڌارين ملڪن جي نوڪرين جا اشتهار اچن ٿا اهي به ٺڙڪو قسم جي ننڍين نوڪرين جا آهن. پر انڊيا جي اخبارن ۾ وڏين ۽ اهم نوڪرين جا اچن ٿا جيئن اڄ جي اخبار ۾ نوڪرين جا اشتهار پڙهي رهيو آهيان آمريڪا ۽ آسٽريليا جي ڪيترن ڪمپيوٽرن سان واسطو رکندڙ فرمن کي انڊين نوجوان گريجوئيٽن جي ضرورت آهي.ڪجهه اشتهار سعودي عرب، ڪويت، دبئي ويندي ايران جي مختلف ڪمپنين ۽ حڪومتن جا آهن جيڪي انجنيئرنگ ۽ مئنيجمينٽ جي مٿاهين posts لاءِ آهن. ويندي دبئي جي شپ يارڊ لاءِ مئرين اليڪٽرانڪ انجنيئرن جي ضرورت جا اشتهار آهن ۽ اهي گهڻو ڪري سڀ ڊائريڪٽ اشتهار انهن ملڪن جي نجي ڪمپنين يا حڪومتن طرفان آهن. اسان جي اخبارن ۾ مزورن ۽ پورهيتن جي نوڪرين جا ڪڏهن ڪڏههن اشتهار هوندا سي به لاهور يا پنڊي جي ڪنهن ٺيڪيدار طرفان. يعني ڪويت يا سعودي عرب جي ڪنهن اسپتال يا بندرگاهه جي صفائي جو ڪنهن عرب ٺيڪو کڻي ان تي فائدو رکي ڪنهن پاڪستاني حوالي ڪيو آهي ۽ هاڻ هو پنهنجي لاءِ پئسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ پنهنجي هم وطنين جو تيل ٿو ڪڍي. ان لاءِ هو ڳولي ڳولي مجبور ماڻهو کڻندو جن کي هو گهٽ پگهار ڏئي سهوليتن جو پئسو پنهنجي کيسي ۾ وجهي عيش ڪر ٿو، يعني هنن جو رت چوسي پاڻ کي ۽ ڪفيل کي خوش ڪري ٿو. ولايت جي نوڪري جي شوق ۾ عرب ملڪن يا ملائيشيا ۾ پهچي اسان جي پورهيت کي خبر ٿي پوي ته هنن لاءِ اتي نه رهائش جو فضيلت وارو بندوبست آهي نه ميڊيڪل جون سهولتون. پوءِ جڏهن هو حڪومت وٽ يا پنهنجي سفارخاني ۾ دانهين ٿا ته هنن کي خبر ٿي پوي ته هو ته هڪ پنهنجي ئي ملڪ جي ٺيڪيداري ۾ ڪم ڪرڻ آيا آهن ۽ ڌارئين ملڪ جي حڪومت ۽ سفارتخاني کي نه خبر آهي ۽ نه ڳالهه سان واسطو ۽ اهڙين نوڪرين ۾ گهڻي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ تي اڪثر خبر پوندي آهي ته اها غير قانوني نوڪري هئي ۽ پوءِ غريب پورهيت سورن ۾ پئجيو وڃي ته پرديس ۾ ڇا ڪريان.هتي (انڊيا) جي اخبارن ۾ آمريڪا طرفان انڊيا جي ماڻهن لاءِ جن نوڪرين جي اشتهار جي گهڻي ڌم آهي انهن جو واطو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ سان آهي. آمريڪا وارا انڊين کي ڪمپيوٽر جو وڏو ڄاڻو سمجهن ٿا ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو آهن به. اسان جا گهڻي ڀاڱي نوجوان غلط سلط انگريزي يا رومن اردو ۾ chat ڪندي يا واهيات ۽ اگهاڙيون web sites کولي پيا ٺرندا ۽ گد گد ٿيندا. مائٽ به خوش ٿيندا ته سندس ٻار ڪمپيوٽر کوليو ويٺا آهن، وڏي ڳالهه کي پهچي ويا آهن. اها خبر ئي نه ته سندن وقت هڪ طرف پيو خراب ٿئي ته اخلاق ٻئي طرف. ان جي مقابلي ۾ هتي جيڪي ڏسان پيو ته گهڻي ڀاڱي انڊين ٻار ننڍي هوندي ئي ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپنگ سکڻ کان وٺي پروگرامنگ، گرافڪ ۽ ٻيون اهم ڪم جون ڳالهيون سکڻ جي جستجو ڪندا جيڪي کين نوڪري ڏياري سگهن.

    دهلي جي سنگهه ڪانٽيننٽل هوٽل جتي اسان شروع جا ڪجهه ڏينهن رهياسين، ان جي ٽي روم ۾ ڪم ڪندڙ هڪ B.Sc جو امتحان ڏيئي رزلٽ جو انتظار ڪندڙ پارٽ ٽائيم جاب واري ڇوڪري کان پڇيم ته مهيني ۾ ڪيترو پگهار کيس ملي ٿو.

    ”مهيني جي حساب سان نه پر روز جي حساب سان سٺ رپيا ٿا ملن.ڇنڇر ۽ آچر موڪل ٿي ڪريان“ هن ٻڌايو.

    ”يعني ان حساب مهيني ۾ تيرهن سو کن رپيا ٿيا“ چيو مانس.

    ”نه ان کان گهڻو گهٽ“ هن وراڻيو.

    ”ڪيئن؟“ مون تعجب مان پڇيو.

    ”روز جي سٺ رپين مان ڏهه رپيا اوٽ موٽ جو بس جو ڀاڙو ڪٽيو ۽ ڏهه رپيا آئون مستقبل جي investment ۾ لڳائيندي آهيان.“ اهو چئي هوءِ کلڻ لڳي.

    ”مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي.ڇا اهي خيرات ڪندي آهين ٻئي جهان جي فائدي لاءِ؟ مون پڇيو.“

    ”نه ڀر واري سيبر ڪيفي ۾ ڪلاڪ جا ڏهه رپيا ڏيئي فوٽو شاپ (پروگرام Adobe) سکندي ۽ پرئڪٽس ڪندي آهيان. اڄڪلهه رڳو B.Sc جي آڌار تي ته نوڪري نه ملي سگهندي.“

    ”اهڙو پروگرام سکڻ بعد مونکي ڪنهن فوٽو اسٽوڊيو ۾ نوڪري ملي سگهي ٿي ۽ شام جو اها نوڪري ڪرڻ مان پئسو حاصل ڪري صبح جي شفٽ ۾ آئون M.Sc ۽ اڳتي هلي پي ايڇ ڊي ڪري سگهان ٿي.“ هن ٻڌايو. هوءَ هڪ غريب گهر جي ڇوڪري هئي. سندس ماءُ جو ٻه سال اڳ ڊليوري ڪيس ۾ موت ٿي ويو هو. پيءُ مزوري ٿي ڪئي. سو ظاهر آهي هن کي پنهنجي پڙهائي قائم رکڻ لاءِ نوڪري ڪرڻي پيئي ٿي ۽ گهر جو ڪم ڪار پڻ. پر هن جو ٻين انڊين ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن وانگر Moral بلند هو. هن کي يقين هو ته هوءَ سٺي Position ۾ M.Sc ڪري ويندي ته هن کي P.H.D لاءِ ضرور ڪنهن فارين يونيورسٽيءَ مان اسڪالر ملي ويندي ۽ پوءِ پنهنجي تعليم ۽ هنر جي آڌار تي اتي ولايت ۾ ئي نوڪري حاصل ڪري سگهندي.

    دهليءَ جي رستن تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ڏي ويندڙ بنا ميڪ اپ جي چهرن ۽ سادن سودن لباسن ۾ هتي جي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ آئون هر وقت اهو ئي سوچيندو رهندو آهيان ته هو ڪيڏا ته محنتي آهن ۽ علم حاصل ڪرڻ جي هنن کي ڪيڏي ته جستجو آهي





    روزاني عوامي آواز تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو