فصلي قرض جي انشورنس جو تعارف

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ عبدالعليم ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2016۔

  1. عبدالعليم ميمڻ

    عبدالعليم ميمڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2016
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    فصلن جي قرض جي انشورنس اسڪيم حڪومت جي هدايتن تي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي طرف کان سال 2008 کان سڀني اسپيشلائزڊ توڙي ڪمرشل بينڪن جي ذريعي شروع ڪئي وئي آهي. هن اسڪيم شروع ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ننڍن آبادگارن جي فصل کي قدرتي آفات جهڙوڪ تمام گهڻي برسات جو پوڻ، ٻوڏ، خشڪي يا قحط، طوفان، ٿڌ، فصلن سان لاڳاپيل وائرلي ۽ بيڪٽيريا جو حملو ۽ ٽنڊڻين جي ڪري ٿيل نقصان وغيره کان محفوظ رکجي. پنج مکيه فصلن جهڙوڪ ڪڻڪ، ڪپھ، ساريون، ڪمند، ۽ مڪئي لاءِ بينڪن کان پيداواري قرض کڻندڙن تي فصلن جي قرض جي انشورنس لازمي ڪئي وئي آهي.

    فصلن جي قرض جي انشورنس ڪرائڻ جو طريقو نھايت آسان رکيو ويو آهي . آبادگار قرض کڻڻ وقت بينڪ جي ڪاغذن کان علاوه وڌيڪ هڪ يا ٻه انشورنس جي فارمن تي صحيح ڪندا ته انھن جي فصلن جي قرض جي پوکي کان ويندي لڻائي تائين جي عرصي تائين انشورنس ٿي ويندي. بينڪون قرض کڻندڙ آبادگارن کان حاصل ڪيل انشورنس پريمئم ۽ انھن جي فصل جا تفصيل انشورنس ڪمپنين ڏانھن موڪلينديون. انشورنس ڪمپنيون ان تفصيل جي بنياد تي آبادگارن جا سرٽيفڪيٽ ٺاهي بينڪن ڏانھن موڪلينديون جيڪي آبادگارن کي ڏنا ويندا.


    ننڍن آبادگارن جنھن جي زمين 25 ايڪڙن تائين آهي ان جو انشورنس پريمئم وفاقي حڪومت پاڻ ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. 25 ايڪڙن کان مٿي زمين رکندڙ زميندار انشورنس پريمئم پاڻ ادا ڪندا. ان جي ڪري انشورنس پريمئم جي قيمت تمام گهٽ يعني صرف 1 کان 2 سيڪڙو رکي وئي آ هي.

    [​IMG]


    مٿي ڄاڻيل قدرتي آفات جي سبب جيڪڏھن فصلن کي ڪو نقصان پھچي ان صورت ۾ آبادگار جلد از جلد پنھنجي بينڪ جنھن مان قرض حاصل ڪيو هجي ان سان رابطو ڪري لکت ۾ پنھنجي فصل جي نقصان بابت آگاھ ڪندا. آبادگار جي دعویٰ کي بينڪون نقصان جو جائزو وٺي انشورنس ڪمپني ڏانھن موڪلينديون. انشورنس ڪمپني پنھنجا سرويئر آبادگارن ڏانھن موڪلي ان جي نقصان جو ڪاٿو لڳائينديون ۽ ضروري گھرجون پوريون ڪري آبادگارن جي قرض جي رقم وياج سميت بينڪ کي ادا ڪندي. اهڙي طرح انشورنس ڪمپنيون آبادگار جي فصل جي قرض جو ازالو ڪنديون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو