انجنيئرن دُنيا جي تيز جي رفتار مائڪرو چِپ ٺاهي ورتي

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2016۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    [​IMG]


    ڪيليفورنيا : انجنيئرن ڪلوڪور نالي دُنيا جي تيز جي رفتار مائڪرو چِپ ٺاهي ورتي جنهن ۾ 1000 پروسيسرز لڳل آهن.
    يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ڊيوس جي انجنيئرن ”ڪلوڪور” جي نالي سان هڪ چِپ ٺاهي آهي جنهن جي اسپيڊ تمام گھڻي آهي، هن کان اڳ 300 پروسيسرز واري چِپ ٺاهي وئي هُئي پر هِن چِپ تي 1000 پروسيسرز آهن جيڪي انفرادي طور به پروگرام ڪري سگھجن ٿا.

    [​IMG]
    هن چِپ ۾ لڳل الڳ الڳ پروگرام ڪيل پروسيسر جي ڪري ڪنهن به ڪم کي ٽوڙي الڳ الڳ هلائي سگھجي ٿو ۽ ان ذريعي توانائي جِي غيرمعمولي بچت به ممڪن آهي جڏهن ته ضرورت نه پوڻ تي هر انفرادي پروسيسر به بند ٿي وڃي ٿو جنهن ذريعي تونائي جي وڌيڪ بچت ٿئي ٿِي.
    چِپ ٺاهيندڙ شاگرد جو چوڻ آهي ته هرپروسيسر ڪنهن مرڪزي پاسي ڊيٽا موڪلڻ بجاءِ هڪٻئي کي موڪلين ٿا جنهن سان ڊيٽا ۾ رڪاوٽ نٿي ٿئي، صرف 0.7 بجلي خرچ ڪري 1000 پروسيسر مِلي ڪري 115 ارب انسٽرڪشن في سيڪنڊ ڪري سگھن ٿا جڏهن ته جديد ترين ليپٽاپ جي مقابلي ۾ هي رفتار 100 ڀيرا وڌيڪ آهي . هن کي وائرليس ڊيڪوڊنگ، وڊيو پروسيسنگ ۽ رينڊرنگ ۽ تمام وڏي سائنسي ڊيٽا لاءِ خاص طور ڊزائين ڪيو ويو آهي.
    واضح رهي ته هِي چِپ ڪنهن به يونيورسٽي ۾ تيار ڪيل بلند ترين ڪلاڪ ريٽ واري مائڪروچپ آهي جيڪا مائڪروچپ ۽ پروسيسر رفتار ماپڻ جو هڪ پيمانو به پڻ آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو