”ليڊر“”زاهد شيخ“

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڪاوڙ ۾ ڪاراٽيل چهرا،
    نفرت وارا گھنج نرڙ تي،
    واٽهڙو ويڙهائين بيٺا،
    ماڻهن کي مارائين بيٺا،
    انڌن منڊن عهدن آڏو،
    ساري قوم جو سودو ڪن ٿا،
    ڏيه ڏڪارن ۾ ڏوري ٿو،
    پر هو پيٽ وڏا،
    جبل جيڏا،
    پنهنجا دنبا پيٽ ڀرين ٿا!!
    اهڙا سياستدان به آهن،
    جن جي هٿن هر پاسي آهي،
    چالاڪي جو ڄار وڇايو،
    قوم سڄي آ جن ۾ ڦاٿل،
    پر هو ليڊر ماڻهن آڏو،
    بي حيائي جا کوپا چاڙهي!
    روز نئين اسٽيج تي بيهي،
    آزادي جون ڳالهيون ڪن ٿا؟
    گنديون گنديون گارين ڏين ٿا!!
    گنديون گنديون گاريون ڏينٿا؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو