1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

روزي ۽ رمضان جي مهيني جون فضيلتون ۽ روزيدارن جون ذميداريون

'رمضان المبارڪ' فورم ۾ zen uden طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2016۔

  1. zen uden

    zen uden
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جون 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    بسم الله الرحمن الرحيم

    روزي ۽ رمضان جي مهيني جون فضيلتون ۽ روزيدارن جون ذميداريون

    1. امام محمد باقرعلیه السلام فرمائن ٿا: هر شيءِ جي لاءِ بهار آهي ۽ قرآن جي بهار رمضان جو مهينو آهي.[1]

    حفص بن غياص چئي ٿو: مون امام جعفر صادق علیه السلام کي عرض ڪيو ته مونکي الله تعالى جي هن فرمان جي باري ۾ ٻڌايو ” شَهْرُ رَمَضانَ‏ الَّذِي‏ أُنْزِلَ‏ فِيهِ‏ الْقُرْآنُ‏ “[2]ته ڪيئن قرآن رمضان ۾ نازل ٿيو جڏهن ته قرآن منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ويهن ورهين جي عرصي ۾ لٿو آهي؟

    امام جعفر صادقعلیه السلام فرمايو: ته پورو جو پورو قرآن رمضان جي مهيني ۾ بيت المعمور تي لٿو ۽ پوءِ بيت المعمور کان ويهن ورهين جي عرصي ۾ لٿو.[3]

    2. ابو بصير چئي ٿو ته امام جعفر صادق علیه السلام فرمايو: روزر رکڻ رڳو کائڻ ۽ پيئڻ کان پاڻ کي روڪڻ ناهي پر روزي رکڻ واري کي گھرجي ته رمضان ۽ غير رمضان ۾ پنهنجي زبان کي بيهوده ۽ بيڪار ڳالهين کان بچائي.[4]

    3. امام جعفر صادق علیه السلام فرمائن ٿا: جڏهن به روزو رکين ته توسان گڏ تنهنجي ڪنن ۽ اکين کي به حرام ۽ خراب ڪمن کان بچڻ جو روزو هئڻ گھرجي ۽ تون پنهنجي برتري ثابت ڪرڻ لاءِ ٻئي کي رد ڪرڻ ۽ پنهنجي خادم کي ستائڻ ڇڏي ڏي ۽ تو ۾ روزر واري وڏ ماڻهپ هئڻ گھرجي ۽ پنهنجي روزي واري ڏينهن کي ٻين ڏينهن وانگر قرار نه ڏي.[5]

    4. پيغبر اڪرم صلی الله علیه و آله جابر کي فرمايو: اي جابر جيڪو هن رمضان جي مهيني ۾ ڏينهن جو روزو رکي ٿو ۽ رات جو ڪجھ وقت عبادت ۾ گذاري ٿو ۽ پنهنجي پيٽ کي حرام کان بچائي ٿو ۽ زبان کي روڪي رکي ٿو اهو گناهن مان ائين نڪري ايندو جيئن هن مهيني کان ٻاهر نڪرندو آهي . جابر عرض ڪيو: اي پيغمبر اڪرمصلی الله علیه و آله! هيءَ ڪيتري ته سٺي ڳالھ آهي. پيغمبرصلی الله علیه و آله فرمايو: اي جابر! ڪيترا ته ڏکيا شرط آهن.[6]

    5. امام موسى ڪاظم علیه السلام فرمائن ٿا: تنهنجو، ديني ڀاءُ کي روزو کولائڻ تنهنجي روزي رکڻ کان افضل آهي.[7]

    (هن حديث ۾ اگرچه روزو کولائڻ هڪ افضل عمل ٻڌايو ويو آهي پر اهو افضل عمل هرگز رواي رکڻ کي ساقط نٿو ڪري ڇو ته روزو رکڻ واجب عيني آهي ۽ انهيءَ جو نارمل حالت ۾ ڪا شيءِ بدل نه آهي.)

    6. امام جعفر صادق علیه السلام فرمائن ٿا: جيڪو ماڻهو گرم ڏينهن ۾ روزو ۽ پوءِ انهيءَ کي ڏاڍي اڃ لڳيس، الله تعالى هزار فرشتن کي انهيءَ جي لاءِ مقرر ڪري ٿو جيڪي انهيءَ جي منهن تي پنهنجا هٿ ڦيرين ٿا ۽ روزي کولڻ تائين انهيءَ روزيدار کي خوشخبري ڏين ٿا. خداوند انهيءَ روزيدار کي فرمائي ٿو: ڪيتري ته تنهجي وات جي بوءِ وڻندڙ آهي، ڪيترو ته تنهنجو روح پاڪ آهي. اي منهنجا فرشتو! شاهد رهجو بيشڪ مون هن کي بخشي ڇڏيو آهي.[8]

    7. پيغمبر اڪرم صلی الله علیه و آله جيڪا امام علي علیه السلام کي وصيت فرمائي هئي انهيءَ ۾ آيو آهي اي علي! مومن جي لاءِ دنيا ۾ ٽي خوشيون آهن:

    (1) ديني ڀائرن سان ملڻ مهل.

    (2) روزي کولڻ مهل.

    (3) رات جي آخري پهر ۾ نماز شب ادا ڪرڻ مهل.[9]

    8. پيغمبر اڪرم صلی الله علیه و آله فرمائن ٿا: خداوند متعال فرمائي ٿو: ته ماڻهوءَ جو هر ڪم انهيءَ جي لاءِ آهي سواءِ روزي جي، جيڪو مون لاءِ آهي ۽ آءُ الله انهيءَ روزي جي جزا ڏيندس ۽ روزو قيامت جي ڏينهن مومن ٻانهي جي لاءِ ڍال آهي، جھڙي ريت دنيا ۾ توهان مان ڪنهن جو هٿيار انهيءَ جي حفاظت ڪندو آهي ۽ خدا وٽ روزيدار جي وات جي بوءِ مشڪ جي خوشبوءِ کان وڻندڙ آهي ۽ روزيدار کي ٻه خوشيون ملن ٿيون:

    (1) جڏهن روزو کولي ٿو ۽ کائي پيئي ٿو.

    (2) جڏهن مون سان ملاقات ڪندو ۽ آءُ انهيءَ کي بهشت موڪليندس.[10]

    9. پيغمبر اڪرم صلی الله علیه و آله فرمائن ٿا: بيشڪ بهشت ۾ هڪ دروازو آهي، جنهن کي ”ريان“ ڪوٺيو وڃي ٿو. ان دروازي مان سواءِ روزيدارن جي ڪوئي داخل نه ٿيندو ۽ جڏهن آخري روزيدار داخل ٿيندو اهو دروازو بند ڪيو ويندو.[11]

    10.امام جعفر صادق علیه السلام فرمائن ٿا: پيغمبرصلی الله علیه و آله فرمايو: ته بيشڪ الله فرشتن کي روزيدارن جي لاءِ دعا ڪرڻ جي ذميواري ڏني آهي ۽ امام جعفر صادق علیه السلام فرمائن ٿا: پيغمبرصلی الله علیه و آله فرمايو: ته جبرئيل منهنجي پالڻهار جي طرف کان مونکي ٻڌايو آهي ته خدا فرمايو آهي: ته آءُ پنهنجي ملائڪن مان ڪنهن فرشتي کي ڪنهن جي لاءِ بخشش جي گھر ڪرڻ جو حڪم نه ٿو ڏيان سواءِ انهيءَ جي جو انهن جي دعا کي انهيءَ جي باري ۾ قبول ڪريان ٿو.[12]

    11.پيغمبر اڪرم صلی الله علیه و آله فرمائن ٿا: روزو ڍال آهي يعني پردو ۽ رڪاوٽ آهي دنيا جي مصيبت کان ۽ آخرت جي عذاب کان. بس جڏهن روزو رکين ته پنهنجي روزي سان ارادو ڪر پنهنجي نفس کي شهوتن کان روڪڻ جو ۽ شيطان جي رستي هلڻ واري ارادي کي ختم ڪرڻ جو ۽ پاڻ کي بيمارن جي جاءِ تي رکندي جيڪي کائڻ ۽ پيئڻ جي طلب نٿا رکن، هر گھڙيءَ ۾ پنهنجي گناهن کان شفا جي اميد رک ۽ پنهنجي اندر کي هر مير ۽ ويسر ۽ اونداهي کان پاڪ رک، جيڪي توکي الله تعالى بارگاھ ۾ خالص نيت کان روڪين ٿا.[13]

    12.نبي ڪريم صلی الله علیه و آله فرمائن ٿا: الله تعالى فرمائي ٿو: روزو منهنجي لاءِ آهي ۽ آءُ ئي انهيءَ جي جزا ڏيندس ۽ روزو نفساني خواهش کي ۽ حيواني طبيعت جي شهوت کي ڪمزور ڪري ٿو. دل ۽ سنڌن جو پاڪ ٿيڻ ۽ ماڻهوءَ جي اندر ۽ ٻاهر جو آباد ٿيڻ ۽ نعمتن تي شڪر ڪرڻ ۽ فقيرن سان ڀلائي ڪرڻ ۽ گھڻي نوڙت ۽ ڊڄڻ ۽ روئڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي الله جي پناھ واري رسي ۾ قرار ڏيڻ روزي ۾ رکيل آهي. روزو نفساني خواهش جي ٽٽڻ ۽ ڏوهن جي گھٽجڻ ۽ ڀلاين جي ٻيڻي ٿيڻ جو ڪارڻ آهي ۽ انهيءَ جا اهي فائدا آهن جنهن کي ڳڻي نٿو سگهجي ۽ جيڪي اسان فائدا ٻڌايا آهن اهي عقل رکڻ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو پنهنجي عقل کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو، ڪافي آهي.[14]

    13.امام علي بن ابي طالب علیه السلام فرمائن ٿا: پيغمبر اڪرم صلی الله علیه و آله فرمايو: چار ماڻهو اهڙا آهن جنهن جي دعا موٽندي ناهي ۽ انهن جي لاءِ آسمان جا دروازا کلن ٿا ۽ انهن جي دعا عرش تي پهچي ٿي.

    (1) پيءُ جي دعا پٽ جي باري ۾.

    (2) مظلوم جي پِٽَ ظالم خلاف.

    (3) عمرو ادا ڪرڻ واري جي دعا ايسيتائين جو موٽي اچي.

    (4) روزيدرا جي دعا جيسيتائين روزو کولي.[15]

    14.پيغمبر اڪرم صلی الله علیه و آله فرمائن ٿا: روزيدار جي چُپ تسبيح آهي، ننڊ عبادت آهي ۽ انهيءَ جي دعا پالڻهار جي بارگاھ ۾ قبول ٿيندي آهي ۽ سندس عمل جو ثواب ٻيڻو آهي.[16]

    15.امام محمد باقرعلیه السلام فرمائن ٿا: خداوند تبارڪ و تعالى جا ڪجھ اهڙا فرشتا آهن جيڪي روزيدارن جي لاءِ مقرر ڪيا اٿائين، جيڪي رمضان جي منڍ کان انهيءَ جي پڄاڻيءَ تائين، هر ڏينهن روزيدارن جي بخشش جي گھر ڪن ٿا ۽ هر رات روزو کولڻ مهل، روزيدارن کي سڏي چون ٿا: اي الله جا ٻانهو! توهان کي خوشخبري هجي توهان ٿورو بکيا رهيا آهي ۽ گھڻو ڊوءَ سان رهندو، توهان خير ۽ برڪت وارا آهيو ۽ توهان ۾ خير ۽ برڪت قرار ڏنو ويو آهي، ايسيتائين جو جڏهن رمضان جي مهيني جي آخري رات ٿئي ٿي فرشتا انهن کي سڏي چون ٿا: اي الله جا ٻانهو! توهان کي خوشخبري هجي، الله توهان جا سڀئي ڏوھ بخشِ ڇڏيا آهن ۽ توهان جي توبه کي قبول ڪيو آهي هاڻي ڌيان ڏيو ته نئين سر انجام ڏيڻ وارن ڪمن ۾ توهان کي ڪيئن زندگي گذارڻ گھرجي.[17]

    16.امام جعفر صادقعلیه السلام فرمائن ٿا: جيڪو ماڻهو پنهنجي روزي کي ڀلي ڳالھ يا ڀلي ڪم سان پڄاڻيءَ تي پهچائي ٿو، انهن جو روزو قبول ڪيو وڃي ٿو. امام علیه السلام کان پڇيو ويو ته اي رسول صلی الله علیه و آله جا فرزند ! اها ڪهڙي ڳالھ ۽ ڪهڙو ڀلو ڪم آهي (جنهن سان روزي کي پڄاڻيءَ تي پهچائجي)؟ امام علیه السلام فرمائن ٿا: اها ڀلي ڳالھ لا اله الا الله جي شاهدي ۽ ڀلو ڪم فطري جو ادا ڪرڻ آهي.[18]

    17.نبي ڪريم صلی الله علیه و آله پنهنجي اصحاب کي فرمائن ٿا: ڇا مان توهان کي اهڙي ڪم جي باري ۾ ٻڌايان، جيڪڏهن توهان انکي انجام ڏيو ته شيطان توهان کان ايترو پري ٿي ويندو جيترو اوڀر کان اولھ پري آهي. اصحاب عرض ڪن ٿا: جي ها. پيغمبر اڪرم صلی الله علیه و آله فرمائن ٿا: روزو شيطان جي منهن کي ڪارو ڪري ٿو، صدقو شيطان جي چيلھ ٽوڙي ڇڏي ٿو. الله سان محبت ۽ ڀلي ڪم ڏانهن قدم وڌائڻ شيطان جي پاڙ پٽي ڇڏي ٿو ۽ گناهن کان بخشش گھرڻ انهيءَ جي شاھ رڳ [19]ڪٽي ڇڏي ٿو. هر شيءِ جي زڪوات آهي ۽ بدن جي زڪوات روزو آهي.[20]


    منابع

    1. قرآن ڪريم

    2. صدوق، محمد بن علي ابن بابويه، امالي، موسسه اعلمي، 1410 ھ.ق، 1990،ڇاپو پنجون.

    3. نهج الفصاحه، ڪلمات قصار پيغمبر اڪرمصلی الله علیه و آله، ناشر آفريني، 1993، ڇاپو ٻيون.

    4. طوسي، محمد بن حسن، تهذيب الاحڪام، دار التعارف بيروت، 1981.

    5. مجلسي، محمد باقر، بحار الانوار، موسسه الوفاء بيروت، 1983.


    [1]. شيخ صدوق، امالي ص 57

    [2]. سورت بقره آيت 185

    [3]. شيخ صدوق، امالي ص 60

    [4]. طوسي، محمد بن حسن، تهذيب الاحڪام ج 4 ص 189

    [5]. طوسي، محمد بن حسن، تهذيب الاحڪام ج 4 ص 191

    [6]. طوسي، محمد بن حسن، تهذيب الاحڪام ج 4 ص 194،195

    [7]. طوسي، محمد بن حسن، تهذيب الاحڪام ج 4 ص 201

    [8]. مجلسي، محمد باقر، بحار الانوار ج 93 ص 247

    [9]. مجلسي، محمد باقر، بحار الانوار ج 93 ص 228

    [10]. مجلسي، محمد باقر، بحار الانوار ج 93 ص 250،251

    [11]. مجلسي، محمد باقر، بحار الانوار ج 93 ص 256

    [12]. مجلسي، محمد باقر، بحار الانوار ج 93 ص 253،354

    [13]. مجلسي، محمد باقر، بحار الانوار ج 93 ص 254

    [14]. مجلسي، محمد باقر، بحار الانوار ج 93 ص 254

    [15]. مجلسي، محمد باقر، بحار الانوار ج 93 ص 256،257

    [16]. نهج الفصاحه ص 238

    [17]. شيخ صدوق، امالي ص 52

    [18]. شيخ صدوق، امالي ص 55

    [19]. شاھ رڳ دل جي اها ڳاڙهي رڳ آهي جنهن ذريعي خون تمام رڳن ۾ وڃي ٿو.

    [20]. شيخ صدوق، امالي ص 59
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو