حاڪم علي زرداريءَ بابت ڪجھه يادون

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2016۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سائين....جيستائين مون کي ياد آهي ته
    (1) بمبينو سئنيما جو افتتاح شهيد ڀٽي ڪيو هو ۽ نه ئي صدر ايوب خان سو ذوالفقار قادري صاحب کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري ٻيهر تصديق ڪري پنهنجي غلطي درست ڪري ـ
    (2) نوابشاهه ۾ اها ڳالهه مشهور هئي ته اصل ۾ بمبينو سئنيما جا 3 مالڪ هئا، پوءِ حاڪم علي زرداريءَ جيڪو چالاڪ هو تنهن ٻنهي کي واريَ واريَ سان ڌڪو ڏنو ۽ پاڻ اڪيلو مالڪ ٿي ويٺو ـ پوءِ، بمبينو جي ستين فلور تي باهه لڳي وئي جنهن لاءِ تن ڏينهن ۾ مشهور ٿيو هو ته هن اها باهه پاڻ لڳرائي هئي ته جيئن انشورنس وارن سان ملي ڀڳت ڪري مال ڪمائي سگھي، تن ڌينهن ۾ مال ڪمائڻ لاءِ ائين ڪرڻ عام ڳالهه هئي ـ
    (3) جڏهن شهيد ڀٽي حاڪم علي زرداريءَ کي نوابشاهه کان قومي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ ڏني ته نوابشاهه جي اسان جي تڪ مان گھڻا ماڻهو کيس گھڻو سڃاڻندا به ڪونه هئا پر شهيد ڀٽي جي ڪري کيس ڪاميابي ملي ـ
    (4) منهنجي ڄاڻ موجب حاڪم علي زرداريءَ ڀٽي صاحب کي انهيءَڪري ڇڏيو هو جو ڀٽي صاحب کي چيو هئائين ته هو کيس وزير ڪري جنهن تي ڀٽي صاحب کيس ورندي ڏني: تو کي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻايو اٿم، اهو ئي ڪافي آهي جنهن ڪري اڳتي هلي ساڻس غداري ڪري سندس حياتيءَ ۾ ئي کيس ڇڏي ويو ـ
    (5) ڀٽو صاحب مٿس انهيءَ ڪري به ناراض هو جو جڏهن کيس ٽڪيٽ ڏنائين ته نوابشاهه جي رهاڪن خدشو ڏيکاريو هو ته حاڪم علي زرداري، ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ وري نوابشاهه جو رخ ڪونه ڪندو جنهن تي هن نوابشاهه ۾ زرداري هائوس ٺهرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ وعدو ڪيائين ته نوابشاهه ۾ ئي دائمي طور رهندو پر ڪاميابيءَکانپوءِ نوابشاهه جو ڪو رخ ئي ڪونه ڪيائين ـ
    (6) حاڪم علي زرداريءَ جي مالي حيثيت ايتري ته ڪمزور هئي جو اليڪشن ورڪ دوران ڪجهه دوست مون کي ٻڌائيندا هئا ته هو بمبينو ۽ اسڪالا جي ڪمائيءَ جا پيسا گهرائيندو هو جيڪي اٽڪل ساڍا ٽي هزار روپيا هوندا هئا ـ
    (7) اها به سچائي آهي ته شهيد ڀٽي جي ڦاهيءَ کانپوءِ هن شهيد ڀٽي کي تقريب ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو جنهن تي شاهه محمد شاهه ۽ ٻين اعتراض ڪيو ته کيس تازو ڦاهي آئي آهي، سندس احسانن کي نظر ۾ رکندي ڪجھه ته خيال ڪري جنهن تي حاڪم علي زرداري مڇرجي پيو ۽ مٿن پ پ پ جا ايجنٽ هئڻ جا الزام مڙهيائين جيڪا سندس ڪريل حرڪت هئي ـ
    (8) ذوالفقار قادريءَ صاحب طرفان اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته سال1973 جي آئين تي زرداري صاحب جا ڀٽي صاحب سان اختلاف هئا سا دعوى بلڪل غلط آهي، اصل ۾ کيس وزير نه ٿيڻ جو صدمو هو جنهن ڪري هن شهيد ڀٽي کي سندس حياتيءَ ۾ ئي ڇڏي ڏنو هو ـ
    (9) حاڪم علي زرداريءَ بابت هڪ اهم انڪشاف جيڪو شهيد ڀٽي جي پي آر او انور خوجا صاحب ڪيو هو تنهن تي ڪنهن ٻئي ڀيري لکبو ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو